Sunday 31 January 2021

Bilal Mustafa Bughio IR on Badah Health centre

Investigative Report on Badah Health centre

 To be checked 

Bilal Mustafa Bughio MA Previous 

Too many pictures, without file name and proper caption to related the story 

Documents? 

No attribution, no reference of any report.

No figures and fact.

باڊھ شھر جو سرڪاري صحت مرڪز بي ڌياني جو مرڪز بڻيل   (Investigative Report)

بلال مُصطفيٰ ٻگهيو، ايم اي پريوس، رول نمبر سورنهن        (16)

                                 

 

 First para does not tell any thing. 

Without this first para is deleted, story is complete

first para should be punching interesting

[[گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي باڊھ شهر تي نظر گهمائجي ٿي ته کوڙ سارا بنيادي مسئلا ملن ٿا. جن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ کان ويندي نيڪالي جي ناڪارا نظام تائين، نوجوانن جي منشيات واپرائڻ کان ويندي شهر ۾ هر روز وڌندڙ انڪروچمينٽ تائين، جيڪڏهن امن امان جي صورتحال کي ڏٺو ويندو ته ائين لڳندو جيئن بدامني جو راڪاس هن شھر مٿان ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو پنهنجي دهشت جا پر پکيڙيندو ۽ سڀ کان اهم مسئلو هتي عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ هجي ٿو. ان چواڻي ته ´تندرستي هزار نعمت آهي` يا وري بلڪل ائين ´جيءُ خوش ته جهان خوش` ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسين دنيا جي ترقي يافته ملڪن ڏانهن ڏسون ٿا ته اتي سڀ کان بهترين ڪم اتان جي اسپتالن ۾ هجي ٿو. ٻاهرين ملڪن منجھ ڪارو وهنوار کان وٺي جنهن به شعبي ڏانهن رخ ڪجي ٿو ته اتان جي حڪومت پاران اهڙو قابل تعريف نظام جوڙيو ٿو وڃي جنهن جي ڇا ڳالھ ڪجي ۽ اهڙي طريقي سان اسپتالن ۾ موجود تربيت يافته ڊاڪٽر ۽ عملو سٺي نموني سان پنهنجا فرائض سرانجام ڏيندي انسانيت کي اولين ترجيع ڏئي ٿو.[[

 

[[[صحت کاتي جي حوالي سان ڳالھ ڪيون ته پوري سنڌ اندر صورتحال انتهائيءَ خراب نظر اچي ٿي ۽ اسپتالن ۾ خُدا جي خلق لاءِ سرڪاري طور بنيادي سهولتون به ميسر نٿيون ڪيون وڃن بهتر علاج نه ٿيڻ خاطر سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. پر ٻئي پاسي ڏسجي ٿو ته]]

 ٻن لکن کان مٿي آبادي رکندڙ شھر باڊھ جو رورل هيلٿ سينٽر جنهن جي منظوري شھيد جمهوريت ذوالفقار علي ڀٽي ڏني هئي. جنهن بعد رورل هيلٿ سينٽر جو قيام 1977ع ۾ ٿيو. جنهن جو افتتاح ان وقت جي صوبائي وزير عبدالوحيد ڪٽپر ڪيو هيو. شهر ٻاهران باڊھ نصيرآباد روڊ ڀرسان قائم ڪيل باڊھ ڳوٺاڻو صحت مرڪز سهولتن جي کوٽ سبب غريب ۽ مسڪين ماڻھن لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي. گذريل ويهن سالن کان اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ هجڻ ڪري علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي دربدري واري سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

