Showing posts with label Manchhar Lake. Show all posts
Showing posts with label Manchhar Lake. Show all posts

Saturday, 5 December 2020

Sanam Travelogue Manchhar Lake

 1045 words

 to be checked

Sanam

Roll No: 2k20.M.A.48

Class: M.A previous

Assigned By: Sir Sohail Sangi

Manchhar Lake

سفر نامو

 

هر ڪو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن سفر تي روان دوان آهي، جيئن چوندا آهن ته هيءَ زندگي ڄڻ ڪو سفر ئي ته آهي ۽ روزمرهه ٿيندڙ شيون اسان جي سفرنامن وانگر ئي ته آهن. ان ئي سفرنامي کي جاري رکندي سموري گهر جي ڀاتين ڪٿي ٻاهر گهمڻ جو پروگرام پئي ٺاهيو، نيٺ ڇنڇر جي ڏينهن سڀني گهرڀاتين منهنجي خواهش مطابق سيوهڻ شريف ۽ منڇر ڍنڍ گهمڻ جو ارادو ڪيو ۽ هڪ ڏينهن اڳ سڀني ملي ڪري پنهنجي پنهنجي ضرورت جو سامان تيار ڪيو ۽ سڀاڻي ٿيڻ جو انتظار ڪيو، جيڪو وري منهنجي لاءِ  تمام تجسس وارو سفر هو.

 آخر ڇنڇر واري ڏينهن جو صبح اڀريو ۽ سوير تياري ڪري پنهنجي نئين ڏينهن جي سفر تي پنهنجي  منزل ڏانهن روانا ٿياسين. حيدرآباد کان سيوهڻ جو سفر تمام گهڻو ته نه آهي، پر مون لاءِ خوشي جي لهر اهڙي ريت ڇانيل هئي ڄڻ مان هوا ۾ پئي اڏاميس. ڇو ته سيوهڻ جي آس پاس آراضي منهنجو اباڻو ڳوٺ پڻ آهي. جڏهن به سيوهڻ جو نالو ٻڌندي آهيان ته مون جي دل ۾ پنهنجي ڳوٺ جي ياد تازه ٿي ويندي آهي، ان کان پوءِ اسان بس ٽرمينل تي پهتاسين پر بس اچڻ ۾ ڪجھ وقت اڃا باقي هو، اهو ڪجھ گهڙين جو انتظار مونکي ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ بس پهچڻ ۾ صدين جو ڪو وقت لڳندو، گاڏي جو انتظار ختم ٿيو ۽ اسان گاڏي ۾ ويٺاسين، ڪجھ مفاصلو اڳيان هلياسين ته وري المنظر وٽان گذر ٿيو ته اتان جو مشهور جڳ مشهور پلو ياد آيو. المنظر جي پل تان گذرڻ وقت پاڻي جون لهرون ڏسي دل کي سڪون ملي ويو. ٿورو اڳتي ڄامشورو ۾ پهتاسين ته اتان جون هوائون ۽ خوشگوار موسم ڏسي دل کي راحت ملي وئي. 

اهڙي طرح اسان جو سفر جاري رهيو رستي ۾ اڳيان آمري ۾ بيٺاسين اتي هڪ هوٽل تي چانھ پيتي سفر ۾ چانھ پيئڻ جو مزو ڪجھ الڳ ئي هوندو آهي. پوءِ وري اسان منزل ڏانهن روانا ٿياسين، اهڙي طرح سفر هلندو رهيو، جڏهن اسان لڪي شاھ صدر کان گذري رهيا هئاسين ته اتي تمام وڏا جبل هئا، جنهن کي ڏسڻ سان نظر ته کٽي وئي پر جبل جي اونچائي نه پئي کٽي، اسان جي منزل قلندر لعل شهباز هئي، جنهن جو اصل نالو حضرت عثمان مروندي هو، قلندر لعل شهباز اصل مروند شهر هو. جڏهن اسان سيوهڻ پهچڻ وارا هئاسين ڪجھ ڪلوميٽر پري درگاھ جو سونهر ي غمبذ تي نظر پئي ، سج جي روشني غمبذ تي پوڻ سان اهو چمڪي رهيو هو. سيوهڻ اسٽاپ تي بس بيٺي، اسان پنهنجو سامان کڻي بس مان لٿاسين، ان کان پوءِ رڪشا ۾ ويٺاسين ۽ درگاھ جي طرف روانا ٿياسين. درگاھ کان ڪجھ پنڌ تي دڪان ئي دڪان هئا، ڪجھ دڪان گلن ۽ چادرن جا ته ڪجھ وري مٺائين، ۽ رانديڪن جا هئا. ان مارڪيٽ جي بلڪل سامهون درگاھ جو غمبذ صفا صاف نظر اچي رهيو هو. اسان انهن دڪانن تان مٺائي، چادرون ۽ گل خريد ڪيا، ان کان پوءِ درگاھ جي مک دروازي کان اندر داخل ٿياسين ته در جي ڀرسان هڪ وڏو گھنڊ ڏٺو جنهن کي هڪ مظاور زور زور سان وڄائي رهيو هو. ان گھنڊ جو آواز ٻڌي دل کي راحت ملي رهي هئي. درگاھ جي پڌر تي تمام گهڻا زائرين ويٺل نظر آيا. وري ٿورو اڳتي درگاھ جي در کان اندر داخل ٿياسين ته رگاھ جي آس پاس زائرين جو تمام گهڻو هجوم هو، هڪ پاسي عورتون ويٺل هيون ته ٻئي پاسي مرد ۽ ڪجھ زائرين مزار جي چوڌاري گهمي رهيا هئا ۽ ڪجھ وري تمام گهڻي عقيدت سان مٺائي ورهائي رهيا هئا ته ڪجھ ماڻهو قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري رهيا هئا. اسان به انهن سان گڏ ويٺاسين ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي.

