Showing posts with label Khipro. Show all posts
Showing posts with label Khipro. Show all posts

Saturday, 5 December 2020

Paras Jarwar Travelogue Khipro

 

to be checked. No photo
سفرنامو
 کپرو تعلقي جي ڳوٺ ۾تعليم بابت سيمنار
پارس جروار: رول نمبر 40 ايم ايم سي ، پريويس
ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ 
 انهيءَ زماني ۾ اسان سنڌ يونيورسٽي جي سوشل ورڪ شعبي ۾ پڙهندا هئاسين. ان ڪري ڊپارٽمينٽ پاران مختلف هنڌن تي فيلڊ ورڪ جي سلسلي وڃڻ ٿيندو هو. اهڙي ريت فيلڊ جي حوالي سان کپرو ويجهو اڇڙي ٿر جي هڪ ڳوٺ ۾ وڃڻ ٿيو. کپرو اڇڙي ٿر جي گيٽ وي واري حيثيت رکي ٿو. ان ڳوٺ ۾ ڊاٽسن اڇڙي ٿر مان چڀڙن جي ڀريل بيٺي هئي. جنهن کي اسان جي گروپ وڏي تجسس سان ڏٺو، ته ان ڊاٽسن واري اسان کي ڪجهه چڀڙ کائڻ لاءِ ڏنا. جيڪي اسان گهر کڻي آيا هئاسين. سو ان سلسلي ۾ اسان انهيءَ ڏينهن آچر جو ڏينهن هو ۽ 10سپٽمبر 2018 جي صبح جو نسيم نگر چوڪ  تي سڄي گروپ نسيم نگر واري چوڪ وٽ ملڻ جو هنڌ مقرر ڪيل هيو. جمالي پيٽرول پمپ وٽان کپرو لاءَ  ٻه پوائيٽون  روانيون ٿيون . کپرو وزٽ جي لاءَ ٻن پوائنٽن ۾ 40 ڇوڪرا ۽ 6 ڇوڪريون شامل هيون. جنهن جي اڳواڻي سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ جو چئرمين سائين عباس شاه ڪري رهيو هو. جڏنهن ته ڊپارٽمينٽ جو ورڪر ذولفقار به ٽيم جي ڪم ڪار جي حوالي سان گڏ هيو. 
اسان جي پوائينٽ بس جيئين حيدرآباد ڇڏي مين روڊ تي هلڻ شروع ