Showing posts with label Yasir Nohani. Show all posts
Showing posts with label Yasir Nohani. Show all posts

Saturday, 5 December 2020

Yasir Nohani Travelogue - Digri

To be checked 

No photo

 ياسر حسين


رول نمبر: ايم اي پريويس 62

اسائيمنٽ: سفرنامو
استاد: سر سهيل سانگي


                                 (..سفرنامو..) 

                     ڊگهڙي کان گيٽ وي آف ٿر تائين
                                   
سوچن ۽ خيالن جا پهاڙ ذھن ۾ رکي خيالن ئي خيالن ۾ ھيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي رهيو هئس ته سفرنامي جي شروعات ڪٿان ڪجي، ڪيئن ڪجي ۽ سفرنامي لاء ڪٿي وڃڻ بهتر رهندو، اڃان اهوئي سوچي رهيو هئس ته تيسيتائين بابا سائين به اسڪول کان واپس اچي سو سڌو اچي ڪمري جو دروازو کولي اندر داخل ٿيو جتي آئون پنهنجن ئي خيالن ۾ گم هئس. بابا ھميشه وانگر اچڻ سان ئين اسلام عليڪم چيائين.
 جنهن تي مون جواب ۾ وعليڪم سلام چئي کٽ تان اٿي بابا سائين کي کٽ تي ويهڻ جو چيو. ان وقت اوچتو منهنجي نظر بابا جي هٿ ۾ پيل شادي جي ڪارڊ تي پئي. ۽ مون هڪدم بابا کان  پڇيو ته هي ڪارڊ ڪنهن جي شادي جو آھي
 جنهن جي موٽ ۾ بابا جواب ۾ ٻڌايو ته هي منهنجي هڪ پراڻي هڪ دوست خط موڪليو آھي عمرڪوٽ کان. عمرڪوٽ جو ٻڌي مونکي به تمام گهڻي خوشي ٿي ڇاڪاڻ منهنجو گول مونکي ظاهري ڏسڻ ۾ پئي آيو۔ تنهن تي مون بابا کي چيو ته بابا هن دعوت تي آئون ويندس جنهن تي بابا هڪدم راضپو ڏيکاريو جنهن کانپوء آئون عمرڪوٽ وڃڻ ۽ پنهنجي سفرنامي کي مڪمل ڪرڻ لاء تياريون ڪرڻ لڳس. پر مان ٿورو اداس ۽ پريشان هئس جيئن ته دعوت جو ٽائيم ٣٠ نومبر جي رات ٧ بجي شيواني پاڙي ۾ لکاني هائوس تي منقعد ٿيل هئي پر مان عمرڪوٽ جي روڊن رستن ۽ گلين کان بلڪل اڻڄاڻ ھوس ڇاڪاڻ ته هي منهنجو عمرڪوٽ جو ٻيو ڀيرو سفر هو. جيئن ته مون پهرين ڀيرو سفر ڏيڍ سال پهرين ڪيو هو ۽ اهو به ڪار ذريعي تنهنڪري صحيح طريقي سان واقف ٿي نه سگهيس. پر خير وڃڻو ته لازم هيو پوء واقفيت هجي يا نه جيئن ئي وقت ويجھو اچڻ لڳو ته آئون به تياري وٺڻ لڳس پر اچانڪ مونکي رات جو ڪچھري ڪچھري ۾ ھڪ ٻئي ماسات ٻڌايو ته منهنجو ماسات امير سلطان عمرڪوٽ جي سنڌ ڪاليج ۾ پڙھيو آھي جيڪو عمرڪوٽ کان سٺي طرح واقف آھي تون ان سان رابطو ڪر ۽ انکان پوء ٻئي ڏينهن مون امير سلطان کي فون ڪئي ۽ پاڻ سان گڏ عمرڪوٽ ھلڻ جو چيو هو مونکان ننڍو آھي ۽ منهنجو جام خيال ڪري ٿو تنهنڪري هن مونکي انڪار نه ڪيو ۽ يڪدم هلڻ لاء راضي ٿي ويو۔