Wednesday 25 November 2020

Travelogue Noor Jahan

 To be checked 

wrong subject line, wrong file name, this will create mess. Writer;s name is missing in the text file. 

This practice can result into no entry of your name in the list.

Do not insert photo in the text file.  
Do not send from some others email

سفر نامو ٿر جو

Noor Jahan

Mmc2k20 roll number 38

هيئن ٿر جو ڳالهه ٻڌائينداهئاسي ٿرگهمڻ جي لحاظ کان تمام  سٺو هوندو ، اهو به جڏهن برسات جي موسم ۾ ڇو ته جڏهن برسات وسندي آهي ته ٿر سڄو سائو ٿيندو آهي ٿر جون ڀٽون ۽ وڻ ساوا ٿيندا آهن. اسان کي ٿر گهمڻ جو به شوق هيو پرحالات جي ڪري هرسال ٿر گهمڻ لاءِ دل ڏاڍي چوندي هئي آخر ڪار 17 آگسٽ سال 2019ع ۾ بابا خواهش ڏيکاري ته هلو ٿر گهمي اچون، بابا کي ٿر ۾ ٻن دوستن جي طرفان دعوت هر سال ملندي هئي، هن سال بابا اسان کي تيار ڪيو، اسان پنهنجي گاڏي ۾ چڙهي صبح جو سويري ڳوٺ کان روانه ٿياسين اتان حيدرآباد آياسين اتي هڪ هوٽل تي گاڏي روڪي سين، اتي چانهه پيتي سين، اتان نڪتاسين حيدرآباد کان ميرپور روڊ تي گاڏي چڙهي اتان اسان ٽنڊوڄام ڪراسي ڪيوسين، اتان اڳتي ٽنڊوالهيار ڪراس ڪيوسين، اتان پوءِ ميرپور باءِ پاس وٺي ٿر واري روڊ تي چڙهياسين، اڳتي ڪافي سفر ڪيوسين، اسان بابا کي چيو ته ڪٿي بريڪ لڳا ته ڪجهه وقت ريسٽ ڪريون هڪ هوٽل تي پهتاسين اتي گاڏي مان لٿاسين اتي اسان چانهه پيتي سين، اسان گهر کان پهريون دفعو نڪتاسين اسان پاڻ ۾ چار هئاسين، هڪ آئون، منهنجي ننڍي ڀيڻ ۽ هڪ منهنجو ڀاءُ ۽ بابا، بابا اسان کي سجھي رستي ۾ هر شهر ۽ اسٽاپ جي گائيڊنگ ڏيندو رهندو آهي، اتان ڪجهه ٽائيم ريسٽ ڪري نڪتاسين، اتان سڌو وياسين اهو قلعو نئون ڪوٽ شهر جي ڀرسان اوڀر طرف آهي، اسان گاڏي پارڪ ڪئي پوءِ اسان سڀئي قلعي جي اندر گهمڻ وياسين، قلعو ڏاڍو وٺندڙ هيو، قلعي ۾ اندر چوطرف کان باريڪون ٺهيل هيون ۽ مورچا ٺهيل هيا، قلعي تي مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪٽيون ٺهيل هيون، انهن ڏاڪڻين تي چڙهي مٿي واسين انهيءَ ڏينهن گرمي زياده هئي، ڇاڪاڻ جو موسم برساتي هئي، گهُٽ ۽ هبس زياده هئي، هوا جو نالو ئي نه هجي، اهو ٽائم هيو ڏنهن جو 2 وڳي جو، قلعي ۾ ميرن جي دور جي حساب سان اندر ڪمرا ٺهيل هئا ۽ قيدين جي قيد خانه انهن سزا لاءِ ڦاسي گهاٽ ٺهيل هو، قلعي جي ايراضي وڏي هئي، قلعي جي مٿان چوطرف کان مورچا ٺهيل هئا ۽ پراڻيو طوفون به رکيل هيون، اتان گهمڻ کانپوءِ اسان اتان نڪتا اڳتي روانه ٿياسين، اڳتي بابا جو هڪ دوست سان فون تي رابطو هيو، اهو اڳيان هڪ ننڍو اسٽاپ هو، اتي اهو دوست بابا جو بيٺل هيو، انهيءَ سان بابا مليو هيو، اسان کي پنهنجي ڳوٺ وٺي ويو، شام جي ٽآئيم اسين اتي پهتاسين، هلڪي هلڪي برسات بگه شروع ٿي وئي، ٿر وارن جا گهر اڪثر ڪري گول چونرا ٺهيل هوندا آهن، هاڻي ته ڪجهه پڪيون جايون به ٺهيل هيون، اسان کي گهر وٺي ويا ۽ بابا ۽ ادا کي انهن جي اوطاق ٺهيل هئي، پڪي ٺهيل هئي، سج لهي ويو، رات اتي ترسياسين، واري واريون وڏيون ڀتيون ۽ زميون سڀ سائو نظارو پئي ڏيکارين پيون.