 Population figures contradictory

باڊھ شھر جنهن جي ڪل آبادي هڪ لک کان مٿي آهي جڏهن ته ڀرپاسي جي ننڍن ننڍن ڳوٺن کي گڏيل طور تي آبادي جي حوالي سان ڏسجي ٿو ته انگ اکر لڳ ڀڳ اڍائي لکن تائين وڃي رسن ٿا. ڇاڪاڻ ته باڊھ شهر ويجهو ٻهراڙين جا کوڙ مريض سرڪاري اسپتال ڏانهن رخ ڪن ٿا جتي کين سهولتن جي اڻ هوند ڪري تڪليف واري حالت مان گذرڻو پوي ٿو. ڪيترائي ڀيرا سنڌ حڪومت پاران باڊھ کي تعلقي جو درجو ڏيڻ لاءِ جاري ٿيل نوٽيفيڪيشن تي هاڻي تائين ڪو عمل ناهي ٿي سگهيو. جنهن جي ڪري ئي اڃا تائين باڊھ ڳوٺاڻو صحت مرڪز اپ گريڊ ٿي سول اسپتال ۾ تبديل ناهي ٿيو. اسپتال اڄ به رورل هيلٿ سينٽر طور ڪم ڪري رهي آهي. شھر جي سول سوسائٽي ۽ سماجي تنظيمن پاران مختلف وقتن تي اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند خلاف اسپتال جي مين گيٽ اڳيان ۽ پريس ڪلب باڊھ سامهون علامتي بک هڙتالون ۽ احتجاج ٿي چڪا آهن پر ´رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا` واري ڪار لڳي پئي آهي توڙي جو چونڊيل عوامي نمائندا به اچن ٿا جن اسپتال کي اپ گريڊ ڪري سهولتون مهيا ڪرڻ کان ويندي باڊھ شھر کي تعلقي ڪرڻ جا واعدا به پڻ ڪيا پر اهي سمورا واعدا اڄ ڏينهن تائين ڪنهن تڪميل تي ناهن پهتا، جاري ٿيل نوٽيفيڪيشن تي به عمل نه ٿي سگهيو آھي ۽ نه ئي وري اسپتال ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي بهتر علاج جون ڪي چند سهولتون ملي سگهيون آهن.


Properly give figure of paramedics, technicians What is sanctioned strength? 

هن وقت باڊھ جي ڳوٺاڻي صحت مرڪز ۾ موجود هڪ ليڊي ڊاڪٽر سميت پنج MBBS ڊاڪٽر، هڪ ايم او، چار ليڊي هيلٿ وزيٽرس، هڪ پٽيوالي سان گڏ ٽيهن ڄڻن تي مشتمل عملو پنهنجو فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي جڏهن ته اسپتال ۾ ڪا به اسٽاف نرس موجود ناهي.

vague statement

 توڙي جو اڪثر شعبن جي ڊاڪٽرن جون پوسٽون خالي پيل آهن. صحت کاتي سنڌ پاران سنڌ جي ٻين اسپتالن وانگر اين جي اوز ۽ آءِ ايڇ ايس کي ڄاڻايل اسپتال جا سمورا انتظامي معملا سندن حوالي ڪيا ويا جنهن بعد سرڪاري طور مريضن کي ملندڙ صحت جون سموريون سهولتون کسجي ويون. دوائن جي اڻھوند ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ جي نتيجي ۾ خدا جي خلق صحت جي سمورين سهولتن کان محروم ٿي وئي آهي. ٻئي طرف اسپتال ٽيھ ورھيه گذرڻ باوجود هاڻي ايترو ته ڪمزور ٿي چڪي آهي جو جنهن جي ختم ٿيڻ/ڪيرڻ جا ڪهڙي وقت به خدشا آهن ۽ انتظاميه اهو سڀ ڪجھ ڄاڻيندي به زبون حالت ٿيل عورت ويم گهر کي ڪتب آڻيندي انساني زندگين سان ويساھ گهاتي ڪري رهي آهي ساڻن ڪير پڇڻ وارو ئي ناهي. ڪجھ وقت پهرين نئين عمارت لاءِ ٻه بلاڪ تعمير ڪيا ويا آهن جيڪي OPD طور استعمال ٿي رهيا آهن.

 Medicines shortage to be proved

What is daily OPD? Monthly OPD?

Indoor patients?