ان کانپوء ٻئي ڏينهن شام ساڍا ٽي بجي ڌاري اسان وهنجي تيار ٿي پرفيوم وغيره لڳائي سردي کان بچڻ لاء ڪوٽ پائي نڪري پياسين جيئن ته لوڪل گاڏين ۾ ڊگهڙي کان عمرڪوٽ جو سفر لڳ ڀڳ ٣ ڪلاڪ کن جو آھي ۽ جيڪڏهن پنهنجي گاڏي آھي ته پوء سوا ٻه ڪلاڪ يا وڌ ۾ وڌ  اڍائي ڪلاڪ لڳن ٿا. جيئن ته آئون تعلقي ڊگهڙي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جمال الدين نوحاڻي  سان تعلق رکان ٿو جيڪو ڊگهڙي جي ڏکڻ طرف شھر کان اٺھ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آھي. ڳوٺان نڪري ٻئي ڪچھري ڪندي اچي پنهنجي ڳوٺ واري اسٽاپ تي بيٺاسين ته جيئن ڪوچ يا ڪنهن رڪشي ۾ سوار ٿي ڊگهڙي ميرپورخاص واري گاڏين جي اڏي تي پهچون ٥ منٽ انتظار ڪرڻ کانپوء ڪوچ به اچي وئي جنهن ۾ اسان سوار ٿي ڊگهڙي پهتاسين جنهن ته آئون ٻڌائيندو هلان ته ڊگهڙي کان عمرڪوٽ ٻه رستا نڪرن ٿا هڪ اهو جيڪو ڊگهڙي کان جمساآباد، سامارو ۽ انکان پوء بچاء بند کان ٿيندو سڌو مختلف ننڍڙن اسٽاپن کان ڪراس ڪندو سڌو عمرڪوٽ پهچي ٿو هي روڊ ٽٽل هجڻ ڪري ٽريفڪ ۽ سواريون گهٽ هجي ٿي ان ڪري اسان اتان وڃڻ صحيح نه سمجھيو. جيئن ته  وري ٻيو رستو جيڪو ڊگهڙي  کان ميرواھ گورچاڻي، ٻيلهاڙو ۽ پوء مکڻ سمون کان سڌو ميرپورخاص ۾ داخل ٿئي ٿو پوء ميرپورخاص کان وري سڌو بچاء بند ۽ انکانپوء صوفي فقير ڪراس ڪندو سڌو عمرڪوٽ ۾ داخل ٿئي ٿو جيڪو ١١٠ ڪلوميٽرن تي مشتمل آھي. تنهنڪري اسان ميرپورخاص کان وڃڻ مناسب سمجھيو ڇاڪاڻ ته هتان جا روڊ به سٺا آھن ۽ سواريون به هر پندرهن منٽ تي آساني ملي ٿي وڃي انڪري اسان ميرپورخاص جي گاڏي ۾ ويٺاسين جنهن چاليھ ڪلوميٽرن جو طويل سفر پنجاھ منٽن ۾ مڪمل ڪري اسان کي ميرپورخاص ٽرمنل تي پهچايو جنهن کانپوء وري اسان ان گاڏي مان لهي ڪري وري اچي عمرڪوٽ واري گاڏي ۾ چڙھياسين جيڪا ماڻھن سان ڀريل هئي تنهنڪري اسان ڪلينڊر سان ڳالهايو جنهن اسان کي سيٽ خالي ڪرائي ڏني جيئن ته ميرپورخاص کان عمرڪوٽ ٧٠ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي اسان انهي ستر ڪلوميٽرن جي سفر دوران گاڏي جي شيشي مان مختلف قدرتي توڙي مصنوعي منظر ڏسندا رهياسين ۽ آخرڪار ڊگهي انتظار کانپوء سوا ست بجي ڌاري عمرڪوٽ شھر ۾ داخل ٿياسينگاڏي اسان کي سڌو تين تلوار وٽ لاٿو جيئن ته اسان ٻئي ڄڻا دعوت واري جڳھ کان بلڪل اڻڄاڻ ھئاسين تنهنڪري اسان رڪشن ۽ دڪاندارن کان پڇندا پڇندا آخرڪار اچي دعوت ۾ پهتاسين جتي پهرين کانئين رش لڳل هئي ڪا ايس او پيز تي عمل نه هئيو تمام چند اهڙا ماڻھون هئا جن کي ماسڪ پاتل هئا باقي اڪثرت بغير ماسڪ پائڻ وارن جي هئي ان دعوت ۾ موجود سڀ چھرا منهنجي لاء نوان هئا جيئن ته اتي جي ماڻھون سان منهنجو واسطو به نه هو صرف هڪ ئي شخص هو عمرڪوٽ شھر جو جيڪو مونکي ۽ جنهن کي آئون سڃاڻندو هئس منهنجون يڪدم انکي نظرون ڳولهڻ لڳيون ۽ آخرڪار اهو ملي ويو جنهن جو نالو هو جي ايم ڀڳت عمرڪوٽ شھر جو ناليوارو شخص جيڪو هميشه مرڻي يا پرڻي اسان وٽ ايندو رهندو هو تنهنڪري مان ان کي سڃاڻندو هئس۔ سائين جي ايم ڀڳت اسان کي دل جي گهراين سان ويلڪم ڪيو ۽ اچي اسان کي ڪرسين تي ويهاريو ڪجھ ئي لمحن کانپوء ماني لڳي جنهن کانپوء سڀني مهمانن کي ماني لاء سڏ ٿيو ۽ اسان به انهن ٻين ماڻھن سان گڏجي ماني کاڌيسين جنهن ۾ مختلف تعام تيار ٿيل هئا ۽ جيڪي کائڻ ۾ ڏاڍا ذائقيدار هئا ماني کائڻ کانپوء يڪدم ٻاهر اچي هٿ ڌوئي پوئو لکرائي ۽ پوء سائين جي ايم ڀڳت سان موقلائي ٻاهر آياسين جيئن ته مون پهرين به ٻڌايو ته آئون عمرڪوٽ ۾ اڄ ٻئي دفعي آيو هئس انڪري مان واقف نه هئس جيئن ته هن وقت رات جا 8:25 ٿي چڪا هئا ۽ اسان کي هتي هڪ رات به رهڻو هو ۽ پوء ٻئي ڏينهن عمرڪوٽ جي قلعي کي گهمڻو هو تنهنڪري مون امير سلطان کي چيو ته جيڪڏهن تنهنجو ڪو دوست هتي جو رهاڪو هجي ته ان سان رابطو ڪر ته جيئن پاڻ رات ان وٽ رهون جيئن سڀاڻي آرام سان وري قلعو گهمي سگهون تنهن تي امير سلطان پنهنجي مختلف دوستن جا نمبر لڳايا ڪجھ دوستن جا نمبر ته بند هئا ۽ جيڪر ڪجھ جا کليل هئا ته اهي اتي موجود نه هئا آخرڪار گهڻين ڪوششن کانپوء هڪ دوست سان رابطو ٿيو جنهن جو نالو شھباز سومرو هو جيڪو گذريل ٻن سالن کان چائنا اندر سول انجنيئرنگ ڪري رهيو هو جنهن اسان کي تين تلوار وٽ اچڻ لاء چيو ۽ اسان به گهمندا ڦرندا آخرڪار تين تلوار وٽ پھتاسين ۽ ان دوست کي ڪال ڪئيسين جنهن ٻڌايو ته هو رستي ۾ آھي جيڪو پنجن منٽن ۾ پڄڻ وارو آھي آخرڪار هو پنج منٽن کانپوء تين تلوار وٽ پهتو هن اسان جو بهترين طريقي سان آڌرڀاء ڪيو جنهن کانپوء اسان ٻئي ان سان گڏ موٽرسائيڪل تي سوار ٿي مختلف گليون ۽ بازارون ڪراس ڪندي سعيد پاڙي ۾ موجود فليٽ تي پهتاسين  جيڪو فليٽ تمام خوبصورت ڊيڪوريٽ ٿيل هو هن زبردست ۽ ڪشادو ۽ هوادار ڪمرو هو جنهن ۾ چار بلب هڪ پنکو هڪ اي سي ۽ هڪ ٽيبل پيل ھو جنهن تي روم اسپري ٻه پاڻي جون بوتلون، ڪجھ شيشي جا گلاس ۽ ڪجھ چانھ وارا ڪپ پيل هئا  جيئن ته ڪمري سان اٽيج هڪ گيلري هئي جيڪي اترئين سائيڊ ھئي ۽ وري روم سان اٽيج هڪ وڏو باٿ روم هو جيئن ته فرش جي ٽائيلن تي هڪ خوبصورت ڪالين وڇايل هو ۽ ان تي ٻه بسترا لڳل هئا. اسان روم ۾ داخل ٿيڻ کانپوء فريش ٿي ڪمري کانپوء ٻاهر جتي ڪجھ خالي پلاٽ پيل هو جنهن تي اسان اچي ڪاٺيون گڏ ڪري مچ ٻاري پاڪستان جي سياست، ڪرونا وبا، ۽ چائنا جي ماحول ۽ انهي جي پڙھائي بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيوسين  آخرڪار رات جا ساڍا ٻارنهن اچي ٿيا ۽ آھستي آھستي ننڊ جا جھٽڪا به اچي رهيا هئا