بابا جا دوست اهي ذات نوهيڙيا هئا، انهن جو ڳوٺ وڏو هيو، انهن کي روڊ بجلي گورنمينٽ جو پرائمري اسڪول به هيو، ساري رات هلڪي هلڪي بارش پئي وسي، ٿر جا ماڻهو ڏاڍا مهمان نواز آهن، ٿر ۾ ايتري آبادي به ڪونهي بس برسات جي وسڪاري جي ڪري زمينون آباد ٿينديون آهن، باقي غربت ٿر ۾ تمام گهڻي آهي، انهيءَ جي باوجود ٿري ماڻهو دل جا سخي آهن ۽ مرد توڙي عورتون تمام خوش اخلاق آهن، اسان صبح جو وري اڳتي وڃڻ جي تياري ڪئي سين، اتان صبح اسان اڳتي روانا ٿاسين اڳتي وري بابا جو ٻيو دوست هيو، اهو غير مسلم ذات جو ڀيل هيو، اهي ڀيل اسان جي علائقي ۾ هر سان ڪڻڪ جي مند ۾ ڪڻڪ جي ڪٽائي ڪرڻ لاءِ ايندا آهن، اهي پنهنجي سجھي فيميلي سان هتي اچي ڪڻڪ ان کانپءِ ٻي مزدوري ڪندا آهن، جڏهن ڪم ختم ٿيندو آهي پوءِ واپس هليا ويندا آهن، اهيو هيو مٺي شهر جنهن ۾ ان سان رابطو ٿيو، اتي مٺي شهر ۾ مليو، انهيءَ بابا کي چيو هلو ڳوٺ مگر بابا ان کي چيو ته اسان اجھ توڏانهن ڪونه ٿا هلون، جڏهن ننگر پارڪر ڪارونجهر گهمڻ لاءِ وڃون ٿا، انهيءَ چيو ته ٺيڪ آهي، واپسي ۾ ضرور رابطو رکجو، اسان اتان روانا ٿياسين، مٺي جي شهر مان اندر کان بابا هليو، هلڪي هلڪي وري بارش شروع ٿي وئي، گاڏي پنهنجي رفتار سان هلندي رهي، اسلام ڪوٽ جو شهر آيو شهر کان ٻاهران باءِ پاس کان پهرياسين ڏاڍو سهڻو ۽ وڻندڙ نظارو هيو، وڏيون وڏيون واري جون ڀٽون هيون، وڻ ساوا ڪٿي ٻنيون هيون، انهن ۾ گوار، ٻاجهري، چونئرا، هنداڻا، گدرا ۽ ٿر جا وڏا چڀڙ، اڪثر ڪري روڊ تي ماڻهن کمڀيون، مليرو سرنهن جو ساڳ رکي ويٺا ها، انهن جي ماڻهن خريداري به پئي ڪئي، اسان اڳتي هلي هڪ هوٽل وٽ گاڏي روڪي سرن اهيو هوٽل ڪنٽيفرن ۾ ٺهيل هيو، چار کان پنج ڪنٽينر رهيل هيا هر ڪنٽينر ۾ ڊائننگ ٽيبلون ۽ ڪرسيون هيون ۽ وي آءِ پي طرح سان هيون، صاف سٿرو هوٽل هيو، اندر ڪالين شيشي جون ٽيبلون وڏيون ڪرسيون ۽ هيون اتي اسان ماني کاڏي سين ان کانپوءِ اسان اٿان روانا ٿياسين، ننگر پارڪر ڏانهن اسان ننگر پارڪر  ۾ پهچائڻ کان پهريان وياسينماروي جي کوهه تي اتي گهمياسين ان کانپوءِ پراڻي زماني هڪ وڏو مندر ٺهيل هو،ان