Showing posts with label Education system. Show all posts
Showing posts with label Education system. Show all posts

Sunday 31 January 2021

Sanam IR Jamshoro Education system

To be checked

Wrong file name, despite repeated notices 

Students name and roll No is missing in file  

No foto

No document 

No attribution 

No proper reference

This is not investigation report   

ڄامشورو تعليمي شهر: ڏئي هيٺان اونداه

§         ڄامشورو شهر بابت:

ڄامشورو شهر جيڪو سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي، ان سان گڏوگڏ هتان جابلو پٽي جو پڻ گذر ٿئي ٿو جيڪو وري کيرٿر جبلن کان ٿيندو حماليه جبل تائين پهچي ٿو. قدرتي حوالي سان اهميت رکندڙ هي شهر تعليمي حوالي سان به تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، جتي جنرل يونيورسٽي هجي يا ميڊيڪل يونيورسٽي سميت انجنيئرنگ، آرٽ جي يونيورسٽيون اسان کي هن شهر ۾ ملنديون، جن ۾ سنڌ يونيورسٽي جيڪا پاڪستان جي ٻيو نمبر پراڻي يونيورسٽي طور ڪوٺجندڙ يونيورسٽي، اتي وري طب جي حوالي سان لياقت يونيورسٽي ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز، انجنيئرنگ جي مڃيل يونيورسٽي مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي، وري اتي ئي آرٽ جي حوالي سان شهيد الله بخش سومرو آرٽ يونيورسٽي سميت پيرا ميڊيڪل انسٽيوٽ، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو، نرسنگ اسڪول سميت ٻيا مختلف پبلڪ ۽ پرائيويٽ تعليمي ادارا موجود آهن.

ان سڄي پسمنظرکي ڏسجي ته ڄامشورو شهر بلڪل تعليمي شهر نظر ايندو، جتي تعليم جي کوٽ نظر نه ايندي، پر وري جڏهن وري اسان تعليم جي انهن اعليٰ ادارن جي آسپاس جي وسندين کي ڏسنداسين ته عجيب صورتحال نظر ايندي. جيڪا وري اسان کي ايئن لڳندو ته جيئن ڏيئي هيٺان اونداهه جهڙو مثل نظر ايندو. آبادي جي حوالي سان ھتي آبادي  249,307 آھي، ھتي فنڪشنل اسڪول 672 آھن جيڪي صوبائي سطح جي حولاي سان 82 سيڪڙو پبلڪ سيڪٽر اسڪول موجود آھن، جڏھن تہ ڄامشورو ضلعو جيڪو پوري سنڌ ۾ تمام گھٽ انرولمينٽ رکندڙ ضلعن مان ھڪ آھي، جيڪو 47 سيڪڙو تائين ٻارن جي داخلہ وٺي سگھندڙن ۾ شمار ٿئي ٿو. انھن ۾ وري 81 سيڪڙو اسڪولن ۾ بانڊري وال، 55 شيڪڙو ۾ باٿروم، 16 سيڪڙو ۾ بجلي ۽ 35 سيڪڙو اسڪولن ۾ پاڻي جي سھولت ملندي.  تعليمي ادارن جي آسپاس جي وسندين جا رهواسي جيڪي اڪثر ڪري معاشي طور ڪمزور نظر ايندا ته وري هتي اهي رهواسي تعليمي جي خزاني کان به محروم نظر ايندا. ڄامشورو شهر هجي يا آسپاس جا شهر، ڳوٺ يا وسنديون، اهي پنهنجي بيهڪ جي ڪري ته نالي وارا آهن پر تعليم جي رخ کان اوجهل آهن.

