Showing posts with label Thar. Show all posts
Showing posts with label Thar. Show all posts

Wednesday, 25 November 2020

Travelogue Noor Jahan

 To be checked 

wrong subject line, wrong file name, this will create mess. Writer;s name is missing in the text file. 

This practice can result into no entry of your name in the list.

Do not insert photo in the text file.  
Do not send from some others email

سفر نامو ٿر جو

Noor Jahan

Mmc2k20 roll number 38

هيئن ٿر جو ڳالهه ٻڌائينداهئاسي ٿرگهمڻ جي لحاظ کان تمام  سٺو هوندو ، اهو به جڏهن برسات جي موسم ۾ ڇو ته جڏهن برسات وسندي آهي ته ٿر سڄو سائو ٿيندو آهي ٿر جون ڀٽون ۽ وڻ ساوا ٿيندا آهن. اسان کي ٿر گهمڻ جو به شوق هيو پرحالات جي ڪري هرسال ٿر گهمڻ لاءِ دل ڏاڍي چوندي هئي آخر ڪار 17 آگسٽ سال 2019ع ۾ بابا خواهش ڏيکاري ته هلو ٿر گهمي اچون، بابا کي ٿر ۾ ٻن دوستن جي طرفان دعوت هر سال ملندي هئي، هن سال بابا اسان کي تيار ڪيو، اسان پنهنجي گاڏي ۾ چڙهي صبح جو سويري ڳوٺ کان روانه ٿياسين اتان حيدرآباد آياسين اتي هڪ هوٽل تي گاڏي روڪي سين، اتي چانهه پيتي سين، اتان نڪتاسين حيدرآباد کان ميرپور روڊ تي گاڏي چڙهي اتان اسان ٽنڊوڄام ڪراسي ڪيوسين، اتان اڳتي ٽنڊوالهيار ڪراس ڪيوسين، اتان پوءِ ميرپور باءِ پاس وٺي ٿر واري روڊ تي چڙهياسين، اڳتي ڪافي سفر ڪيوسين، اسان بابا کي چيو ته ڪٿي بريڪ لڳا ته ڪجهه وقت ريسٽ ڪريون هڪ هوٽل تي پهتاسين اتي گاڏي مان لٿاسين اتي اسان چانهه پيتي سين، اسان گهر کان پهريون دفعو نڪتاسين اسان پاڻ ۾ چار هئاسين، هڪ آئون، منهنجي ننڍي ڀيڻ ۽ هڪ منهنجو ڀاءُ ۽ بابا، بابا اسان کي سجھي رستي ۾ هر شهر ۽ اسٽاپ جي گائيڊنگ ڏيندو رهندو آهي، اتان ڪجهه ٽائيم ريسٽ ڪري نڪتاسين، اتان سڌو وياسين اهو قلعو نئون ڪوٽ شهر جي ڀرسان اوڀر طرف آهي، اسان گاڏي پارڪ ڪئي پوءِ اسان سڀئي قلعي جي اندر گهمڻ وياسين، قلعو ڏاڍو وٺندڙ هيو، قلعي ۾ اندر چوطرف کان باريڪون ٺهيل هيون ۽ مورچا ٺهيل هيا، قلعي تي مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪٽيون ٺهيل هيون، انهن ڏاڪڻين تي چڙهي مٿي واسين انهيءَ ڏينهن گرمي زياده هئي، ڇاڪاڻ جو موسم برساتي هئي، گهُٽ ۽ هبس زياده هئي، هوا جو نالو ئي نه هجي، اهو ٽائم هيو ڏنهن جو 2 وڳي جو، قلعي ۾ ميرن جي دور جي حساب سان اندر ڪمرا ٺهيل هئا ۽ قيدين جي قيد خانه انهن سزا لاءِ ڦاسي گهاٽ ٺهيل هو، قلعي جي ايراضي وڏي هئي، قلعي جي مٿان چوطرف کان مورچا ٺهيل هئا ۽ پراڻيو طوفون به رکيل هيون، اتان گهمڻ کانپوءِ اسان اتان نڪتا اڳتي روانه ٿياسين، اڳتي بابا جو هڪ دوست سان فون تي رابطو هيو، اهو اڳيان هڪ ننڍو اسٽاپ هو، اتي اهو دوست بابا جو بيٺل هيو، انهيءَ سان بابا مليو هيو، اسان کي پنهنجي ڳوٺ وٺي ويو، شام جي ٽآئيم اسين اتي پهتاسين، هلڪي هلڪي برسات بگه شروع ٿي وئي، ٿر وارن جا گهر اڪثر ڪري گول چونرا ٺهيل هوندا آهن، هاڻي ته ڪجهه پڪيون جايون به ٺهيل هيون، اسان کي گهر وٺي ويا ۽ بابا ۽ ادا کي انهن جي اوطاق ٺهيل هئي، پڪي ٺهيل هئي، سج لهي ويو، رات اتي ترسياسين، واري واريون وڏيون ڀتيون ۽ زميون سڀ سائو نظارو پئي ڏيکارين پيون.

