Showing posts with label Saira Chandio. Show all posts
Showing posts with label Saira Chandio. Show all posts

Sunday, 6 December 2020

Saira Chandio Travelogue

 Not in proper format

U can see how it appears in blog


 Saira Chandio

Class : 2k20/MMC/47

 

حيدرآباد کان ڪراچي جو سفر :حيدرآباد کان ڪراچي جو سفر :



حيدرآباد کان ڪراچي جو سفر :

جيئن ته سنڌ جا ڪيترائي شھر سير ۽ سفر جي لحاظ کان ڪافي اھميت رکن ٿا. پر ڪراچي سنڌ جو وڏو شھر ھجڻ جي ڪري تمام  مشهور شھر آھي. جتي پوري سنڌ ئي نه پر پوري پاڪستان کان ماڻھون سير ۽ سفر ڪرڻ کي  گھڻو پسند ڪندا آھن. ڇو ته ڪراچي ۾ سمنڊ جي ھڪ الڳ ئي سڃاڻپ آھي.  پر ان سان گڏوگڏ تفريعي جي لحاظ کان به گهڻي اھميت رکي ٿو .  ان ڪري ڇو ته سمنڊ ھڪ اھڙي جڳھ آھي جو اتي ھر عام ماڻھون  پنھنجي فيميلي سان اتي تفريعي ڪري سگھي ٿو پوئي اھو چاھي ڪراچي مان آيل ھجي يا وري ڪنھن ٻئي شھر جو ڇو نه هجي! ان ڪري ڪراچي ھڪ اھڙو سنڌ جو شھر آھي جتي ھر ماڻھون وڃي سگھي ٿو ۽ ان کان علاوه اتي زينب مارڪيٽ جھڙيون بازارون به موجود آھن. جتان ھر قسم جي خريداري ڪري سگھجي ٿي . ڪجھ سنڌ جا ماڻهو ھڪ ڏينھن جي سفر لاء به ڪراچي ويندا آھن . ان ڪري اسان جي سنڌ جا ماڻهو ڪراچي وڃڻ ۽ اتي خريداري ڪرڻ پسند ڪن ٿا.ان ڪري ڪراچي ھڪ اھڙو شھر آھي جيڪو گھمڻ سان گڏوگڏ خريداري جي لحاظ کان به بھترين شھر آھي .

عام ڏينھن ۾ ته اسان پنھنجي زندگي ۾  سير ۽ سفر ڪندا رھندا آھيون. پر ھن ۲۰۲۰ ۾ جيڪا وبا اسان  جي ملڪ تي پئي ته اسان پنھنجي گھرن مان نڪرڻ بند ڪري ڇڏيو ھو.  پر جيئن ھن وبا جي گھٽ ٿيڻ جو ٻڌو سين ته اسان به ڪراچي ڏانهن سفر ڪرڻ جو سوچيو . ۽ پوئي ٻن ڏينھن ۾ امان ۽ ڀاء سان گڏ ڪراچي وڃڻ جو پروگرام ٺھي ويو. ۽ ٻي ڏينھن اسان کي ڪراچي نڪرڻو ھو ۽ امان مونکي رات جو جلدي سمھڻ لائي چوندي اھو به چيو ته اسان کي صبح جو سوير اٿڻو آھي. امان جي چوڻ  مطابق آء ۽ ڀاء صبح جو سوير اٿياسين . امان جلدي نيرن تيار ڪئي ۽ اسان نيرن ڪري آئون ۽ امان جيسين تيار ٿياسين ڀاء تيار ٿي ٻاھران رڪشا ڪرائي آيو.

