Saturday, 5 December 2020

Abdul Waheed Travelogue - Koh Marree

 To be checked 

Travelogue - Abdul Waheed 

Assigned by Sir Sohail Sangi

ڪوھ مري جو سفر ۽ سرد موسم

 

شھر اقتدار اسلام آباد کان 33ڪلوميٽر پري ھڪ قدرتي حسن جو شاھڪار جنھن کي ڏسڻ سان ئي ھڪ جان ۾ جان پئجي وـڃي جيتوڻيڪ ڪوھ مري جو شمار پاڪستان جي سڀ کان خوبصورت ترين  علائقي طور  ٿئي ٿو پر ھن علائقي جوشمار  سياحتي حساب سان به  دنيا جي قدرتي خوبصورتي واري علائقي طور به  ٿئي ٿو ھتان جي سرد موسم جيڪا سردين ۾ منفي 2 ڊگري تي بيھي ٿي جيڪا پاڻي کي به  برف ۾ تبديل ڪرڻ لاء ڪافي ھوندي آھي دنيا جي نالي وارن انجنئرس جا  تعميراتي ڪارناما ته  پنھنجو شاھڪار پيش ڪندا آھن پر قدرتي خوبصورتي جو ڪو مثال موجود نه آھي جنھن سان ھن خدا جي قدرتي حسن  کي بيان ڪري سگھجي ھڪ طرف بلند او بالا جبلن جو قطارون ته  وري انھن جو قدرتي ساوڪ سان لڪيل جبلن جو جسم ڄڻ مڪمل لباس جو ڏيک ڏيندڙ آھي

: انھن سر سبز جبلن مان وھندڙ پاڻي جا چشما قدرتي خوبصورتي جي ڄڻ ساراھ پيا ڪن الله  جي قدرت سان جبلن مان نڪرندڙ اھو پاڻي ڄڻ منرل وآٽر جي پاڻي کان به  ڪئي دفعا وڌيڪ صاف ۽ شفاف ھوندو آھي ۽ سندن ان پاڻي ۾ ھٿ وجهي  لطف وٺڻ لاء دل چوندي آھي ته  سندن چپن سان ان پاڻي جي چسڪي وٺجي خاص طور تي سردين جي موسم ۾ اتي ٿيندڙ برف باري سڄي زمين روڊ رستن ۽ جبلن کي پنهنجي آغوش ۾ ڪري ٿي ڇڏي اھيو منظر ڏسندڙن لاء  تمام من موھيندڙ ھوندو آھي

: منفي 2 ڊگري جي سرد موسم ۽ برف باري جي ڪري ماڻھون چانھ جو ڪوپ به   پنھنجي  ھٿ ۾ نٿو پڪڙي سگھي تنھنڪري پنھنجي ھٿن کي پھرين باھ تي سيڪي پوء ماڻھون چانھ جو ڪوپ پڪڙي  مري يقينن ڪنھن جنت نظير وادي کان بلڪل به  گھٽ نه آهي  ھتي ھر سال اندورني ۽ بيروني ملڪ مان سياحن جي تمام وڏي تعداد ھتان جو رخ ڪندي آھي مري اندر توھان کي اعلي ۽ شاندار قسم جا ھوٽل به  رھائش لاء ملي ويندا جن جو 3 ڏينھن جو ڪرائو تقريبن 10 کان 12 ھزار رپين تائين ھوندو آھي پر ڪجھ ھوٽل نارمل ريٽ تي به  دستياب ھوندا آھن ته  جيئين ھتي ايندڙ سياح پنھنجي سگھ آھر رھي ۽ گھمي ڦري سگھن مري ۾ چانھ  ڪجهه مھانگي ضرور آھي جيئن توھان  کي ھتي ڪشميري چانھ 70 روپيا ۽ عام کير واري چانھ 60  روپين تائين ملي سگھي ٿي

