Showing posts with label Waqar-Soomro. Show all posts
Showing posts with label Waqar-Soomro. Show all posts

Saturday, 5 December 2020

Waqar-Soomro Travelogue - At the banks of Indus River

Assigned by Sir Sohail Sangi 

Waqar-Soomro Travelogue

سنڌوء جي ڪپ تي چانھ جو هڪ ڪوپ

(سفرنامو)

وقار سومرو

ايم اي پريوئس

رول نمبر : 59

 

هر طرف ٽريفڪ جا آواز روز ساڳيا ماڻهون روز ساڳيا مسئلا روز ساڳيا ڪم ڪار روزانه جي بنياد تي هڪ جهڙي جڪڙيل زندگي نيٺ انسان کي ڪٿي نه ڪٿي اهو احساس ضرور ڏيارندي آهي ته ڄڻ هو هڪ پنڃري ۾ قيد پکي جيان هڪ ٻوساٽيل زندگي گذاري پيو۔

شهر جي هوائن ۾ هر طرف ٽريفڪ جي آوازن ڪنن تي ڄڻ دٻ چاڙهي ڇڏيو۔ شهري مصروف زندگي کان هڪ ڏينهن بيزاري جي عالم ۾ هڪ مانشهر کان ٻاهر ڪنهن خاموش جاء تي ونڃي تنهائي ۾ سڪون وٺڻ جو سوچيو ته پهرين پهرين منهنجي ذهن ۾ سنڌو درياء جي ڪپ تي ويهي لهندڙ سج سان گڏ پنهجي دماغ تي چڙهيل بيقراري بيزاري کي به انهي تريخ جي سج سان هميشه ھميشه لاء غروب ڪرڻ جو ارادو آيو۔ ته پوء بس بغير ڪنهن دير جي تياري پڪڙي ڪار جي چاٻي کڻي سڌو نڪتس سنڌو


درياء جي ڪپ تي هڪڙو ڪوپ چانھ جو پيئڻ۔

لاڙڪاڻي شهر جي اهم روڊ يعني بندر روڊ شاهي بازار کان لنگهدي ٽريفڪ ۽ ٽٽل روڊ رستا هميشه وانگر ٽائيم زايه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن پر منهنجا ارادا پڪا هئا سو جيئن تيئن به اتان لنگھڻ جو مو پهرين ئي سوچي ڇڏيو هئو واقعي شهر جي روڊ رستن تان گذرندي ايئن پئي محسوس ٿيو ڄڻ گڏھ گاڏي جي سواري هجي روڊن جي حالت اهڙي ڄڻ موهن جي ڌڙي جي تازي کوٽاي ٿيل هجي مٿان وري اينٽي انڪروچمينٽ وارن پاران ڊاهيل دوڪان ۽ گهر ته وري ڪلپنائون کي حقيقت ۾ موهن جي دڙي جو ڏيک ڏيکاري رهيا هئا سو دل ۾ تمنا ٿي  موهن جو دڙو به ته درياء ڏانهن ويندي رستي ۾ ٿو پوي ڇو نه موهن جي دڙي تان به چڪر لڳائجي ۔

باقراڻي بس اسٽينڊ وٽ تاريخي يادگارمصطفى ڪمال اتاترڪ ٽاور به ڏٺوجيڪو اٽڪل 53 سال پراڻو آهي۔  1973 ۾ ذولفقار علي ڀٽو پاران تعمير ڪرايو ويو هئو جيڪو اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ جمهوريه ترڪي جي دوستي جي نشاندهي ڪري ٿو۔ ٽاور جي چوپاسي رڳي سياسي سماجي اشتهار ۽ بينر ٽاور جي خوبصورتي تي گهرو اثر وجهي رهيا هئا۔ مين ايئر پورٽ روڊ تان هلڪي هلڪي رفتار ۾ گذرندي اوٺا چوڪ تي پهتس اوٺا چوڪ نئون آباد ٿيل مقام آهي جيڪو اتان جي چانھ جي ڪري به تمام گهڻو مشهور رهيو آهي ۔ هڪ پاسي لاڙڪاڻه سرڪيولر روڊ ٻئي پاسي خيرپور ويندڙ رستو ٽي پاسي شھر جو رستو ۽ چوٿون وري موهن جو دڙو ۽ ايئر پورٽ ڏانهن ويندڙ رستا اوٺا چوڪ کي آباد ڪيون ويٺا آهن ۔ چوندا آهن اوٺا چوڪ جنهن وقت غير آباد هئو ته ان وقت هتڙي ڌاڙيل ۽ فورو جام اياشيء ۾ هوندا هئا هر اينڌڙ وينڌڙ ماڻهون هتان ڌاڙيلن کان خير و پناھ گهرندا هئا ۔ خير ، ٿورو ئي اڳتي مسافت جي پنڌ کان رستي جي وٽ سان هڪ پراڻي پير ، پير ڪبير جي  درگاھ به ڏٺي هن درگاه جي جر جو ٿڌو پاڻي گرمي جا سڀ ٿڪ لاهي ڇڏيندو آهي ۔