  آء ، امان ۽ ڀاء رڪشا ۾ چڙھي ڪراچي جي بس لائي اسٽاپ تي وڃي  لٿاسين اتي ڪجھ ٽيڪسيون به بيٺل نظر آيون ۽ اسان بس اچڻ جو انتظار پئي ڪيو . جيسيتائين بس اچي ھا  ته ھڪڙو ٽيڪسي  ڊرائيور آيو  ۽ اسان کان اچي ڪراچي ھلڻ جو پڇڻ لڳو ايتري ۾  منھنجي ڪنن تي بس جي اچڻ جو آواز پيو ۽ مون امان کي بس ڏانهن اشارو ڪندي چيو  ته امان بس اچي وئي آھي ۽ پوئي اسان پنھنجو سامان  کڻي بس ڏانهن پنھنجا قدم وڌايا. منھنجي چھري تي ھڪ الڳ خوشيء پئي جهلڪي ڇو ته ھي سفر منھنجي زندگي جو پھريون سفر ھو جيڪو ڪراچي جي لائي بس ۾ گذرڻ وارو ھو.  ۽ پوئي اسان بس جي ويجھو پھتاسين ته بس جو ڪيلينڊر وڏي آواز سان ڪراچي ،ڪراچي چوندي بس مان ھيٺ لٿو ۽ اسان جو سامان کڻي بس ۾ چڻڻ لڳو ته منھنجي ڀاء ان کان پڇندي  چيو ته ادا ڇا سيٽ خالي آھي ۽ ان تي ڪيلينڊر جواب ڏيندي چيو  ته جي ھا ادا توھان اچو جڳا خالي آھي  ۽  پوئي  اسان بس ۾  چڙهياسين . اسان بس جي پويان  واري سيٽن ڏانهن وياسين ته اسان جي ڀر واري سيٽ تي ھڪ وڏي عمر جو ھڪ شخص ويٺل ھو جنھن اسان کي سيٽ ڏانھن اشارو ڪندي چيو ته پٽ ھي سيٽ ٿوڙي صحيح ناھي توھان سنڀالي ويھجو پوء ان جو شڪريو ادا ڪندي مون چيو مھرباني انڪل ۽ پوئي مونکي ۽ امان کي ڀاء چيو توھان اڳيان واري سيٽ تي ويھو آء پويان ٿو ويھي رھان ان جي چوڻ مطابق آء ۽ امان اڳيان واري سيٽ تي ويٺاسين ۽ بس پنھنجي منزل ڏانهن روانيگي ٿي . بس اڳتي ھلي ته ڄام شورو ٽول پلازه آيو . ۽ پوئي سنڌ ورسٽيءَ ڏانهن ويندڙ روڊ تي نذر پئي ته مون امان کي ان روڊ ڏانھن اشارو ڪندي ٻڌايو .امان اسان روز ھن روڊ تان سنڌ ورسٽيءَ ويندا آھيون . ڇو ته ھي روڊ نسيم نگر ۽ علي پيلس واري پوائنٽن لائي تمام آسان رستو  آھي . ۽ ان کان پوءِ اسان جي بس ڪراچي موٽر وي تي پھتي جٿان کان ڪراچي ۱۳۹ ڪلوميٽر پري ھو . اسان سان گڏ ان بس ۾ ڪيترائي مسافر ھوا جيڪي اسان سان گڏ ڪراچي ڏانهن سفر طئي ڪري رھيا ھئا . ان ۾ اسان سميت ڪجھه فيمليون به ھيون . اسان بابا جي ڪنھن دوست جي گھر وڃي رھيا ھئاسين .  ۽  ھو اسان کي ڪراچي جي بس اسٽاپ تان وٺي وڃڻ لائي انتظار ڪري رھيا ھئا  ڇو ته اسان کي انھن جي گھر جو پتو نه ھو ۽ ڪراچي وڃڻ کان ھڪ ڏينھن اڳ اسان انهن کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته اسان ڪراچي اچي رھيا آھيو. ۽ اسان ان وقت بھريا ٽائون وٺ پھتاسين  ان وقت ڀاء مونکي سڏ ڪندي چيو ته تنھنجو انتظار ختم ٿيو ڪراچي رسي ويا آھيون . ان ئي وقت بابا جي دوست ڀاء  کي ڪال ڪري پڇيو ته توھان ڪٿي رسيا آھيو پٽ! ۽ ان کي ڀاء فون تي ٻڌايندي چيو ته چاچا اسان بھريا ٽائون وٺ رسي ويا آھيون . بس ڪراچي کان ڏھه منٽن جي مفاصلي تي آھيون . ۽ پوئي ڀاء چاچا کي جواب ڏيندي اھو به چيو چاچا اسان کي گاڏي لالو کيت وٺ پل تي لاھيندي جتي بس اسٽاپ آھي . اتي رسي اسان توھان سان رابطو ڪنداسين . اھو چئي ڀاء فون بند ڪئي  ۽ اسان بس جي دري مان ڪراچي جو شهر ڏسڻ لڳاسين. جتي روڊ تي ڪافي رش هئي اھا رش  ڏسي لڳندو آھي  ته ھي شھر ڪيڏو وڏو آھي ۽ ھن جي آبادي ڪيتري آھي ۽ اتي رسي اھو به محسوس ٿيندو آھي ته ھتي جي ھوا به ڪافي بدليل آھي . ڇو ته ڪراچي ۾ سمنڊ ھجڻ جي ڪري اتي جي ھوا جام ٿدي ھوندي آھي.  اھو اتي رسي ڪري اسان کي محسوس ٿيندو  آھي ۽ اھو به نظر ايندو آهي ته ڪراچي جا ماڻهو ڪيترا نه مختلف آھن . ڪراچي جي ھڪ پاسي واري روڊ تي ايتري رش ھوئي جيتري حيدرآباد جي صدر واري روڊ تي ٻن پاسي ھوندي آھي . ھر پاسي گاڏين جو گوڙ ھو ۽ اتي اسان جي بس رش جي ڪري ٿوڙي دير جي لائي بيھي رھي ھئي . اسان لالو کيت کان ٿوري مفاصلي تي ھواسين  ۽ پوء رش گھٽ ٿيڻ کان پوءِ اسان جي بس لالو کيت ڏانهن رواني ٿي . اتي پوڄي بس واري بس بيھاري اسان کي لالو کيت واري پل تي لاٿو.  اسان بس مان لهي روڊ تي ٻيٺاسين پوئي ڀاء بابا جي دوست کي ڪال ڪري فون تي ڳالهيندي چيو چاچا اسان  بس مان لهي ويا آھيون . ڀاء جو فون  اڄان ڪن تي ئي ھو ته سامھون کان ڪنھن اشارو ڪندي اڇي رنگ جي ڳاڏي مان لٿو ۽ ڀاء مونکي ۽ امان کي ان ڳاڏي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ھي شايد چاچا آھي . پوئي ان ڳاڏي مان چاچا ۽ ان جو پوٽ ادنان اسان کي ڏسي ڳاڏي مان لهي آيا ۽ اسان کي ڏسي تمام  خوش ٿيا ۽ پوئي اسان کي به انن سان ملي تمام خوشي ٿي . اسان ھڪ ٻئي سان ملياسين ملڻ کان پوئي . ادنان اسانجو سامان کڻي ڳاڏي ۾ رکيو ۽ پوئي اسان به ڳاڏي ۾ ويھي انن سان گڏ گھر ڏانهن روانا ٿياسين .