جي سامهون ميدان هيو اتي اڪثر هندو گهڻا هيا، مسلمان گهٽ هيا، هي به هڪ پڪنڪ پوائنٽ هئي، اتان اسين وري اڳتي ننگر پارڪر جيڪو شهر اندر يا بارڊر سان لڳي ٿو واسين، انهي سجھي رستي ۾ ڪٿي برسات گهڻي وسي ڪٿي ڪونه وسي، ڪتي گهٽ وسي، آخرڪار اسان شام جو ننگر پارڪر پهتاسين، سڀ کان پهريان ميوزيم ۾ گهمڻ وياسي، ان کانپوءِ اسان ڪارونجهر جبل وياسي، شام جو وقت هيو، گاڏي پارڪ ڪئي سين، هلڪي هلڪي گرمي به هئي، اسان پيئڻ لاءِ پاڻي جون ننڍيون بوتلون ورتيونسين، پوءِ اسان اڳتي وڏياسين، بابا ٿورو اڳتي هليو، وڏن پٿرن جو ميدان هيو، تان هڪ ندي ٺهيل ان جي مٿان پل ٺهيل ڪراس لاءِ ماڻهو ڪارونجهر ڏانهن ويندا هيا، انهي ميدان وٽ ويهي رهيو، اسان ڀاءُ سان گڏعي ٻئي ڀيڻون ڪارونجهر ڏانهن چاڙهين تي چڙهندا وياسين، چوٽي تي چڙهڻ لاءِ اسان 4 دفعا ريسٽ ڪيوسين، چڙهڻ ۾ تمام ڏکيو هيو، وڏي عمر جي ماڻهن لاءِ نقصان ڪار ثابت ٿئي ٿو، آخر اسان چوٽي تي چڙهياسين اتي هڪ ميدان ٿورو هيو، اتي ٻه جهنڊا هيا، هڪ جهنڊ لڳل هيو رات پئجي رهي هئي، ٽي اسين به ٽي ٻيا ماڻهو هيا باقي سج لهڻ جي ڪري ڪافي ماڻهو اڌ رستي مان واپس ٿيا، اسان کي موبائل جي روشني جو سهارو وٺڻو پيو، اهي چاڙهيون چڙهڻ به تمام ڏکيون پر لهڻ به ۾ ڏکيون، خير الله سائين ياد ڪري لهڻ شروع ڪيوسين، آهستي آهستي اچي هيٺ پهتاسين، اتي رات جا 8 ٿي ويا جبل تي چڙهڻ ۽ واپس اچڻ ۾ ٻه ڪلاڪ جو ٽائيم لڳو، بابا اسان جي انتظار ۾ هيٺ هڪ وڏي پٿر تي ويٺو هيو، اسان واپس آياسين هلڪي بارش به شروع ٿي چڪي هئي، بابا چيو ته هلو هلي ڪٿي رات رهڻ جو بندوبست ڪريون، باقي نظارو صبح جو گهمبو، اتان گاڏي ۾ چڙهاسين شهر ۾ آياسين، اسان کي ڪابه موزون فيملي واري هوٽل نه ملي ڇو جو گهڻي رش جي ڪري سڀ ريسٽ هائوس ۽ هڳوٽلون ۽ جايون بڪ هيو، هڪ ڪلاڪ جي ڳولا کانپوءِ اهيو سوچيو ويو هاڻ واپسي جو رخ ڪجي، رات جو ٽي وڳي اسان اتان روانا ٿياسين، ڪافي سفر کانپوءِ هڪ رينجرز وارن جي چيڪ پوسٽ کان ڪراس ڪيوسين، اڳتي ٿوري پنڌ تي برسات شروع ٿي وئي، ايتري وڏي برسات زندگي ۾ اسان ڪونه ڏٺي، پر بابا به چيو ته اسان