740 words too short
too short 1000 words required. Writers name is missing in text file.
Wrong file name
No photo.
One foto showing ur presence at site
Assigned by Sir Sohail Sangi
By Abdul Kabeer
حيدرآباد کان اسڪردو
جو سير
ڪراچي ايڪسپريس ريل ۾
سفر حيدرآباد کان پنجاب جي سفر لاء رانو ۽ پنجاب جي اڳيان خيبر پختونخواه ۽ گلگت
بلتستان تائين وياسين۔ سفر جي شروعات مغرب وقت حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تان ٿي ۽ پوء
ريل اچڻ مهل ڪراچي ايڪسپريس ريل ۾ چڙھياسين ۽ سفر لا روانا ٿياسين۔ ريل جو سفر منهنجي
لاء پهريون سفر هو ريل جي اڪانامي ڪلاس بوگي ۾ ويٺاسين بوگي ماڻهن مان تمام ڀريل
هئي۔ ايتري قدر جو هلڻ جي جگھ تي ماڻهو وڏي تعداد ۾ ويٺل هئا۔ هر ان مسافر کي ان
جگھ تان گذرڻ سان دشواري پي ٿي۔ اپريل جي پڇاڙي واري ڏينهن جي گرمي زوردار هئي۔
2018 جو هي سفر منهنجي لاء ڏکيو به رهيو ۽ گڏوگڏ مزيدار به رهيو۔ سفر حيدرآباد کان
رائيونڊ اسٽيشن تائين هو۔ سفر سان گڏ روضو به هو۔ سفر ۾ ايندڙ مشڪلاتن کي برداشت
ڪرڻ ڏکيو هو۔ ريل ۾ نوان ماڻهو ڏسي هڪ عجيب ڪيفيت جاڳي پئي ڇو ته خوف اهو هو ته اگر
منهنجي ٿوري غيرموجودگي هئڻ سان سامان چوري ٿيڻ جو خدشو هو۔ رات جو سڄو پهر سفر ۾
گذريو, ويندي ڏينهن جي 11 بجي تائين۔ 11 بجي صبح رائيونڊ جي اسٽيشن تي پهتاسين ۽ آخر
پوء اتي رائيونڊ مرڪز ۾ وياسين۔ 2 راتون اتي رهي شهر مانسيراه لا روانا ٿياسين۔ مانسيراه
جي سفر جي شروعات رات 8 بجي لاهور شهر مان ٿي رات جي سفر دؤران راولپنڊي جي ويجهو هڪ
هوٽل تي روضو سحر ڪيو ۽ فجر نماز پڙهي وري پنهنجي سفر لا مانسيراه شهر ڏانهن روانا
ٿياسين, ڪجھ ڪلاڪن کانپوء مانسيراه صبح 7 بجي پهتاسين ۽ اتي پهچي مانسيراه مرڪز تي
وياسين اتي هڪ رات جو آرام ڪري وري ٻي ڏينهن گلگت بلتستان ڏانهن روانا ٿياسين۔ صبح
8 بجي مانسيراه شهر جي بس اسٽاپ تان مني ڪوسٽر ۾ چڙهي روانون ٿياسين۔ مانسيراه کان
گلگت بلتستان جو سفر 16 ڪلاڪن جو هو۔ جئين ئي مانسيراه کان نڪتاسين ته اڳيان
خوبصورت منظر اچڻ شروع ٿيا ٿورو اڳيان فاصلي تي هڪ خوبصورت شهر آيو جنهن جو نالو
بٽگرام هو۔ بٽگرام جا جابلو علائقا مڪمل مختلف قسمن جي وڻن سان ڀريل هئا۔ روڊ جبلن
جي اوچائي تي هئا روڊ هي ٻنهي پاسن کان وڻن جو گهاٽو جنگل هو روڊ جي هڪ طرف وڏي
کائي ۽ ٻي طرف جبلن جو سلسلو هو۔ هڪ عجيب قسم جو روڊ ڏسي دهشت ۾ پئجي ويس ڇو ته
منهنجي زندگي جو اهو هڪ پهريون وڏو سفر هو۔۽ جبلن جون کايون روڊ جي دهشت هڪ الگ
انداز جي هئي۔ جئين ئي اڳيان هلندا رهياسين ته اڳيان وري جبلن جو روپ بلڪل بدلجي
ويو۔ ڇو ته شروع وارن جبلن تي وڻڪار هئي جام پوء
اڳيان هلي جبلن تي وڻڪاري بلڪل ختم ٿي چڪي هئي۔ ڪوهستان جا جبل بلڪل پٿريلا
هئا ۽ ڪنهن به قسم جي وڻڪاري نه هئي۔ ٿورو وقت اڳيان هلي هڪ نئون علائقو ظاهر ٿيو جنهن
جو نالو ”چلاس“ هو۔ چلاس ۾ مغرب جي نماز ادا ڪري ٿورو وقت آرام ڪري وري پنهنجي سفر
ڏانهن روانا ٿياسين ۔ رات 10 بجي اسان
گلگت بلتستان پهچي وياسين اتي پهچي ڪري هڪ مسجد ۾ رات گذاري۔ صبح 11 بجي اسان هڪ
لوڪل وين ۾ چڙهياسين ۽ اسڪردو ڏانهن روانا ٿياسين۔ گلگت شهر ۽ اسڪردو جو مفاصلو 200
ڪلوميٽر هو پر جبلن جي اوچائي تي روڊ سوڙو ۽ پٿريلو هو تنهن ڪري سفر 10 ڪلاڪن جو هو۔
رات 10.30 بجي اسڪردو شهر پهتاسين ۽ اتي هڪ مسجد ۾ ويهي ڪري رات جي ماني کاڌي۔ 2 راتون
3 ڏينهن اسڪردو ۾ رهياسين ڇو ته وڏي سفر جي بيزاري هئي تنهن ڪري اسان کي اسڪردو ۾
ترسڻو پيو۔ اڳتي جي سفر لاء اسان کي ضلع گانچي جي شهر خپلو وڃڻو هو۔ شهر خپلو جو
مفاصلو اسڪردو کان 103 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي۔ هڪ دفعو ٻيهر وري صبح جي وقت اسڪردو
کان خپلون ڏانهن روانا اسڪردو کان نڪرندي ئي خوبصورت نظارا اکين جي اڳيان گذريا پي۔
سنڌو درياء جي ڪناري تان وين هلي رهي هئي, جون جو مهينو هو پر اتي تمام گھڻي سردي
هئي۔ خپلو ۾ پهچي ڪري ٻي ڏينهن اسان پنهنجو دعوات جو ڪم شروع ڪيو۔ خپلون ۾ ڪجھ
ڏينهن گذاري واپسي ۾ ”ديوسائي نيشنل پارڪ“ تي وياسين جيڪو اسڪردو کان 60 ڪلوميٽر ڏکڻ
طرف هو۔ صبح 8 بجي اسڪردو کان ديوسائي لاء جيپ ۾ چڙهي روانا ٿياسين۔ جبلن جي
اوچائي تي ديوسائي جو منظر تمام خوبصورت ۽ جھڙن جي وچ منجهان جيپ گذري رهي هئي اتي
پهچي منجهند جي ماني کائي ڪجھ وقت آرام ڪري وري واپس اسڪردو آياسين۔
رات 9 بجي اسڪردو کان
راولپنڊي روانا ٿياسين پوء راولپنڊي ۾ ڪجھ ڏينهن آرام ڪري واپس پنهنجي ڳوٺ ڏانهن
روانا ٿياسين۔