Showing posts with label Hameedullah Tunio. Show all posts
Showing posts with label Hameedullah Tunio. Show all posts

Sunday 31 January 2021

Hameedullah Tunio IR

 To be checked. photo available,

No document 

First two paragraphs are irrelevant 

No investigation, Nor reference of any report. No attribution 

Is Park located in Naseerabad? 

 Shah Latif Park Naseerabad,


شاهه عبداللطيف پارڪ کنڊرات ۾ ڪيئن تبديل ٿيو؟ (Investigative Report)

حميدالله تنيو ايم اي پريوس رول نمبر 21

5 لک آبادي تي مشتمل تعلقو نصيرآباد مسلستان بڻيل آهي. اونهارو هجي يا سيارو بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ٿئي ٿي. گئس جي لوڊشيڊنگ پڻ هتان جي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، صبح جو گئس نه هجڻ سبب اسڪول ويندڙ ٻار ۽ استاد نيرن ڪرڻ بنا اسڪول وڃن ٿا. جيڪڏهن نظر ڦيرائينداسين هتان جي سرڪاري اسپتال تي ته ان کي ڪيترائي سال گذرڻ باوجود تعلقي جو درجو ناهي ملي سگهيو، اسپتال ۾ ڊاڪٽرن سان گڏوگڏ ڪتي جي چڪ جي ويڪسن ۽ دوائڻ جي کوٽ پڻ آهي. اسپتال ۾ باڊهه،ڏوڪري،گاجي کهاوڙ،وڳڻ سميت پري پري جي ڳوٺن جا مريض علاج لاءِ اچن ٿا. هتي جيڪا مريضن سان حالت ٿئي ٿي اها افسوسناڪ آهي.

 شهر ۾ صفائي سٿرائي نه هجڻ جي برابر آهي،تقريبن شهر جو هر محلو گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿيل آهي،ان کان علاوه اسان جيڪڏهن هتي جي امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺنداسين ته هتان جي پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي. چوريون،ڦرون روز جو معمول بڻجي ويون آهن. روزانو ڪنهن نه ڪنهن شهري جي موٽرسائيڪل چوري ٿي وڃي ٿي يا ڪنهن نه ڪنهن جي دڪان جا تالا ٽوڙي لکين روپين جي مالين جو سامان چوري ڪيو وڃي ٿو.

شهرين جي تفريح جو مرڪز بڻيل واحد شاهه عبداللطيف پارڪ هيو جيڪو پڻ انتظاميا جي نااهلي سبب کنڊرات جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي. 1973 ۾ جڏهن ان وقت جي چيئرمين حاجي جمعه خان جڏهن ايريگيشن کان پارڪ لاءِ پلاٽ خريد ڪيو ته ان ٽائيم ان پلاٽ تي وارهه ۽ باڊهه ويندڙ بسون بيهنديون هيون پوءِ حاجي جمعه خان اهو پلاٽ خريد ڪري باقائده پارڪ ٺهرائڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ ان کي شاه عبداللطيف پارڪ جو نالو ڏنو. حاجي جمعه خان پارڪ ۾ قسمين قسمين جا ٻوٽا، ٻارن جي وندر لاءِ جهولا پڻ لڳرايا باغ تي هڪ مالهي ۽ هڪ چوڪيدار مقرر ڪيائين. گهرن ۾ ويهي ويهي بور ٿيندڙ شهري روزانو پنهنجن ٻارن سان گڏ باغ تي تفريح لاءِ ايندا هيا. شاهه عبداللطيف پارڪ شهرين جي تفريح جو مرڪز بڻجي چڪو هيو ان کان پوءِ 1993 ۾ جڏهن چيئرمين محمد حيات شيخ بڻيو ته هن ان وقت جي ايم پي اي نواب شبير احمد کان بجيٽ پاس ڪرائي باغ جي ڪجهه حصي ۾ ٽائون هال تعمير ڪرايو جنهن کان پوءِ باغ جو نقشو ختم ٿيڻ لڳو. وري جڏهن چيئرمين اقبال مسڻ آيو ته باغ کي اڃان سوڙهو ڪري اتي پنهنجي پراپرٽي اڏڻ شروع ڪيائين جنهن کان پوءِ باغ آهستي آهستي کنڊرات ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويو. هن وقت پارڪ مڪمل طور تي کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. باغ جي ٻيهر بحالي لاءِ شهر جي سياسي،سماجي،ادبي،ڪاروباري ۽ مذهبي تنظيمن تي مشتمل سجاڳ شهري اتحاد پڻ احتجاجي مظاهرا،بک هڙتالون،ڌرڻا ۽ مشعل بردار ريليون ڪڍي انتظاميا کان اهو مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي باغ کي ٻيهر ساڳي شڪل ۾ آندو وڃي پر هتان جي انڌي ٻوڙي ۽ گونگي انتظاميا صرف دلاسا ئي ڏيندي رهي آهي.

Under supervision of Sir Sohail Sangi