Sunday 31 January 2021

Noorjehan IR on Ali Bahr wah


to be checked.
No mention of documents, photo
What is location of Ali Bahr wah? from which point it starts?
Why this was so named?
Its designed c dapacity? 
This is not article. It should be report. 
No official version or attribution from irrigation department people.
They might have some pretext 
What is specific method of Ali Bahar Wah irrigation satff to deprive growers from water..
Water shortage complaint is general what is specific and special about this canal

علي بحر واهه، ماضي، حال ۽ مستقبل..!!
رپورٽ: نورجهان خاصخيلي 
Noorjehan 2K20/MMC/38
روهڙي ڪئنال سنڌ جو اهو واحد ڪئنال آهي، جنهن کي هڪ کان وڌيڪ لقب مليا، هن واهه کي سنڌ سڌار واهه، واهن جو بادشاهه واهه ۽ ڪئنالن جي شهزادي سڏيو وڃي، سکر بئراج مان روهڙي مان نڪرندڙ جي ڪئنال پنهنجي پيٽ ۾ 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻي لاڙ جي پٽن تي پهچي ختم ٿئي ٿو، هي واهه پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي لکين ايڪڙ زمين آباد ڪري ٿو، هن واهه مان سوين مائينر، شاخون توڙي ننڍا واهه نڪرن ٿا، انهن ننڍن واهن ۾ هڪ علي بحر واهه به آهي. علي بحر واهه نوابشاهه ضلعي جي حد ڪنب ليمان ريگيوليٽر وٽان روهڙي ڪئنال مان نڪري ٿو، جيڪو 2 ڪلوميٽرن بعد ٽن شاخن ۾ تقسيم ٿئي ٿو، انهن ۾ لنڊو، اڄاڻو ۽ سرهاري مائينر شامل آهن، اڄاڻو شاخ شهدادپور تائين پهچي ختم ٿئي ٿو، سرهاري مائنر سرهاري شهر کان ٿورو اڳتي هلي ختم ٿئي ٿو ۽ ايئن لنڊو شاخ لنڊو اسٽاپ کان ٿوري اڳتي هلي ختم ٿئي. ڪنب ليمان ريگيوليٽر آبپاشي کاتي جون حسين ۽ پرڪشش عمارتون زبون بڻجي ويون آهن ۽ ڪيترن ئي عمارتن تي مقامي وڏيرن طرفان قبضا پڻ ڪيا ويا. اهڙي ريت علي بحر واهه جتي ٽن شاخن ۾ تقسيم ٿئي ٿو، اتي به سرڪاري عمارتون ٺهيل هيون، جيڪي هاڻي کنڊرات ۾ تبديل ٿي ويون آهن، يقينن انهن جي مرمت جا پئسا به ايندا هوندا، ڪاغذن ۾ مرمتي ڪم به ٿيندو هوندو پر زمين تي ڪاري وارا ڪک آهن. علي بحر واهه به روهڙي ڪئنال جي ٺهڻ بعد ٺهيو، انگريز سرڪار واهن ۽ شاخن جي صورت ۾ بئراجي نظام ڏئي سنڌ جي زراعت ۾ روح ڦوڪيو پر انگريز هليا ويا ته انهن جي ٺاهيل ادارن جو ڏيوالو نڪري ويو. علي بحر واهه هزارين ايڪڙ زمين کي آباد ڪري ٿو، علي بحر واهه مان 4 واٽر ڪورس نڪرن ٿا، جيڪي بکر جمالي، ڪنب ليمان سميت ٻين علائقن جي هزارين ايڪڙ زمين کي آباد ڪن ٿا. اهڙي ريت علي بحر واهه پنهنجي واٽر ڪورسن، ننڍن شاخن ۽ مائينرن ذريعي لنڊو اسٽاپ، شهدادپور، سرهاري ۽ بکر جمالي تائين ڦهليل آهي ۽ انهي سڄي علائقي ۾ زمينن کي آباد ڪري ٿو. هن علائقي ۾ ووئنڻ، ڪمند، سارين، ڪيلي، ٻاجھر، مڪئي، آلو، بصر، سميت ٻيا ڪيترائي فصل ٿين ٿا، مختلف قسمن جون