پنهنجي حياتي ۾ ايڏي وڏي برسات ناهي ڏٺي، تقريبن 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تائين اهيا برسات هئي روڊ جي ڪابه خبر نه پئي، ايڏو پاڻي هيو جو گاڏي جي ونڊ اسڪرين جا وائيپر هليا پئي، الله سائين کي ياد ڪندي دعائون گهريون، آهستي آهستي اچي رهيا هئاسين، ڪافي ساريون گاڏيون برسات ۾ رستي ۾ بيٺل ڏٺيون سين، جنهن اڪثر ڪري ليڊر هئي اهي ويچارا پريشان هئا برسات ۾ گاڏيون بند ٿي ويون، رات جو ٽاِم سنسان علائقو شهر به پري ڪو اسٽاپ به نه هجي، بهرحال اسان رات جو اسلام ڪوٽ جي ويجهو ٿياسين ته برسات به رڪجي وئي، اسان سڌو اچي مٺي شهر ۾ پهتاسين، رات جي ماني 11 وڳي هڪ هوٽل تي کاڌي سين اتي رهائش جو بندوبست هڪ ريسٽ هائوس ۾ ٿيو، ٻه مرا ورتائين گيسٽ هائسو صاف سٿرو هيو، بيڊ به صاف سٿرا هيا، اي سي به هئي گرمي رات جو گهڻي هئي، رات اٿي گذري سين صبه جو اتان 10 وڳي ناشتو ڪري نڪتاسين مٺي واري ڀٽ تي وياسين اتي گهمياسين پارڪ به ڏٺوسين، انهي ڀٽ تان مٺي شهر سڄي جو نظارو ڪيوسين، اتان کانپوءِ اسين بابا جي دوست وٽ جيڪو گذريل ڏينهن اسان سان مليو هو انهي جي ڳوٺ پاڻ غيرمسلم هيا، مگر اسان جي لاءِ مسلمان کان ماني جو بندوبست ڪرايو، اسان کي اهيو ڀيل پنهنجي گهر وٺي ويو، انهن جا گهر گول چوئنرا ٺحيل هئا ٿلهي تي هڪ نم جو وڏو وٽ هيو، انهي نم جي هيٺان چار پنج کٽون رکيل هيون، انهن مٿان نوان بسترا وڇايل هئا، انهن جي عورتن ته اسان کي سجھي ڳوٺ جي ٻاهران واري جي وڏين ڀٽن تي زمين ۾ گهمايو، تمام گهڻي خدمت ڪئي، انهن مسلمانن وٽان جيڪا ماني تيار ڪرائي اها اسان مسلمان جي گهر وڃ اکڌي سون، تمام سادا مهمان نواز آهن، ٿر جا ماڻهو انهن جو 4 وڳي اسان اتان موڪلاڻي ڪئي، جنهن ڏينهن واپسي ڪئي سين اها تاريخ هئي 19-8-21 جئين ته اتي جي ماڻهن اسان کي ڪافي سارا گفٽ به ڏنا، اتان جون گمڀيون به تمام سٺيون هيون، اسان انهي ڏينهن رات جو 8 وڳي واپس اچي ڳوٺ پهتاسين، ٿر جو سفر به زندگي جو پهريون سفر هيو، تمام گهڻو مزو آهي، زندگي ساٿ ڏنو ته وري ڪڏهن ر جو سفر به ڪبو، ڪجهه نيون شيون به سفر نامي ۾ شيئر ڪبيون.

