Showing posts with label Hyderabad. Show all posts
Showing posts with label Hyderabad. Show all posts

Saturday, 5 December 2020

Abdul Waheed Social issue : Chemical mixed Milk Hyderabad

 حيدرآباد شھر اندر ھلندڙ ڪيميڪل مليل  زھريلو کير ۽ ان جا انساني جانين تي پوندڙ اثر

جيتو ڻيڪ کير کي دنيا جي مڪمل غذا سڏيو ويندو آھي ڇو ت جڏھن ڪو ٻار پيدا ٿيندو آھي ت ان کي مسلسل ڪجھ عرصي تائين کير پياريو ويندو آھي ۽ ان ٻار جي زندگي جو دارو مدار ان کير تي ئي ھوندو آھي جيستائين ان ٻار ۾ ڪجھ ٻين کاڌن کي کائڻ جي سگھ پيدا ٿئي تنھنڪري اسان چئي سگھون ٿا ت کير ۾ قدرت تمام گھڻيون خوبيون رکيون آھن پر جيئن وقت گذرندو پيو ونڃي تيئن انسانن جي اندر  پيسي کي ڪمائڻ جا غلط طريقا وڌندا پيا ونڃن ھڪ وقت اھو ب ھيو ت سنڌ اندر ڪافي علائقن ۾ کير کي پئسن تي کپائڻ کي غلط سمجھيو ويندو ھيو پر وقت گذرڻ سان گڏ ماڻھن ۾ کير کپائڻ جو رواج شروع ٿيو ۽ ھاڻي ھر ھنڌ  کير پئسن  عيوض وڪرو ٿي رھيو آھي گھڻو وقت پھريان جي نه پر ڪجھ سال پھريان جي ڳالھ آھي ت اسان جتان کير خريد ڪندا ھئاسين ته انھن خير کپائيندڙن کي  اھو چوندا ھئاسين ته  مھرباني ڪري کير ۾ پاڻي جو  استعمال نه  ڪيو پر وقت جي ستم ظريفي اھا آهي ته  اڄ اسان انھن کي اھو چوندا آھيون ته  کير ۾ پاڻي ته  وجھو ٿا پر مھرباني ڪري ڪيميڪل مليل کير نه  ڏيو  مطلب وقت گذرڻ سان گڎ  اسان کير ۾ پاڻي ملائڻ کي ته   قبول ڪيو پر ھاڻي اسان کي بس اھو خوف ھوندو آھي ته  کير کپائيندڙ جيترو مرضي کير ۾ پاڻي وجھن پر کير ۾ زھريلو ڪيميڪل استعمال نه  ڪن ڇو ته کير ۾ جيترو به  پاڻي ھجي ان کي بوائل ڪري پاڻي کي بخارن جي شڪل ۾ کير کان الڳ ڪري سگھجي ٿو پر ڪيميڪل مليل کير ڪيميڪل کان پاڪ نٿو ڪري سگھجي چاھي اسان ان کي بوائل ئي ڇو نه  ڪيون ۽ ڪيميڪل به اھڙا جو ماڻھون کير پيئڻ کان پھرين بيمارين کان پناھ طلب ڪري کير ۾ ڪيميڪل ملائڻ جا  ڪجھ سبب
ڪيميڪل مليل کير جو  وڏو سبب اھو به  آھي ته  اسان جي شھر حيدرآباد جو شمار سنڌ جي ٻئين نمبر وڏي شھر  طور ٿئي ٿو  ۽ايڏي وڏي شھر ۾ مال  پاليندڙ ماڻھن جي تعداد تمام گھٽ آھي  ۽ انجو ٻيو سبب اھو به  آھي ته شھر اندر کير خريد ڪندڙ ماڻھن جو انگ تمام وڏو آھي ۽ شھر تمام ڳتيل آبادي وارو شھر به آھي ۽ ماڻھون شھري ماحول ۾ رھڻ جي سبب ھتان جا رھواسي مال پاليندڙ ماڻھن کي شھر جي مختلف ڪالونين اندر مال رکڻ جي اجازت به  نه ڏيندا آھن جنھن سبب حيدرآباد شھر جا رھواسي کير خريد ڪرڻ لاء شھر اندر موجود مختلف ڊيرين جو رخ ڪندا آھن ۽ سندن ڪيميڪل مليل کير خريد ڪرڻ سندن مجبوري بڻجي وڃي ٿي