تنهنڪري سنگت کان موڪلائي ڪمري ۾ اچي آرامي ٿياسينٻئي ڏينهن صبح جا پوڻا ست ٿي رهيا هئا ۽ اسان ننڊ مان سجاڳ ٿياسين جنهن کانپوء فريش ٿي دوست کي ڪال ڪئيسين جنهن ٻڌايو ته هو هوٽل تي آھي ۽ ناشتو تيار ڪرائي رهيو آھي بس پنجن منٽن ۾ پهچي ٿو جيڪو ڪجھ دير ۾ ڪمري ۾ داخل ٿيو انکان پوء اسان گڏجي ناشتو ڪيو جنهن کانپوء عمرڪوٽ جي قلعي کي ڏسڻ لاء نڪري پياسين ڏھ منٽ جي سفر کانپوء مارڪيٽون، ور وڪڙيل کائيندڙ گليون ۽ روڊ لتاڙي آخرڪار اچي عمر جي قلعي جو ھڪ تمام وڏو ۽ مضبوط گيٽ ڏٺوسين جيئن ته قلعي کي چوديواري ڏنل هئي جيڪا ديوار تمام وڏي، خوبصورت ۽ مضبوط ٺھيل آھي. جيئن ته منهنجي زندگي جو هي پهريون سفر هو انکان پهرين تاريخي ۽ تهذيبي جڳهيون مون صرف ٽي وي يا ڪنهن يوٽيوب تي ڪنهن ڊاڪيومينٽري ۾ ڏٺيون هيون۔ پر خير اڄ پهريون ڀيرو مان پنهنجي کليل اکين سان عمرڪوٽ جو قلعو ڏسي ڌاڍو خوش ٿي رهيو هئس عمرڪوٽ جي قلعي اندر تمام گهڻيون جڳهيون زبون ٿي چڪيون هيون. سڀ کان پهرين انگريزن جي دور جو ٺھيل قيدخانو ڏٺوسين جتي انگريز سزا ڏنل مجرمن کي قيد ڪندا هئا اهو بلڪل تباه ٿي ڪري چڪو هو، جنهن کانپوء انگريزن جي دور جو ٺھيل ميوزيم ڏٺوسين جنهن جو ديوارون مڪمل ڪري چڪيون هيون، جنهن کانپوء گهمندا ڦرندا هڪ انگريز جي قبر تي آياسين جيڪا قلعي جي اولھ واري سائيڊ جي دروازي جي بلڪل ويجھي هئي جيڪا انگريزن جي دور جي ڊپٽي ڪمشنر واٽسن سڌ جي قبر هئي. جنهن کانپوء ھڪ نئين جوڙائيل ميوزيم ڏٺوسين جنهن ۾ مختلف حاڪمن جي دورن جا تاريخي ڪتاب تصويرون، مورتيون، هٿيار جنهن ۾ ترار، ڀالا، بندوقون، توبون، گولا، خنجر کان علاوه به ڪيترا ئي هٿيار موجود آھن جنهن کان علاوه عمر ۽ ماروي جو مجسمو به موجود آھن، جنهن ۾ عمر ماروي کي ڪپڙا ۽ زيور ڏيندي ڏيکاريل آھي جنهن ۾ ماروي هٿ سان اهي سڀ پائڻ ۽ وجھڻ کان انڪار پئي ڪري. جيئن ته سائين سردار شاھ جي سهڪار سان ان قلعي تي ڪجھ مهينن کان قلعي جي  ديوارن جي مضبوطي جو  ڪم اڄ به جاري آھي عمرڪوٽ جو قلعو جيڪي عمر سومري ۽ ماروي جي داستان توڙي اڪبر بادشاھ جي پيدا ٿيڻ جي ڪري مشھور آھي تنهنڪري اسان عمرڪوٽ جو قلعو مڪمل گهمڻ کانپوء اڪبر بادشاھ جي پيدا ٿيڻ واري جڳھ تي گهمڻ جو پروگرام ڪيو جيڪي عمرڪوٽ جي قلعي کان اتر اولھ طرف شھر کان لڳ ڀڳ ١ ميل جي مفاصلي تي واقع آھي اهو به جڳھ ڏسي ڪري واپس عمرڪوٽ جي بسن، ڪوچين ۽ وينن جي اڏي تي پهچاسين جتي پهرين کانئين ميرپورخاص وڃڻ لاء اي سي تيار هئي تنهنڪري دوست سان موڪلائي اچي اي سي ۾ ويٺاسين پٻھرن جا ٻارنهن ٿي چڪا هئا گاڏي شور ڪندي پنهنجي منزل طرف نڪري چڪي هئي۔
Practical work Under supervision of Sir Sohail Sangi