 

 

Monday 23 November 2020

Travelogue by Farheen Ujjan Tomb of Seven Sisters

 Travelogue by Farheen Ujjan

M.A Previous  -  2k20/MMC/66 

Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

       A visit to the tomb of seven sisters

''Travel and change of place impart new vigour to the mind.''

Life is a journey and it is true that the way we travel and take this journey makes a difference in our lives. Life is full of adventures and a series of entertainment and we should enjoy it.

I was spending my holidays at home and was getting bored suddenly I got an idea to go for visit and explore some new things then I thought I should choose any historical place for visit so I just searched historical landmarks in Sindh on google and the first place that appeared in front of my eyes on the screen of my mobile phone was ''The tomb of seven sisters'' after watching that my curiosity increased and thoughts were roaming in my mind that what is the history behind it so I thought I must visit that place and know the history behind it.


So, I decided to go for a visit to the tombs of the seven sisters.

Waking up early on a Sunday is no easy feat, but the curiosity was enough to charge me up for the day.

So, the very next day I got ready and departed from home.

The tomb of the seven sisters is located in Sukkur and the distance between Sukkur and Shikarpur is only 32km.

While travelling from Shikarpur to Sukkur I started to go through the history of the place that I must have knowledge about the place where I am going.

The history I went through is as follows:

Sateen Jo Aastan or thaan is another name of the tomb of the seven sisters in Sindhi and it is located on the left bank of the Indus river near Rohri Sindh Pakistan.

There are many stories and myths regarding Sateen jo Aastan, Sati is a Hindu word means a widow who burns herself or along with her husband’s dead body by others.

Seven sisters used to live in a big house in Rohri on the bank of the river Indus.

Those seven sisters always observed parda from the beginning of their life.

A king (Raja) of that time came to know about the beauty of those seven sisters and ordered his people to bring them in front of him at any cost.

After hearing such news those seven sisters became frightened and prayed to Almighty Allah that we have protected ourselves from the eyes of any male, Oh Almighty keep us protected from the Raja we don't want to be in hands of that cruel Raja.

Suddenly the earth or that piece of the land turned down and those seven unmarried sisters died or rather disappeared. No one knows how the earth turned downward and all of a sudden those seven sisters disappeared when the people sent by Raja reached there they were astonished to see there was no house neither the seven sisters were present.

The tomb of the seven sisters was built by Mir Abu-al-Qasim in (961 A.H).

As I concluded the history I reached there and as I got out of the car I felt overwhelmed with all the history and it seemed to radiate.

As I walked and moved to the Astaan so on one turn I saw the Quranic verses were written on their tombs and the material was used similar to the material used in Makli Hill Graveyard, blue colour marble used in a tomb which is considered as the symbol of Sindhi culture.

On the other side of the graves there are coloured rooms which were the residence of seven sisters and now are being closed.

Then I walked into the cave where the graves of the seven sisters lie where neither men nor camera is allowed, only women can visit the graves and pray there to their heart’s content, as I moved into the cave, it was narrow and bats were slept on the roof of the cave, somehow with fear from bats I managed to reach to the graves where other women were present and were praying, I recited the verses of the holy Quran and came outside of the cave.

A small and beautiful mosque on the upper side and the western section was lavishly decorated with greenish blue tile work.

The area of the place is not too large in size, and there are rooms for the visitors to sit or relax on the main floor, the Indus River has made it so beautiful and peaceful. Visitors feel comfortable and can see the beautiful look of lance down bridge of Sukkur from the first floor and can see the blind dolphins in the Indus river.

There are the small hills that raises from the bank to the south and the name of Than Qasim Shah is given to the hill. However, it is best known as the hill of the seven virgins and there is the building on the south side of the hill is called Satbhain, which is made up of a series of shallow chambers connected to the outside with coloured tiles. These cells are said to have been occupied by the seven Sisters.

There are others graves located on the top of the cave including the governor of Sukkur, Bakhar Mir Abul Qasim Namkeen and around 25 stairs lead to the top of the cave. According to the caretaker, the other graves belong to family members of the governor and other Syeds.

This is a precious place with a great historical background, I enjoyed a lot and got to know about the history behind this historical landmark but got tired too, as sun sets, I returned to home and what I observed is that it needs to repair, its infrastructure is damaged due to floor water some of its areas are breaking. 

The government should look after these things because these places that reflect our culture, our religious and historical stories that happened in the past. And it is also our job to protect these areas from damage.


Saturday 21 November 2020

Bilal Bughio Social issue Badah

It should have been written as if u are presenting this issue at some forum

No figures fact number of buses, vans etc. First two paragraphs are of no use. 
What efforts were made by people? what is hurdle? why its is not resolved? 
No primary data, no reference of any report? 
No attribution
How it can be solved

Bilal Bughio Social issue Badah 
Practical work carried under supervision of  Sir Sohail Sangi