بابا جا دوست اهي ذات نوهيڙيا هئا، انهن جو ڳوٺ وڏو هيو، انهن کي روڊ بجلي گورنمينٽ جو پرائمري اسڪول به هيو، ساري رات هلڪي هلڪي بارش پئي وسي، ٿر جا ماڻهو ڏاڍا مهمان نواز آهن، ٿر ۾ ايتري آبادي به ڪونهي بس برسات جي وسڪاري جي ڪري زمينون آباد ٿينديون آهن، باقي غربت ٿر ۾ تمام گهڻي آهي، انهيءَ جي باوجود ٿري ماڻهو دل جا سخي آهن ۽ مرد توڙي عورتون تمام خوش اخلاق آهن، اسان صبح جو وري اڳتي وڃڻ جي تياري ڪئي سين، اتان صبح اسان اڳتي روانا ٿاسين اڳتي وري بابا جو ٻيو دوست هيو، اهو غير مسلم ذات جو ڀيل هيو، اهي ڀيل اسان جي علائقي ۾ هر سان ڪڻڪ جي مند ۾ ڪڻڪ جي ڪٽائي ڪرڻ لاءِ ايندا آهن، اهي پنهنجي سجھي فيميلي سان هتي اچي ڪڻڪ ان کانپءِ ٻي مزدوري ڪندا آهن، جڏهن ڪم ختم ٿيندو آهي پوءِ واپس هليا ويندا آهن، اهيو هيو مٺي شهر جنهن ۾ ان سان رابطو ٿيو، اتي مٺي شهر ۾ مليو، انهيءَ بابا کي چيو هلو ڳوٺ مگر بابا ان کي چيو ته اسان اجھ توڏانهن ڪونه ٿا هلون، جڏهن ننگر پارڪر ڪارونجهر گهمڻ لاءِ وڃون ٿا، انهيءَ چيو ته ٺيڪ آهي، واپسي ۾ ضرور رابطو رکجو، اسان اتان روانا ٿياسين، مٺي جي شهر مان اندر کان بابا هليو، هلڪي هلڪي وري بارش شروع ٿي وئي، گاڏي پنهنجي رفتار سان هلندي رهي، اسلام ڪوٽ جو شهر آيو شهر کان ٻاهران باءِ پاس کان پهرياسين ڏاڍو سهڻو ۽ وڻندڙ نظارو هيو، وڏيون وڏيون واري جون ڀٽون هيون، وڻ ساوا ڪٿي ٻنيون هيون، انهن ۾ گوار، ٻاجهري، چونئرا، هنداڻا، گدرا ۽ ٿر جا وڏا چڀڙ، اڪثر ڪري روڊ تي ماڻهن کمڀيون، مليرو سرنهن جو ساڳ رکي ويٺا ها، انهن جي ماڻهن خريداري به پئي ڪئي، اسان اڳتي هلي هڪ هوٽل وٽ گاڏي روڪي سرن اهيو هوٽل ڪنٽيفرن ۾ ٺهيل هيو، چار کان پنج ڪنٽينر رهيل هيا هر ڪنٽينر ۾ ڊائننگ ٽيبلون ۽ ڪرسيون هيون ۽ وي آءِ پي طرح سان هيون، صاف سٿرو هوٽل هيو، اندر ڪالين شيشي جون ٽيبلون وڏيون ڪرسيون ۽ هيون اتي اسان ماني کاڏي سين ان کانپوءِ اسان اٿان روانا ٿياسين، ننگر پارڪر ڏانهن اسان ننگر پارڪر  ۾ پهچائڻ کان پهريان وياسينماروي جي کوهه تي اتي گهمياسين ان کانپوءِ پراڻي زماني هڪ وڏو مندر ٺهيل هو،ان