 جيڪو کير شھري ڊيرين تان خريد ڪندا آھن اھو ٻن قسمن جو ھوندو آھي 1 ھڪ اھو کير جيڪو مالوند کير کي وڌائڻ جي لاء ھارمونل انجيڪشن جو استعمال ڪري ڏھندا آھن 2 ۽ ٻيو اھو کير جيڪو مصنوعي طور ڪيميڪل ملائي ٺاھيو ويندو آھي جنھن ۾ بلڪل به جانورن جو کير نه پر مڪمل طور تي ڪيميڪل جي مدد سان ٺھيل ھوندو آھي ھاڻي ھڪ سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته پاڪستان کير جي پيداوار ڏيندڙ دنيان جون چو ٿون نمبر وڏو ملڪ آھي  ته  پوء ھن ملڪ اندر جنھن ۾ ايتري وڏي تعداد ۾ کير جي پيداوار ٿيندي آھي ته پوء ھتي مصنوعي طريقي سان ڪيميڪل مليل کير ٺاھڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي  منھنجي نظر ۾ ته انجا ٽي وڏا سبب آھن ته  ڪيميڪل  وارو کير ٺاھڻ جي لاء اسان کي وڌيڪ جانور پالڻا نٿا پون ۽ جڏھن اسان وٽ کير ڏيندڙ جانور گھٽ ھوندا آھن ته  اسان کي کير جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاء ڪيميڪل مليل کير ئي ٺاھي وڪرو  ڪيو ويندو آھي ۽ ٻيو سبب اھو به  آھي ته  ھٿرادو ڪيميڪل سان ٺھيل کير جي ڪا به  حد يا پيمائش نه  ھوندي آھي ڇو ت جيتري مرضي وڏو پلانٽ لڳائي اھو کير تيار ڪري سگھجي ٿو  ۽ ٽيون سبب اھو به  آھي ته  ان کير کي ٺاھڻ ۾ تمام گھٽ وقت لڳندو آھي مطلب تمام گھٽ وقت ۾ جيترو چاهي  کير ٺاھي سگھو ٿا ۽ بس ڊيرين جا ما لڪ ان کير کي خالص کير جو نالو ڏئي وڪرو ڪندا آھن پر حقيقت انجي بلڪل ابتڙ ھوندي آھي
 يقينن جيڪو اصل کير ھندو آھي ليڪٽو ميٽر جي مدد سان ان جي شفاف ۽ خالص ھئڻ  جي خبر پئجي ويندي آھي ڇو ته جڏھن اسان ليڪٽو ميٽر کي پاڻي ۾ وجھنداسين ته  اھو لڳ ڀڳ 30 پوائنٽ ريڊنگ ٻڌائيندو  ۽ جڏھن ريڊنگ 26 پوائنٽ کان به  گھٽ ھجي ت يقينن ان کير ۾ يا ته  پاڻي مليل آھي يا وري اھو کير ڪيمليڪل جي مدد سان تيار ٿيل آھي جيڪو انساني  جانين لاء ڪنھن وبا کان گھٽ نه آھي  صحت جي ماھرن جي مطابق اھو زھريلو کير انسانن جي اندر مختلف بيمارين جو سبب بڻجي ٿو خاص طور تي ميدي جي اندر زخم جھڙين بيمارين گلي جي بيمارين ۽ ڪينسر جھڙي موضي مرض ۾ به  انسان مبطلا ٿي سگھي ٿو ھاڻي ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته  فوڊ اٿارٽي ڊپارٽمينٽ   انھن ڊيرين خلاف ڪاروائي ڇو نه  پئي ڪري جيڪي سرعام زھريلو کير کپائي انساني جانين سان کيڏي رھيا آھن عوامي آغاھي لاء اھيو ضروري آھي ته  توھان کي انھن زھريلي کير ۾ استعمال ٿيندڙ شين جي  باري ۾ خبر ھئڻ گھرجي 
1. يوريا ڀاڻ 
2.ھٿرادو کنڊ 
3. ڪوڪنگ آئل
4. فا رمالن 
5. صرف وغيرھ  
وڏي افسوس جي ڳالھ آھي ته ھاڻي اسان کي خالص کير يا ڏھي ملڻ ھڪ پورو نه  ٿيندڙ خواب جيان لڳي ٿو ڇو ته   اسان وٽ انسانيت جو ڪو قدر ڪون آھي اگر اھئي سڀ زھريليون شيون اگر ڪو جانور به  استعمال ڪري ته  اھو به  زندھ نٿو رھي سگھي پر اھي شيون انسان ئي انسانن کي کير جي صورت ۾  زھر پياري رھيا آھن ۽ انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آھي 
ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته  انتظاميا جانور پاليندڙ ماڻھن کي رليف ڏئي انھن کي ڪجھ سھولتون ڏئي قدرتي کير جي کوٽ کي ختم ڪري سگھي ٿي جنھن سان انساني زندگين کي ان زھريلي کير کان بچائي سگھجي ٿو آخر ۾ آء ايترو چوڻ چاھيندس ته  جيڪڏھن اسان معاملات تي نظر رکون ته  ڪو ب کير کپائيندڙ دڪاندار اسان کي دوڪو نٿو ڏئي سگھي 
 عبدالوحيد ايم اي پريويس رول نمبر 6 