ڀاڄيون ٿين ٿيون، جن ۾ ڀينڊي، ٽماٽو، داليون، مرچ، ڌاڻا، سرنهن، پالڪ، گجر، گوبي ۽ ٻيون ڀاڄيون شامل آهن، جڏهن ته انبن جا باغ پڻ آهن، جن ۾ چڪون جا وڻ به لڳل آهن. هي سڄو علائقو سرسبز ۽ آباد آهي. زرعي حوالي سان شاهوڪار هجڻ سبب تعليم جو ريشو به تمام گھڻو آهي، زرعي آمدني هجڻ سبب هتي جا آبادگار پنهنجي ٻارن کي حيدرآباد، ڪراچي، نوابشاهه، سکر، اسلام آباد تائين پڙهائي اماڻين ٿا،
Not relevant
[[ ان جو اهو فائدو ٿيو ته ڳوٺ حاجي عالم خاصخيلي، غلام حسين خاصخيلي ۽ فقير محمد خاصخيلي سميت خاصخيلي برادري جي ٻين ڳوٺن سان گڏوگڏ شهدادپور، بکر جمالي ۽ سرهاري جي ڪيترن ئي ڳوٺن جا نوجوان ڇوڪرا پوليس، فوج ۽ تعليم کاتي سميت ٻين ادارن ۾ وڏين وڏين پوسٽن تي مقرر آهن، جن ۾ ٻيلي کاتي ۾ ڊي او ايف محمد امين خاصخيلي، اڳوڻو آءِ جي غلام حيدرجمالي، اڳوڻو ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر غلام سرور جمالي، بريگيڊئير غلام مصطفيٰ جمالي، ميجر علي مراد جمالي، ميجر نجيب جمالي، ايس ايس پي ذوالفقار زرداري ۽ ڊي ايس پي ارباب زرداري نوجوانن لاءِ اتساهه جو سبب بڻيل آهن.[[
علي بحر واهه ۽ آبادگارن جا مسئلا
الهڏنو جو خاندان پنجن  پيڙهين کان زراعت سان سلهاڙيل آهي، الهڏنو ننڍڙو زميندار هجڻ سبب پنهنجي زمين جي سار سنڀال به پاڻ ڪري ٿو. الهڏنو ٻڌائي ٿو ته “ منهنجي 15 ايڪڙ زمين آهي، 10 ايڪڙن تي ڪڻڪ ۽ ووئنڻ جڏهن ته 5 ايڪڙن تي ڪيلي جو فصل آهي پر حڪومتي بيڌياني سبب مون سميت ٻيا آبادگار به پريشان آهن، اڳي ڪڻڪ في ايڪڙ 50 مڻن تائين لهندي هئي، هاڻي اپت گھٽجي وئي آهي، جنهن جو سبب نقلي دوائن سان گڏوگڏ پاڻي به آهي، وقت سر پاڻي نٿو ملي، وڏا زميندار پاڻي تي پنهنجو حق سمجھي دڪا ۽ نوليون هڻي پاڻي چورائين ٿا، دڪا ٻڌل هجڻ ڪري پاڻي چڙهي ئي ڪون ٿو، هفتي ۾ يا پندرهين ڏينهن وارو ايندو آهي ته ڪڏهن پاڻي ملندو آهي، ڪڏهن پاڻي لاءِ پريشان هوندا آهيون، وڏا آبادگار سياست ۾ به هوندا آهن، انهن جي هلي ٿي، پوليس به انهن کي ڪجهه نٿي چوي، آبپاشي عملدارن کي پئسو کارائين ٿا، اسان سورن ۾ هوندا آهيون، پاڻي چوري ۾ سڀ ملوث هوندا آهن
اسماعيل جي منڍ ۾ زمين آهي پر پوءِ به هو پريشان آهي، ٻڌائي ٿو ته “بلڪل اسان جي زمين منڍ ۾ آهي پر اسان جي زمين کي علي بحر واهه مان نڪرندڙ مائينر اڄاڻو مان پاڻي ملي ٿو، زمين ڀلي منڍ ۾ هجي پر اڄاڻي شاخ ۾ ئي پاڻي نه هجي ته پاڻي ڪٿان آڻينداسين، سرهاري ۽ لنڊي شاخ تي زرداري برادري جون زمينون آهن، اهي اڄاڻي پاڻي تي به ڌاڙو هڻي ويٺل آهن، پاڻي تي قبضي لاءِ اڄاڻو شاخ جا در لاهي ڇڏين ٿا، پاڻي ملڻ بند ٿيو وڃي، اڄاڻو تي جمالي برادري جون به زمينون آهن، جمالي به بااثر آهن، اهي پنهنجي ٽائيم تي پاڻي کولرائي ڇڏين ٿا، انهن جو پاڻي وارو نٿو هجي ته پاڻي اچي ئي ڪون ٿو. 