جيئن جيئن آبادي وارا علائقا گذرندا ويا تيئن تيئن خاموشي سڪون ۽ اطمنان جو احساس محسوس ٿيندو رهيو روڊ جي ٻنهي پاسن کان ساوا ساوا تيار فصل به هلڪي هلڪي هير سان لهرندي ڄڻ ڪار ۾ هلندڙ موسيقي جي سرن تي رقس ڪندا هجن ته وري ڪٿي پاڻي جا تلاء رستي سان گڏوگڏ وهندا نظر آيا ته ڪٿي سڪل ڪلريل زمين هئي اهي سڀ نظارا ڏسندي ڏسندي ڪيڊيٽ ڪاليج وٽان ڏوڪري باء پاس پهتس اتان ڪجھ ئي ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي موهن جو دڙو آهي ۔ موهن جي ڌڙي واري داخلي گيٽ جي کاٻي پاسي ايئر پورٽ جو رن وي چمڪندي نظر ايندو آهي جيئين ئي موهن جي دڙي جي داخلي رستي پهتس ته اتان اندر داخل ٿيڻ جي ٽڪيٽ جيڪا في ماڻهون 20 روپيه هئي ۽ جڏهن ته ڪار پارڪنگ جي ٽڪيٽ الڳ 30 روپيه ڏني ۔ ڪار بيهاري ٿورو اڳتي وڌيم ته سامهون ئي شيشن سان ٺھيل بند ڪمري هڪ قديمي ڪار ڏٺي جيڪا سر جان مارشل جي ڪار هئي ، سر جان مارشل جي اڳواڻي ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪرائي وئي هئي جڏهن ته موهن جي ڌڙي مان مليل قديمي آثار جنهن ۾ سون ، پتل ۽ هاٿي جي ڏندن مان ٺهيل زيور پٿر جا ٺهيل ٿائنؤ کوٽائي مان مليل انساني جسم جا هڏا بادشاھ جي گهر جا نقشا هڙاپا جو پراڻو اڏيل ڊائنچو ۽ ٻيا ڪيترائي نمونه اتي ٺهيل ميوزيم ۾ رکيل آهن جيڪا داخلي گيٽ جي ساڄي پاسي ڪجھ ئي قدمن جي دوري تي اڏيل ھئي۔ ميوزيم ۾ اندر داخل ٿيڻ جي به ٽڪيٽ رکيل آهي ٿورو اڳيان پنڌ تي سامهون ئي اسٽوپا نظر آيو جنهن تي چڙهي تقريبن موهن جي دڙي جي سموري ايراضي ڏٺي ۔ پاڪستاني ڪرنسي جي ويھ روپين تي لڳل موهن جي ڌڙي جو فوٽو جتان بيهي ڪڊهيو ويو آهي اتي بيهي موهن جي رڙي جو حيرت ۾ وجهندڙ نظارو ڏسڻ وٽان آهي ۔ اڳتي پنڌ ڪندي هڪ وڻ نظر آيو جنهن جي ڇانؤ هيٺان هڪ بينچ رکيل هئي ويراني ۾ ويھي تعجب منجهان حيرت ۾ سوچيندو رهيم ته پنج هزار سال پهريان ايترا جديد قسم جا گهرقديم اڏيل گهر اڄ جي جديد گهرن سان ڪيترو نه ڀيٽ ۾ برابر آهن اگر اها قوم تباھ نه ٿيئي ها ته اڄ جي دؤر ۾ انهن جا گهر ڪيترا نه جديد هجن ها۔۔۔ خير سوچڻ ڪاڻ ته ڪجھ به سوچي سگهجي ٿو اتي ڪجھ وقت گذارڻ کانپوء پنهنجو سفر جاري رکيم ۔

موهن جي ڌڙي ڀرسان هڪ پراڻو ڳوٺ جنهن جو نالو بلهڙيجي ڳوٺ آهي جتان سنڌودرياء  وهندو آهي سو مان درياء جي ويجهو پهچي ڏٺم ته اتي ڪجھ آبادگار هاري پنهنجي فصلن تي جهار هڪليندي نظر آيا جن سان مون سلام دعا ڪئي ۽ اتي ويهي وقت گذارڻ جي اجازت گهري ۔

شام جو وقت لهندڙ سج پکين جا پيارا ڳيت ڳائيندي ڳائيندي پنهنجن گهرن ڏانهن واپسي پاڻي جي ڇولين جا آواز سڪون ۽ راحت جو هڪ عجب ئي احساس ڏئي رهيا هئا پيا۔ سنڌ درتي جا سهڻا ماروئڙا هاري ايترا ته مهمان نواز هئا جن مونکي تنهائي ۾ اڪيلي ويٺي ڏسي رهي ڪونه سگهيا ۽ منهنجي لاء خالص کير جي چانھ تيار ڪري مون وٽ اچي پهتا ۔ مون انهن جو سڪريو ادا ڪندي مسڪرائيندي ماروئڙن کي عزت ۽ مان ڏنو۔ بس! پوء ته چانھ جي ڪوپ ۽ سنڌوء جي ڪپ جيڪا راحت دل کي ڏني اهو لاجواب سڪون بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي ۔ سج به لهي چڪو هئو رات ٿيڻ واري هئي سو مون اتان وارن کي الوده چئي ڪري نڪرڻ جي تياري ڪئي ۔ چوندا آهن موسيقي روح جي غزه آهي هلڪي آواز ۾ سنڌي موسيقار ٻنڌندي ساڳيئ رستي سان واپسي ڪري اچي گهر پهتم ٻئي ڏينهن

  وري ساڳيا ماڻهون وري ساڳيا ميلا ۔