باڊھ ۾ آمدرفت جي اڻ هوند

بلال مُصطفيٰ ٻگهيو، ايم اي پريوس، رول نمبر سورنهن

 To be checked

اڳوڻي دؤر جي ڳالھ ڪيون ته ماڻھن کي هڪٻئي ڏانهن اچڻ وڃڻ ۾ مهينن جا مهينا لڳي ويندا هئا، ڪٿي ته وري ڪنهن ويجهي عزيز وٽ مهمان ٿيڻ لاءِ سفر ايترو ته ڏور هوندو هيو جو سال گذرڻ جي به ڪا ئي خبر نه پوندي هئي ۽ هر شخص پيو وقت کي ٽپائيندو هيو پر اڄ جي هن جديد ٽيڪنالاجي واري دؤر ۾ جيڪا وقتائتي پذيرائي آمدرفت کي ملي آهي تنهن منجهان يقينن فائدو ته سڀني کي ٿيو ئي آ پر ان سان گڏوگڏ ماڻھن جي قيمتي وقت جي به بچت پڻ ٿي آهي.

 

دنيا جي ترقي يافته ملڪن تي نظر گهمائجي ته اسان کي کوڙ ساريون اهڙيون شيون ملنديون جن کي اسان جي ملڪ اندر استعمال ٿيندي اڃان ڪي ورهيه لڳندا. افسوس سان هتي اهو لکڻو پوي ٿو ته اسين ان معاشري جو حصو آهيون جتي عام شهرين کي ڪيترين ئي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو خاص ڪري سنڌ جا اهي پٺتي پيل علائقا جتان جي انتظاميه جو شهرن يا وري ننڍن ننڍن ڳوٺن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪو به بهتر عمل دخل ڏسندي ڏاڍو گهٽ اچي ٿو

Do not generalise, be specific.

اهڙن ئي چند شھرن مان سٺ هزار کان به وڌيڪ آبادي رکندڙ باڊھ شھر جنهن جي تاريخي پسمنظر ۾ حيثيت رھي آهي جتان ڪيترن ئي تاريخ جي امر ڪردارن جو گذر پڻ ٿيو. باڊھ شهر جي رهاڪن کي شروع کان وٺي کوڙ سارا مسئلا پيش ايندا رهيا آهن پر انهن مان سڀ کان اهم مسئلو آمدرفت جي اڻ هوند جو نظر اچي ٿو.

 Do not personalise

هتي سڀ کان پهرين ان ڳالھ تي غور ڪرڻ لازمي آھي ته باڊھ شهر منجھ هر ٻئين مهيني ڀاڙن ۾ ٿيندڙ هٿرادو واڌ هڻي غريب ماڻھن جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ڪري کين اچڻ وڃڻ ۾ گهڻيون ئي ڏکيائيون پيش اچن ٿيون. ٻئي طرف ڏسون ٿا ته باڊھ جي ٽرانسپورٽ تي ٻن وڏين ڌرين جو رعب تاب نظر اچي ٿو جنهن ۾ ھڪڙا انڙ ۽ ٻيا زھري ملن ٿا، باڊھ کان لاڙڪاڻي ڏانهن ايندڙ ويندڙ ڏيهن کان به وڌ ويگنون ۽ بسون انهن ڌرين جون هلن ٿيون جڏهن ته باڊھ کان راڌڻ لاءِ صرف زهرين جون ئي ويگنون استعمال ٿين ٿيون ۽ وري باڊھ کان نصيرآباد روٽ تي چانڊين جون ويگنون هلائيون وڃن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ناڪارا ۽ خراب گاڏين کي ڏسون ٿا ته ويتر کوڙ نوان مسئلا ملن ٿا جهڙوڪ: سرڪار پاران پابندي مڙھڻ باوجود به ويگنن ۽ بسن جا مالڪ سلينڊر جو استعمال ڪن ٿا، پراڻيون گاڏيون هلايون وڃن ٿيون جن ۾ ويھڻ جون بنيادي سهولتون به ميسر ناهن، گاڏين جي حالت اهڙي ته بدتر هجي ٿي جو ڪهڙي وقت به حادثو پيش اچي سگهي ٿو. ويگنن ۽ بسن منجھ جڳھ نه هجڻ باوجود به گاڏيون پوري طرح هيٺان مٿان ڀري ويگنن جي پٺين جنگلن تي ماڻھو کنيا وڃن ٿا.

