635 words. too short . 1000 plus required. Photos be with caption
to be checked
سفر نامو
شمائلا رند
ايم اي پريويئس
رول نمبر 56
منهنجو سفرٽنڊو محمد خان کان جهرڪ شهر جي طرف,
مون جڏهن جهرڪ شهر جي طرف سفر ڪيو ته اهو ڏينهن ڇنڇر جو هو ۽ صبح جو
وقت 10:00وڳي اسان جهرڪ جي طرف وياسين
پهرين ته اسان پنهنجي مائٽن جي گهر وياسين ته انهن مونکي ٻڌايو ته
پاڪستان جي بانيءَ قائداعظم محمد علي جناح جو گهر به هتي آھي ته مون قائد اعظم محمد علي جناح جي پراڻي گهر کي ڏسڻ جي خواهش ڪئي ۽ سندس هتي جي زندگي بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهيم ته ڪزن سان گڏ نڪري پيس, جڏهن آئون اتي وئيس ته مونکي ان جو گهر ڏيکاريو ته تمام بهتر ٺھيل هو ۽ تمام گهڻو سٺو لڳو ۽ جڏهن مونکي منهنجي ڪزن ٻڌايو ته قائدا عظم محمد علي جناح جو جنم به جناح پونجا جي گهر ۾ هن ئي شهر ۾ 1876ع ۾ ٿيو هو، ان وقت جهرڪ شهر ڪراچي ضلعي ۾ شامل هو. پراڻن درسي ڪتابن موجب قائداعظم پرائمري تعليم جهرڪن ۾ ئي حاصل ڪئي هئي
٠
ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته
قائداعظم هڪ ڏينهن ڪنهن ملڪ جو باني ٿيندو ,هن وڪالت جي اعلي تعليم انگلينڊ ۾ حاصل
ڪئي واپس اچي وڪالت سان گڏ سياست ۾ حصو ورتس جنهن جي ذريعي مسلم ليگ جوڙي
جيڪا انگريزن کي انهي ڳاله تي راضي ڪيو ته جتي مسلمانن جي اڪثريت آهي اتي الڳ
ملڪ ٺاهيو وڃي اهو خواب علامه اقبال ڏٺو جنهن کي قائداعظم مڪمل ڪري مسلمانن جي لاء
هل الڳ ملڪ پاڪستان ٺاهيو جتي اسان آزادي سان رهون ٿا ۽ عبادتون ڪيون ٿا ,اها جدوجهد
انهي قائداعظم جي محنت جو ميوو آهي جيڪو هن ننڍي شهر ۾ جنم وٺي هڪ ملڪ انگريزن کان
آزاد ڪرايو ,جتي اسان اڄ آزادي جي زندگي گذاريون ٿا ,هن شهر جي ڳاله ڪيون ته ا ڄ ڏينهن
تائين جهرڪا ذات جا ماڻهو جهرڪ شهر جي اتر طرف ميل کن پنڌ تي ۽ ڪي درياء جي ٻيءَ ڀر
ٻن ميلن جي مفاصلي تي رهن ٿا. انگريزن جي اوائلي دور ۾ جهرڪ شهر کي خاص اهميت ملي،
هيءُ شهر انهيءَ وقت جهرڪ ڊويزن جي گاديءَ جو هنڌ هو، پر جيئن جيئن هن شهر مان هٿ ڪڍندا
ويا، تيئن تيئن شهر جهرڪ کي به وساريندا ويا، ڊويزن مان گهٽائي کيس محالڪاري ڪيائون،
جنهن جي آفيس هن وقت هاڻوڪي اسپتال جي ڀرسان اتر طرف هڪ دڙي ڀٽ جي صورت ۾ موجود آهي.
ان بعد هي شهر تپي جي حيثيت ۾، تعلقي ڪوٽڙيءَ سان ملايو ويو. جهرڪ اڄ به هڪ تپو آهي.
جهرڪ شهر هن وقت تعلقي ٺٽي ۾ آهي.
ان کان پو۽ اسان ڪينجهر وياسين اتي جي باري ۾ مونکي ٻڌايو ويو ته ھتي زياده ماڻھو گرمي جي موسم ۾ ايندا آهن پر آئون ته سياري جي موسم ۾ ويس ته اتي ماڻهون ته نه هئا پر مونکي سٺو لڳو
اتي وڃڻ سان مونکي ڪجه معلومات ملي ته هتي نوري ڄام تماچي جي هڪ درگاه آهي ان جي باري
۾ ٻڌايو ته
روايتن موجب ڄام تماچي فراغت واري وقت ۾ شيل شڪار به ڪندو هو. اهڙي ئي
هڪ موقعي تي هن ڪينجهر ڍنڍ تي نوري مهاڻي ڏٺي، اُن جي حسن تي موهت ٿيو، پوءِ اُن سان
شادي ڪيائين. ان وقت مونکي سنڌ جي مشھور شاعر
جي هڪ شاعري ياد آئي جيڪا آئون پيش ڪريان ٿي
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ چيو
ٿِئا تماچي ڄامِ سين، مهاڻا محروم،
ننڍِي وڏِي گندريءَ، مٿي ماڙِي ڌومَ،
جي ڪينجهر، جي روم، سي سڀ اِنعامي ٿِئا.
ڪينجهر ڍنڍ جي ڀرسان ڄام تماچيءَ جي ماڙيءَ
جا آثار موجود آهن. ڄام تماچي صلح پسند ۽ عوام دوست حاڪم هو. هن ڪينجهر جي مهاڻن کي
وڏا انعام اڪرام ڏنا ۽ مٿانئن محصول معاف ڪيو. 1392ع ۾ آزاد ۽ خوشحال سنڌ واري دور
۾ وفات ڪئي. بعد ۾ سندس پٽ ڄام صلاح الدين سنڌ جو نئون سلطان بڻيو.
No comments:
Post a Comment