: مري جي آس پاس جا علائقا به  خوبصورتي جو شاھڪار رکن ٿا مال روڊ مري جي نالي سان مشھور علائقو جيڪو ڏينھن ھجي يا رات پر تقريبن چوويھ ڪلاڪ ھڪ ميلي جو ڏيک ڏيندو آھي ائين کڻي چئجي ته مال روڊ مري جيڪو ھر وقت سياحن جي گھما گھمي سبب مصروف رھي ٿو مال روڊ مري کان توھان کي اس پاس جي علائقن ۾ ونڃڻ لاء به  ٽيڪسي ڪار ملي ويندي آھي جنھن ۾ آساني سان آس پاس جي علائقن جي خوبصورتي به  ڏسي سگھجي ٿي مري جي آس پاس  ڪجھ منٽن جي مصافحت تي موجود ڪشمير پوائنٽ وارو علائقو به  قدرتي حسن جو نظارو پيش ڪري ٿو ۽ ٻئي طرف پنڊي پوائنٽ جي نالي سان منصوب ھڪ پبلڪ پليس پڻ آھي جيڪا مال روڊ مري کان 15  منٽن جي پيدل مصافحت تي موجود آھي جيڪو پڻ ھڪ قدرتي حسن جو شاھڪار رکي ٿي جنھن ۾ توھان کي گھمڻ لاء توھان کي بجلي جي مدد سان تارن جي ذريعي ھلندڙ  ھڪ ڪرسي ب ملندي جنھن ۾ 2 ماڻھون ويھي ڪري ماڻهون ان علائقي جو فزائي منظر به  ڏسي سگھن ٿا اھا چيئر لفٽ جيڪا 600 روپيا في ماڻھون جي حساب سان توھان کي پـنڊي پوائنٽ کان ويندي ڪشمير پوائنٽ جو علائقو ڏيکاريندي آھي

: پنڊي پوائنٽ ايتري ته  بلند آھي جو توھان چيئر لفٽ ۾ ويھي ڪري اسلام آ باد ۽ راولپنڊي جو فزائي منظر به  ڏسي سگھو ٿا ان کان علاوه  پطرياطا نالي سان ھڪ ٻيو علائقو جنھن کي نيو مري به  سڏيو ويندو آھي ھن وقت تمام گھڻو مشھور آھي جيڪو مري کان صرف پندرھن ڪلوميٽر جي فاصلي تي آھي ملڪي ۽ غير ملڪي سياحن جي تمام وڏي تعداد پڻ ھن علائقي جو رخ ڪندي آھي جنھن ۾ ڪيبل ڪار سسٽم به  آھي جنھن سان پڻ سياح اتان جو فزائي منظر ڏسي سگھن ٿا  بلڪل اھڙي طرح "ايوبيا''  "نٿيا گلي"گھورا گلي"ڀربان" به  تمام خوبصورت ۽ من کي موھيندڙ قدرتي حسن رکن ٿا

: سياحن کي ھڪ ڳالھ جو خيال ضرور رکڻ گھرجي ته   سيا ري  جي موسم ۾ ڪوھ مري ۾ تمام گھڻي سردي ھوندي آھي جنھن سبب انھن کي گھرجي ته ھو اھڙي قسم جي ڪپڙن کي پاڻ سان گڏ رکن  ت جيئن منفي 2 ڊگري جي سردي کي منھن ڏئي سگھجي ۽ اگر توھان ھن علائقي جو سفر پنھنجي گاڏي تي ڪيو ٿا ته پوء گاڏي ھلائڻ وقت احتياط کان ڪم وٺڻ جي ضرورت پوندي ھتان جا روڊ رستا بلند جبلن جي ھنج ۾ ھوڻ ڪري ٿورا دشوار ٿي سگھن ٿا ۽ ھن قدرتي حسن جي شاھڪار جو سفر جون ۽ جولاء جي مھينن ۾ به ڪري سگھجي ٿو ڇو ته  ان ڏينھن ۾ به ھن علائقي جو موسم دل کي سڪون ڏيندڙ ۽ دلفريب ھوندو آھي

عبدالوحيد ايم اي پريويس رول نمبر 6

 

No comments:

Post a Comment