 

اهڙي نموني ڪلينڊرن جو جيڪو پيسينجرن سان ڏاڍ وارو رويو آهي تنهن ماڻھن منجھ هڪ اهڙو ماحول جوڙيو آهي جنهن سان ماڻھن مان ھاڻي سهپ ۽ پنهنجائپ وارو عمل تمام گهٽ ملي ٿو، مسافرن کان اڪثر سوڙھ ۽ ڀاڙي ۾ واڌ جي شڪايت تي کين گاڏين مان ڌڪا ڏئي لاٿو وڃي ٿو، نه صرف اهو پر ڪڏهن ڪڏهن ته وري ڪلينڊر مسافرن سان وڙھڻ لاءِ به تيار ٿي وڃن ٿا ۽ کين منهن ماري روز جو معمول بڻيل رهي ٿي، ايمرجنسي ۾ جيڪڏهن ڪو عام شهري پنهنجي  ڀاڙي تي ڪار يا رڪشا ڪرائي وڃڻ گهري ٿو ته ان روٽ تي هلندڙ ويگنن جا منشي وڙھڻ لاءِ آتا هجن ٿا ۽ کين ان ڳالھ تان روڪي مجبور ڪن ٿا ته توهان کي هر حالت ۾ اسان جي گاڏين تي وڃڻو پوندو ٻي صورت ۾ اسين وڃڻ جي اجازت بلڪل به نه ڏينداسين جيڪو يقينن ناقابل برداشت ڏسجي ٿو، وقت جي به ڪا خاصي پابندي نظر نٿي اچي وڻين ته 10 بجي صبح واري گاڏي 12 بجي منجهند هلائن وڻين ته سوير جنهن سان مسافرن کي پنهنجين منزلن تي پهچڻ ۾ دير ٿئي ٿي ۽ وري ڪنهن روٽ سان خدا نه ڪري ڪا گاڏي خراب ٿئي مسافرن کي تيستائين انتظار ۾ رهڻو پوي ٿو جيستائين ساڳئي گاڏي ٺهي نٿي ڀلي پوءِ ڪنهن ماڻهو سان ڪيترو به لاچار ڇو نه هجي کين ڪو به متبادل ناهي ۽ ڪلينڊرن سميت ڊرائيور پاران به عورت مسافرن کي مسلسل مختلف طريقن سان حراس پڻ ڪيو وڃي ٿو.

 

اهڙي طرح هي ڳالھ به تمام اهم آهي ته ڊرائيورن پاران ٿيندڙ پيشوراڻي لاپرواهي ڪيتري قدر نقصانڪار ٿي سگهي ٿي تنهن جو ڪاٿو ئي ناهي، ويگنن توڙي بسن جا ڊرائيور گاڏيون هلائڻ دوران اسٽرنگ تي صرف هٿ رکي موبائيلن تي گيم کيڏندا رهن ٿا ساڻن ان ڳالھ جو ڪو به ڊپ ناهي ته کين ڪيترين ئي انساني زندگين جي ذميواري مٿن هجي ٿي، کوڙ ڊرائيور گاڏي هلائڻ کان پهرين منشيات جو استعمال ڪن ٿا جيڪا ڊرائيونگ دوران خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي جڏهن ته هڪٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي چڪر ۾ تيز رفتار ۾ گاڏيون هلائن ٿا جنهن سان ڪيترا ئي حادثا هر روز جو معمول بڻيل آھن.

 

مٿي ٻڌايل سمورين ڳالهين ساڻ هتي ان ڳالھ کي به چٽي طرح پڙھندڙن جو ڌيان شڪائڻ لازمي آھي ته جيڪڏهن انتظاميه جي نااهلي طرف ڏسون ٿا ته شهرين کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪي به بهتر اپاءُ نٿا ورتا وڃن، ٻيو ته ٺهيو پر عوام کي ڪو چڱو مسافرخانو به ميسر ناهي جو چند گهڙيون ويهي گاڏي جو انتظار ڪري سگهن، پرائيويٽ ٽرانسپورٽ مافيا کان جاگيردار ۽ وڏيرا پيسا وٺي کين مڪمل ڇوٽ ڏئي ڇڏين ٿا ته جيئن وڻين تيئن ڪن.

 

ضلعي انتظاميه کي گهرجي ته جلد کان جلد مسئلا حل ڪري شهرين کي گهڻي وقت کان آمدرفت جي اڻ هوند ڪارڻ درپيش ايندڙ مشڪلاتون کان بچايو وڃي.