ڪجھ دير درگاھ ۾ گذارڻ کان پوءِ اسان درگاھ جي سوني دروازي کان ٻاهر نڪتاسين ته اتي هڪ پاسي لنگر ورهاجي رهيو ڪجھ ماڻهو لنگر وٺي کائي رهيا هئا، اسان به لنگر وٺي کاڌو ٻئي پاسي ڪجھ ماڻهو تصويرون ڪڍي رهيا هئا. مون کي قلندر لعل شهباز تي لڳندڙ ڌمال جو بي صبري سان انتظار هو، پر ڌمال ۾ تمام گهڻو وقت هو ڇو ته اها  مغرب جي وقت لڳندي آهي، ان کانپوءِ قلندر لعل شهباز جي مريد مخدوم بلاول عرف بودلو بهار جي درگاھ تي زيارت ڪئي. درگاھ جي سامهون سيوهڻ جو هڪ قديمي قلعو واقع آهي، جنهن کي اوندهو قلعو به سڏيو ويندو آهي، ڇو ته ڪجھ ڏهاڪا سال اڳ اتي هڪ شهر واقع هو، جنهن ۾ ماڻهو به رهندا هئا، پر زلزلي اچڻ ڪري اهو شهر تباھ ٿي ويو هو ۽ اتي رهائش پزير ماڻهو دٻجي دفن ٿي ويا.

 ان جي ڪري ان کي اوندهو قلعو سڏيو ويندو آهي ان کان پوءِ اسان ان قديمي قلعي ڏانهن روانا ٿياسين، اهو قلعو شهر کان وڌيڪ اونچاهي تي هو اتان درگاھ جو غمبز، سيوهڻ شهر ۽ آس پاس جا ڳوٺ بلڪل صاف نظر اچي رهيا هئا.  ان کان پوءِ اسان منڇر ڍنڍ ڏانهن روانا ٿياسين منڇر ڍنڍ سيوهڻ کان ڪجھ ڪلو ميٽر اڳيان بوبڪ شهر کان ٿورو اڳيان واقع آهي، منڇر ڍنڍ ايشاءِ جي وڏي مان وڏي ڍنڍ آهي. ان ڍنڍ ۾ پهريان مٺو ۽ صاف پاڻي هوندو هو، پر ڪجھ فيڪٽرين جي گندي پاڻي جي ڇوڙ سبب اهو ويراني جو ڏيک ڏئي رهيو هو. جڏهن مينهن وسندو هو جبلن تان نيئن جو پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ جمع ٿيندو هو ان مٺي پاڻي هجڻ ڪري مڇي، پٻڻ، لوڙھ، بيھ ۽ ڪم ٿيندي هئي، اهي شيون سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور هونديون هيون اتان جا مهاڻا اهي شيون کڻي مختلف شهرن ۾ وڪرو ڪندا هئا. اهي شيون وڪڻي پنهنجو گذر سفر ڪندا هئا تنهن وقت ۾ اهي تمام خوشحال زندگي گذاريندا هئا، جڏهن اسان اتي پهتاسين ته ڍنڍ جي آس پاس ڪجھ ٻار ڏٺاسين جنهن کي پراڻا ڪپڙا پهريل پنهجي والدين سان مزدوري ڪري رهيا هئا، انهن ٻارن کي ڏسي تمام گهڻو افسوس ٿيو جنهن عمر انهن جي هٿن ۾ قلم  هجڻ گهرجي انهن کي پڙهن لکڻ گهرجي ان عمر ۾ انهن جي ڪلهن تي ذميداري جو بار هئو ڍنڍ جي ڀر ۾ مهاڻن جا گهر ڏٺا جيڪي تمام گهڻا زبون حال ۾ نظر آيا.

 منڇر ڍنڍ جي ڪپ تان گذر ٿيو اتي ڪجھ عورتون ڪپڙا ته ۽ ڪجھ ٿانو ڌوئي رهيون هيون انهن سان اسان ڳالھ ٻولھ ڪئي انهن جي ڳالهائڻ جي انداز ۾ ايڏي ته مٺهاس هئي جنهن ڪجھ دير ۾اسان کي پنهنجو بڻائي ڇڏيو. انهن جا وڏا ۽ عاليشان گهر ته نه هئا نه ئي وري انهن وٽ پئسو هو پر انهن جي دل تمام گهڻي وڏي هئي جيڪا شايد ڪنهن امير ماڻهون ۾ نه هجي، جيڪڏهن منڇر ڍنڍ ۾  فيڪٽرين جو گندو پاڻيءَ جو ڇوڙ ختم ڪيو وڃي ته ٻيهر ڍنڍ جو پاڻي مٺو ٿي سگهي ٿو ۽ اهو شهر ٻيهر آباد ٿي ويندو اتان جا ماروئڙا ٻيهر خوشحال زندگي گذاري سگهندا. ان کان پوءِ اسان منڇر ڍنڍ ۾ لٿاسين ٻيڙين ۾ ويٺاسين  ۽ ٻيڙين هلڻ شروع ڪيو ٻيڙين سان پاڻيءَ جي ڇولين جو ٽڪرائڻ ۽ زوردار هوائن سان دل کي سڪون ملي ويو. اهڙي طرح اسان پنهنجي سفر جا لمحا پنهنجي يادگار  بڻائي پنهنجي منزل ڏانهن واپس روانا ٿياسين.