سلطان جو موقف ٻين کان مختلف آهي“پاڻي جي معاملي تي سڀئي وڏيرا آهن، پڇڙي جي آبادگار لاءِ سڀ طاقتور آهن، اڄاڻو ۾ پاڻي اچي ٿو ته اهو پڇڙي تائين نٿو پهچي، منڍ جا آبادگار پاڻي تي قبضو ڪيو ويٺا آهن، دڪا ٻڌي .ڇڏيندا آهن، جيڪڏهن رينجرز وارا اچن ٿا ته پاڻي ملي ٿو، نه ته وڏو نقصان ٿئي ٿو، اسان جو گذر سفر زراعت تي آهي، قرض کڻي ڀاڻ، زرعي دوائون وٺون ٿا، ڏينهن رات محنت ڪريون ٿا، پاڻي نٿو ملي ته پيداوار نٿي ٿئي، قرضي ٿي ويندا آهيون، ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ڏينهن به ايندو آهي جو دڪاندار اوڌر به بند ڪري ڇڏيندا آهن، وياج تي پئسا وٺڻا پوندا آهن، پاڻي جي درست ورڇ ٿيڻ گھرجي، آبپاشي جو نظام بهتر هجڻ گھرجي
علي بحر واهه کي گھارا به پون ٿا
هن واهه کي آبڪلاڻي جي موسم ۾ گھارا پون ٿا، جنهن سبب تيار ٿيل فصل پاڻي هيٺ اچيو وڃي ۽ آبادگارن کي وڏو نقصان ٿئي ٿو. اڄ تائين ڪنهن به گھاري جي جاچ نه ٿي آهي، گھاري جا سبب وقت تي کاٽي نه ٿيڻ ۽ واهه جا بند ڪمزور هجڻ آهن پر هڪ سبب اهو به آهي ته واهه کي غيرقانوني طور پاڻي چوري ڪرڻ لاءِ دڪا ٻڌا ويندا آهن يا پائيپ لائينون يعني نوليون هنيون وينديون آهن، انهن جي ڪري بند ڪمزور ٿي وڃن ٿا
پاڻي وڪرو ڪيئن ٿئي ٿو؟
روهڙي ڪئنال تي موجود آبپاشي عملدار پنهنجي مرضي سان علي بحر واهه ۾ پاڻي ڇڏين ٿا، علي بحر واهه جا در مٿي ڪرڻ لاءِ ريٽ مقرر ٿيل آهن، وڏا زميندار پاڻي لاءِ هر واري تي لکين رپيا ڏيندا آهن. جتي علي بحر واهه ختم ٿئي ٿو، اتان ٽگھاٽو شروع ٿئي ٿو، يعني 3 شاخ نڪرن ٿا، اتي موجود آبپاشي عملدار به ريٽ لسٽ لڳايو ويٺا آهن، پئسا نه ملڻ تي پاڻي گھٽائي ڇڏيندا آهن، جنهن سبب واٽر ڪورسن ۾ پاڻي نٿو چڙهي ۽ فصل سڪڻ لڳندا آهن
سڀني کان وڌيڪ متاثر هاري ٿين ٿا
خميسو هارپي جو ڪم ڪندو آهي، چئي ٿو ته آئون زميندار جا 10 ايڪڙ ڪاهيندو آهيان، پاڻي نٿو ملي ته ٽيوب ويل جو پاڻي پئسن سان ملي ٿو، زميندار روڪ پئسن بدران قرض تي زرعي دوائون ۽ ڀاڻ خريد ڪري ڏين ٿا، جيڪي ٻيڻي اگهه تي ملن ٿا، پاڻي نٿو ملي ته فصل سٺو نٿو لهي ۽ هاري ويچارو قرضي ٿي ويندو آهيان، ڪنهن ڪنهن مهل بچت ٿيندي آهي ته زميندار پوئين قرض ۾ اهي پئسا ڪٽي ڇڏيندو آهي، هارپي جو مطلب سدائين لاءِ هاري هجي ٿو، نه قرض لهي ٿو، نه جان ڇٽي ٿي، هن چيو ته رڳو پاڻي ملي ته به اسان قرضي ٿيڻ کان بچي پونداسين. هن چيو ته 60 سيڪڙو هارين سان اهو ئي مسئلو آهي. سڀني جا مسئلا ذري گھٽ هڪجهڙا آهن، هارين جا ٻار به هاري هجن ٿا، هاري جو وقت ڏکيو گذري ٿو، آئون بابا سان گڏجي رات جو سردي ۾ پاڻي جي واري تي ويندو هوس، اسان وٽ هٿ واري بتي هوندي هئي، جنهن ۾ گاسليٽ پوندو هو، آئون اڄ به سرد رات هجي يا اونهاري جي گرم رات هجي، پاڻي جي واري تي ويندو آهيان، منهنجي هٿ ۾ چائنه وارو ٽارچ آهي، صرف اها تبديلي آئي آهي، سوچيان ٿو ٻارن کي پڙهايان پر مشڪل آهي 
آبادگارن جو مطالبو