what facilties are sanctioned? but not available

How much medicines are provided

هر مهيني لکين روپين جي بجيٽ رکندڙ رورل هيلٿ سينٽر اسپتال مان باڊھ سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن مان مفت علاج لاءِ اسپتال ايندڙ مرد، عورتون، ٻڍڙا ۽ معصوم ٻارڙا بنا علاج ۽ دوائون نه هجڻ ڪارڻ مايوس ٿي موٽڻ لڳن ٿا. مريض عورتن ۽ مردن کي ڊاڪٽر تپاسڻ لاءِ ئي تيار ناهن ڊاڪٽرن توڙي پوري عملي پاران ساڻن ماٽيلي ماءُ کان به بدتر سلوڪ ڪيو وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ مريض ويتر اداسي جو شڪار ٿي وڃن ٿا. جڏهن ته جن چند مريضن کي ڊاڪٽر چڪاسڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪن ٿا ۽ دوائون ڏيڻ جو وقت اچي ٿو ته کين پوري دوا نه هجڻ جو سبب ڄاڻائي اسپتال ٻاهران قائم ڪيل نجي ميڊيڪل اسٽورن تان دوائون خريد ڪرڻ لاءِ پرچي لکي ڏني پئي وڃي. دوائون نه هجڻ جو سبب اسپتال انتظاميه حڪومت طرفان اسٽاڪ نه فراهم ڪرڻ ٻڌائي ٿي سندن اهو به چوڻ آهي ته دوائون وقت بي وقت گهٽ اچڻ ۽ گذريل سال کان سموري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ ڪندڙ ناول ڪورونا وائرس ڪارڻ حڪومت پاران پرائيويٽائيزيشن جو معائدو آهي. باڊھ هيلٿ سينٽر کي مليل ٻن ايمبولينس مان هڪ خراب هجڻ ڪري ڪافي عرصي کان اتي ئي بيٺل آهي جڏهن ته هڪ ايمبولينس استعمال هيٺ آهي جنهن کي سرڪاري طور پئٽرول نه ملڻ جو سبب ڄاڻائي غريب مريضن کان پئسا وٺي کين ايمبولينس ۾ ويهڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي.

 Case of dog bite, snake bites, number in a month or year

بدقسمتي سان تعلقو نه ٿيڻ ڪري چوڏهن وارڊن تي ٻڌل شھر باڊھ جي ڳوٺاڻي صحت مرڪز ۾ ڪتي جي چڪ کان بچاءَ واري انجيڪشن ۽ ٻئي ڪنهن نانگ بلا جي چڪ جون انجيڪشنون ميسر نه هجڻ ڪري اهڙن حادثن ۾ زخمي ٿيندڙ مريض جڏهن مرڻينگ ٿي وڃن ٿا ته کين پرائيويٽ يا وري ڪنهن وڏي شهر ڏانهن موڪليو وڃي ٿو جنهن ڪارڻ مريض زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ٿو. صحت جون سهولتون نه هجڻ برابر آهن ٻھراڙين مان ڪرايو ڀري مفت علاج ڪرائڻ لاءِ اسپتال ايندڙ مريضن کي پرچيون لکي ڏنيون وڃن ٿيون ۽ جڏهن ته ڊاڪٽر توڙي ڊاڪٽرياڻي سيٽ ڇڏي هليا وڃن ٿا. دوا ته ٺهيو پر کين اهو به ٻڌائڻ لاءِ آماده ناهن ته هي دوا ڪٿان ملندي. اسپتال ۾ ايندڙ اڪثر مريض بهتر علاج نه ٿيڻ، دوائون نه ملڻ، ڊاڪٽرن جي نه هجڻ، اسٽاف پاران بدتر سلوڪ اختيار ڪرڻ، شام توڙي رات جي وقت ڊاڪٽرن جي غير موجودگي ۽ عورت جي ويم دوران پئسا ڀرڻ جو شڪايتون ڪندي ملن ٿا.

 In investigative report there are recommendations, not demands. Demands should be from some particuar person or organisation

باڊھ ۽ ڀرپاسي جو غريب عوام سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪري ٿو ته شھر کي تعلقو ڪرڻ سان گڏوگڏ صحت کاتي سنڌ ۽ آئي ايڇ ايس جي اختيارين کان گهر ڪري ٿو ته ڳوٺاڻي صحت مرڪز کي سول اسپتال جو درجو ڏئي باڊھ شهر ۽ آس پاس جي غريب عوام تي رحم ڪري علاج جون بهتر سهولتون مهيا ڪيون وڃن، جيڪو اسان جو آئيني حق آهي. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته هتان جا اگهور ننڊ پيل چونڊيل نمائندا ۽ صحت کاتي جون اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي فوري طور تي ڄاڻايل اسپتال ۾ ڊاڪٽرن، نئين عمارت جي تعميراتي ڪم کان ويندي دوائون جي کوٽ ختم ڪري مريضن کي بهتر علاج جون سهولتون ميسر ڪري ڏنيون وڃن

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

No comments:

Post a Comment