جي سامهون ميدان هيو اتي اڪثر هندو گهڻا هيا، مسلمان گهٽ هيا، هي به هڪ پڪنڪ پوائنٽ هئي، اتان اسين وري اڳتي ننگر پارڪر جيڪو شهر اندر يا بارڊر سان لڳي ٿو واسين، انهي سجھي رستي ۾ ڪٿي برسات گهڻي وسي ڪٿي ڪونه وسي، ڪتي گهٽ وسي، آخرڪار اسان شام جو ننگر پارڪر پهتاسين، سڀ کان پهريان ميوزيم ۾ گهمڻ وياسي، ان کانپوءِ اسان ڪارونجهر جبل وياسي، شام جو وقت هيو، گاڏي پارڪ ڪئي سين، هلڪي هلڪي گرمي به هئي، اسان پيئڻ لاءِ پاڻي جون ننڍيون بوتلون ورتيونسين، پوءِ اسان اڳتي وڏياسين، بابا ٿورو اڳتي هليو، وڏن پٿرن جو ميدان هيو، تان هڪ ندي ٺهيل ان جي مٿان پل ٺهيل ڪراس لاءِ ماڻهو ڪارونجهر ڏانهن ويندا هيا، انهي ميدان وٽ ويهي رهيو، اسان ڀاءُ سان گڏعي ٻئي ڀيڻون ڪارونجهر ڏانهن چاڙهين تي چڙهندا وياسين، چوٽي تي چڙهڻ لاءِ اسان 4 دفعا ريسٽ ڪيوسين، چڙهڻ ۾ تمام ڏکيو هيو، وڏي عمر جي ماڻهن لاءِ نقصان ڪار ثابت ٿئي ٿو، آخر اسان چوٽي تي چڙهياسين اتي هڪ ميدان ٿورو هيو، اتي ٻه جهنڊا هيا، هڪ جهنڊ لڳل هيو رات پئجي رهي هئي، ٽي اسين به ٽي ٻيا ماڻهو هيا باقي سج لهڻ جي ڪري ڪافي ماڻهو اڌ رستي مان واپس ٿيا، اسان کي موبائل جي روشني جو سهارو وٺڻو پيو، اهي چاڙهيون چڙهڻ به تمام ڏکيون پر لهڻ به ۾ ڏکيون، خير الله سائين ياد ڪري لهڻ شروع ڪيوسين، آهستي آهستي اچي هيٺ پهتاسين، اتي رات جا 8 ٿي ويا جبل تي چڙهڻ ۽ واپس اچڻ ۾ ٻه ڪلاڪ جو ٽائيم لڳو، بابا اسان جي انتظار ۾ هيٺ هڪ وڏي پٿر تي ويٺو هيو، اسان واپس آياسين هلڪي بارش به شروع ٿي چڪي هئي، بابا چيو ته هلو هلي ڪٿي رات رهڻ جو بندوبست ڪريون، باقي نظارو صبح جو گهمبو، اتان گاڏي ۾ چڙهاسين شهر ۾ آياسين، اسان کي ڪابه موزون فيملي واري هوٽل نه ملي ڇو جو گهڻي رش جي ڪري سڀ ريسٽ هائوس ۽ هڳوٽلون ۽ جايون بڪ هيو، هڪ ڪلاڪ جي ڳولا کانپوءِ اهيو سوچيو ويو هاڻ واپسي جو رخ ڪجي، رات جو ٽي وڳي اسان اتان روانا ٿياسين، ڪافي سفر کانپوءِ هڪ رينجرز وارن جي چيڪ پوسٽ کان ڪراس ڪيوسين، اڳتي ٿوري پنڌ تي برسات شروع ٿي وئي، ايتري وڏي برسات زندگي ۾ اسان ڪونه ڏٺي، پر بابا به چيو ته اسان پنهنجي حياتي ۾ ايڏي وڏي برسات ناهي ڏٺي، تقريبن 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تائين اهيا برسات هئي روڊ جي ڪابه خبر نه پئي، ايڏو پاڻي هيو جو گاڏي جي ونڊ اسڪرين جا وائيپر هليا پئي، الله سائين کي ياد ڪندي دعائون گهريون، آهستي آهستي اچي رهيا هئاسين، ڪافي ساريون گاڏيون برسات ۾ رستي ۾ بيٺل ڏٺيون سين، جنهن اڪثر ڪري ليڊر هئي اهي ويچارا پريشان هئا برسات ۾ گاڏيون بند ٿي ويون، رات جو ٽاِم سنسان علائقو شهر به پري ڪو اسٽاپ به نه هجي، بهرحال اسان رات جو اسلام ڪوٽ جي ويجهو ٿياسين ته برسات به رڪجي وئي، اسان سڌو اچي مٺي شهر ۾ پهتاسين، رات جي ماني 11 وڳي هڪ هوٽل تي کاڌي سين اتي رهائش جو بندوبست هڪ ريسٽ هائوس ۾ ٿيو، ٻه مرا ورتائين گيسٽ هائسو صاف سٿرو هيو، بيڊ به صاف سٿرا هيا، اي سي به هئي گرمي رات جو گهڻي هئي، رات اٿي گذري سين صبه جو اتان 10 وڳي ناشتو ڪري نڪتاسين مٺي واري ڀٽ تي وياسين اتي گهمياسين پارڪ به ڏٺوسين، انهي ڀٽ تان مٺي شهر سڄي جو نظارو ڪيوسين، اتان کانپوءِ اسين بابا جي دوست وٽ جيڪو گذريل ڏينهن اسان سان مليو هو انهي جي ڳوٺ پاڻ غيرمسلم هيا، مگر اسان جي لاءِ مسلمان کان ماني جو بندوبست ڪرايو، اسان کي اهيو ڀيل پنهنجي گهر وٺي ويو، انهن جا گهر گول چوئنرا ٺحيل هئا ٿلهي تي هڪ نم جو وڏو وٽ هيو، انهي نم جي هيٺان چار پنج کٽون رکيل هيون، انهن مٿان نوان بسترا وڇايل هئا، انهن جي عورتن ته اسان کي سجھي ڳوٺ جي ٻاهران واري جي وڏين ڀٽن تي زمين ۾ گهمايو، تمام گهڻي خدمت ڪئي، انهن مسلمانن وٽان جيڪا ماني تيار ڪرائي اها اسان مسلمان جي گهر وڃ اکڌي سون، تمام سادا مهمان نواز آهن، ٿر جا ماڻهو انهن جو 4 وڳي اسان اتان موڪلاڻي ڪئي، جنهن ڏينهن واپسي ڪئي سين اها تاريخ هئي 19-8-21 جئين ته اتي جي ماڻهن اسان کي ڪافي سارا گفٽ به ڏنا، اتان جون گمڀيون به تمام سٺيون هيون، اسان انهي ڏينهن رات جو 8 وڳي واپس اچي ڳوٺ پهتاسين، ٿر جو سفر به زندگي جو پهريون سفر هيو، تمام گهڻو مزو آهي، زندگي ساٿ ڏنو ته وري ڪڏهن ر جو سفر به ڪبو، ڪجهه نيون شيون به سفر نامي ۾ شيئر ڪبيون.