آبادگارن مطالبو ڪيو آهي ته ريگيوليٽرن تي ايماندار آبپاشي عملدار مقرر ڪيا وڃن، علي بحر ۽ انهن مان نڪرندڙ شاخن ۽ واٽرڪورسن جي وقت تي کاٽي ڪرائي وڃي، ڪافي واٽر ڪورس پڪا ٿيا، ڪافي واٽر ڪورس اڃان پڪا نه ٿيا آهن، انهن کي پڪو ڪيو وڃي، پاڻي چورن خلاف ڪارروايون ڪيون وڃن، پاڻي چوري ۾ ملوث آبپاشي عملدارن ۽ آبادگارن خلاف ڪيس داخل ڪري انهن کي گرفتار ڪيو وڃي، علي بحر واهه ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن جي پڇڙين تائين پاڻي ڏنو وڃي، ڪنهن شاخ يا واهه تي سڀني کان پهريون حقق پڇڙي جي آبادگارن جو آهي. آبادگارن چيو آهي ته کاٽي ڪڏهن ڪڏهن ڪرائي ويندي آهي، ان کاٽي لاءِ به آبادگارن کان چندو ورتو ويندو آهي، جيڪو هاڻي بند ٿيڻ گھرجي، واهه ۽ شاخن جا ڪپر ڪمزور آهن، انهن ڪپرن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مرمتي ڪم ڪرايو وڃي 

Under supervision of Sir Sohail Sangi 

No comments:

Post a Comment