§         تعليمي سسٽم ۽ ان جي صورتحال

 ارڙھين ترميم کان پوءِ ٻين شعبن وانگر تعليم بہ صوبائي زمري ۾ اچي ٿو. جنھن ۾ صوبن پاران نصاب، سليبس، سينٽر آف ايڪسيلينس، 12 تائين اسڪول جي معيار وغيرہ کي صوبا ڏسندا. جيڪا تعليم وري مفت ڏني ويندي. ڄامشورو شهر جاگرافيائي حوالي سان ته هڪ بهترين شهر آهي ته اتي ئي وري تعليم جيڪا شاگردن توڙي شاگردياڻين لاءِ آهي اهو نظام عجيب و غريب نظر ايندو. هتي اسان کي ڇوڪرن جا اسڪول به ملندا ته اتي ڇوڪرين جا به اسڪول ملندا پر اتي عجيب سسٽم رائج ٿيل آهي ڪٿي ڇوڪرين جا اسڪول جي بلڊنگ نه هجڻ يا نه ختم ٿيندڙ تعميراتي ڪم جي ڪري ٻن ٻن شفٽن ۾ اسڪول هلن ٿا، جنهن ۾ اسان تمام ويجهو ئي نظر وجهنداسين ته ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي شهر جو پراڻو ڇوڪرن جو پرائمري اسڪول ڪافي عرصي کان تعميراتي مرحلي ۾ هلي رهيو آهي جنهن ڪري وري ڇوڪرين جي پرائمري اسڪول ۾ شفٽن تي اسڪول جا ڪلاس هلايا پيا وڃن. جيڪو مختلف وقتن تي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي رپورٽ ٿيو هو پر صورتحال ساڳي ئي برقرار آهي. وري ٿورو اڳتي ڏسجي جنهن ۾مڊل ۽ هائيرسيڪنڊري ايجوڪيشن ته ان جي صورتحال به ساڳي ئي آهي. ڄامشورو شهر ۾ ڪو به ڪاليج نظر نه ايندو، وري اتي هائيرايجوڪيشن جي حوالي سان اسڪولن جي بلڊنگس ۾ ڪاليج جا ڪلاس پڻ شفٽن ۾ هلي رهيا آهن. انهن جو متبادل وري ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد شهر ويجهو پئي ٿو جنهن ڪري شاگرد ۽ شاگردياڻيون اتي جي ڪاليجن جو رخ ڪن ٿا، جنهن سان تعليم ته حاصل ڪن ٿا پر وري انهن سان ٽرانسپورٽ سميت گهر جي ماحول جي ڪري آزادي نه هجڻ سان گڏوگڏ ڪافي مسئلا عام آهن. اها سڄي صورتحال پوري شهر جي آهي جنهن ڪري تعليم جو نظام عجيب و غريب نوعيت وانگر نظر ايندو. وري جيڪڏهن ڳالهه ڪجي تعليمي ادارن اندر سهولتن جي ته اهي نه شايد ڄڻ ڪو اولمپڪ جو ڪپ هجو، جيڪو حاصل ڪرڻ تمام وڏو ڪارنامو هجي. بجلي، پاڻي، صفائي جو بهتر نظام، راندين جا ميدان، ياندين جون سهولتون، ڪمپيوٽر سميت ٻيون لاڳاپيل سهولتون تمام گهٽ ته ڪٿي وري صفا نظر ئي نه اينديون. ان جي باوجود جيڪڏهن اتي انهن مان ڪي سهولتون موجود به آهن ته وري انهن جي سارسنڀال وارو، سيکارڻ وارو عملو، لاڳاپيل استادن جي سخت کوٽ نظر ايندي. انھن سمورين شين جي ڪري 40 سيڪڙو ڇوڪرا ۽ 55 سيڪڙو چوڪريون اسڪول کان ٻاھر نظر ايندا. اسان کي 45898 ٻار پرائمري، 11895 مڊل، 5647 سيڪنڊري، 1278 ٻار ھائير سيڪنڊري ۾ ملندا.

§         اسٽيڪ هولڊرس جو ڪردار

تعليم هجي يا ٻيو ڪو به شعبو ان جي بهتري ۽ سڌارن لاءِ ڪن ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو آهي. پر هتي شهر ڄامشورو ۾ ته تمام گهڻا اسٽيڪ هولڊرس نظر ايندا پر انهن جي ڪردار ادا ڪرڻ وارو عمل نظر نه ايندو. ڪجهه ماڻهو صرف نالي ماتر پنهنجي سياسي، سماجي تحريڪون هلائن ٿا پر باضابطا طور تي تعليم جي بهتري لاءِ ڪو به عمل نظر نه اچي رهيو آهي. اتي وري ايم پي اي، ايم اين اي، استاد ۽ انهن جون تنظيمون، تعليمي کاتي جا آفيسر ۽ والدين ڄڻ هن شهر جا رهواسي ئي نه هجن. سڄي شهر جي تعليمي ادارن ۾ ڪا خاص نمائندگي ڪندڙ نظر ئي نه ايندا وري سياسي اثررسوخ جي ڪري ڪير اڳتي اچڻ کاءِ به تيار نه آهي.

 

§         سماجي ذميواري

تعليم هڪ اهڙو ذريعو آهي جنهن کي حاصل ڪري هر قوم پنهنجي روشن مستقبل کي پاڻ لکي سگهي ٿي پر هتي اها سماجي ذميواري سمجهڻ ڄڻ ته نه ايندڙ خواب نظر لڳندو، اچي شايد ئي هتان جي ماڻهن کي، ادارن جي سربراهن کي، هتان جي چونڊيل نمائندن کي نظر ايندو. سماج کي سڌارڻ لاءِ سڌريل ملڪن ۾ ڪافي ادارا ۽ ماڻهو هوندا آهن جيڪي تعليم، صحت سميت سمورن بنيادن سهولتن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺنديون آهن پر افسوس ڄامشورو شهر ۾ اهڙي قسم جي ڪو به نظام نظر نه ايندو. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته هتان جا چونڊيل نمائندا هتان جي ماڻهن کي بنيادي سهولتون کي اهميت ڏيندي تعليم سميت سموريون سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ قدم کڻن، سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمون پنهنجو ڪردار ادا ڪري لاڳاپيل عملدارن کي سجاڳي ڏيارين ۽ پنهنجي اولاد جي بهتر مستقبل جي لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪن.

Practical Work carried under supervision of Sir Sohail Sangi