Practical work Under supervision of Sir Sohail Sangi

Abdul Kabeer Travelogue Hyderabad

 

740 words too short 

too short 1000 words required. Writers name is missing in text file. 

Wrong file name 

No photo.

One foto showing ur presence at site 

Assigned by Sir Sohail Sangi 

By Abdul Kabeer

 

حيدرآباد کان اسڪردو جو سير 

 

ڪراچي ايڪسپريس ريل ۾ سفر حيدرآباد کان پنجاب جي سفر لاء رانو ۽ پنجاب جي اڳيان خيبر پختونخواه ۽ گلگت بلتستان تائين وياسين۔ سفر جي شروعات مغرب وقت حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تان ٿي ۽ پوء ريل اچڻ مهل ڪراچي ايڪسپريس ريل ۾ چڙھياسين ۽ سفر لا روانا ٿياسين۔ ريل جو سفر منهنجي لاء پهريون سفر هو ريل جي اڪانامي ڪلاس بوگي ۾ ويٺاسين بوگي ماڻهن مان تمام ڀريل هئي۔ ايتري قدر جو هلڻ جي جگھ تي ماڻهو وڏي تعداد ۾ ويٺل هئا۔ هر ان مسافر کي ان جگھ تان گذرڻ سان دشواري پي ٿي۔ اپريل جي پڇاڙي واري ڏينهن جي گرمي زوردار هئي۔ 2018 جو هي سفر منهنجي لاء ڏکيو به رهيو ۽ گڏوگڏ مزيدار به رهيو۔ سفر حيدرآباد کان رائيونڊ اسٽيشن تائين هو۔ سفر سان گڏ روضو به هو۔ سفر ۾ ايندڙ مشڪلاتن کي برداشت ڪرڻ ڏکيو هو۔ ريل ۾ نوان ماڻهو ڏسي هڪ عجيب ڪيفيت جاڳي پئي ڇو ته خوف اهو هو ته اگر منهنجي ٿوري غيرموجودگي هئڻ سان سامان چوري ٿيڻ جو خدشو هو۔ رات جو سڄو پهر سفر ۾ گذريو, ويندي ڏينهن جي 11 بجي تائين۔ 11 بجي صبح رائيونڊ جي اسٽيشن تي پهتاسين ۽ آخر پوء اتي رائيونڊ مرڪز ۾ وياسين۔ 2 راتون اتي رهي شهر مانسيراه لا روانا ٿياسين۔ مانسيراه جي سفر جي شروعات رات 8 بجي لاهور شهر مان ٿي رات جي سفر دؤران راولپنڊي جي ويجهو هڪ هوٽل تي روضو سحر ڪيو ۽ فجر نماز پڙهي وري پنهنجي سفر لا مانسيراه شهر ڏانهن روانا ٿياسين, ڪجھ ڪلاڪن کانپوء مانسيراه صبح 7 بجي پهتاسين ۽ اتي پهچي مانسيراه مرڪز تي وياسين اتي هڪ رات جو آرام ڪري وري ٻي ڏينهن گلگت بلتستان ڏانهن روانا ٿياسين۔ صبح 8 بجي مانسيراه شهر جي بس اسٽاپ تان مني ڪوسٽر ۾ چڙهي روانون ٿياسين۔ مانسيراه کان گلگت بلتستان جو سفر 16 ڪلاڪن جو هو۔ جئين ئي مانسيراه کان نڪتاسين ته اڳيان خوبصورت منظر اچڻ شروع ٿيا ٿورو اڳيان فاصلي تي هڪ خوبصورت شهر آيو جنهن جو نالو بٽگرام هو۔ بٽگرام جا جابلو علائقا مڪمل مختلف قسمن جي وڻن سان ڀريل هئا۔ روڊ جبلن جي اوچائي تي هئا روڊ هي ٻنهي پاسن کان وڻن جو گهاٽو جنگل هو روڊ جي هڪ طرف وڏي کائي ۽ ٻي طرف جبلن جو سلسلو هو۔ هڪ عجيب قسم جو روڊ ڏسي دهشت ۾ پئجي ويس ڇو ته منهنجي زندگي جو اهو هڪ پهريون وڏو سفر هو۔۽ جبلن جون کايون روڊ جي دهشت هڪ الگ انداز جي هئي۔ جئين ئي اڳيان هلندا رهياسين ته اڳيان وري جبلن جو روپ بلڪل بدلجي ويو۔ ڇو ته شروع وارن جبلن تي وڻڪار هئي جام پوء  اڳيان هلي جبلن تي وڻڪاري بلڪل ختم ٿي چڪي هئي۔ ڪوهستان جا جبل بلڪل پٿريلا هئا ۽ ڪنهن به قسم جي وڻڪاري نه هئي۔ ٿورو وقت اڳيان هلي هڪ نئون علائقو ظاهر ٿيو جنهن جو نالو ”چلاس“ هو۔ چلاس ۾ مغرب جي نماز ادا ڪري ٿورو وقت آرام ڪري وري پنهنجي سفر ڏانهن روانا ٿياسين ۔  رات 10 بجي اسان گلگت بلتستان پهچي وياسين اتي پهچي ڪري هڪ مسجد ۾ رات گذاري۔ صبح 11 بجي اسان هڪ لوڪل وين ۾ چڙهياسين ۽ اسڪردو ڏانهن روانا ٿياسين۔ گلگت شهر ۽ اسڪردو جو مفاصلو 200 ڪلوميٽر هو پر جبلن جي اوچائي تي روڊ سوڙو ۽ پٿريلو هو تنهن ڪري سفر 10 ڪلاڪن جو هو۔ رات 10.30 بجي اسڪردو شهر پهتاسين ۽ اتي هڪ مسجد ۾ ويهي ڪري رات جي ماني کاڌي۔ 2 راتون 3 ڏينهن اسڪردو ۾ رهياسين ڇو ته وڏي سفر جي بيزاري هئي تنهن ڪري اسان کي اسڪردو ۾ ترسڻو پيو۔ اڳتي جي سفر لاء اسان کي ضلع گانچي جي شهر خپلو وڃڻو هو۔ شهر خپلو جو مفاصلو اسڪردو کان 103 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي۔ هڪ دفعو ٻيهر وري صبح جي وقت اسڪردو کان خپلون ڏانهن روانا اسڪردو کان نڪرندي ئي خوبصورت نظارا اکين جي اڳيان گذريا پي۔ سنڌو درياء جي ڪناري تان وين هلي رهي هئي, جون جو مهينو هو پر اتي تمام گھڻي سردي هئي۔ خپلو ۾ پهچي ڪري ٻي ڏينهن اسان پنهنجو دعوات جو ڪم شروع ڪيو۔ خپلون ۾ ڪجھ ڏينهن گذاري واپسي ۾ ”ديوسائي نيشنل پارڪ“ تي وياسين جيڪو اسڪردو کان 60 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف هو۔ صبح 8 بجي اسڪردو کان ديوسائي لاء جيپ ۾ چڙهي روانا ٿياسين۔ جبلن جي اوچائي تي ديوسائي جو منظر تمام خوبصورت ۽ جھڙن جي وچ منجهان جيپ گذري رهي هئي اتي پهچي منجهند جي ماني کائي ڪجھ وقت آرام ڪري وري واپس اسڪردو آياسين۔

رات 9 بجي اسڪردو کان راولپنڊي روانا ٿياسين پوء راولپنڊي ۾ ڪجھ ڏينهن آرام ڪري واپس پنهنجي ڳوٺ ڏانهن روانا ٿياسين۔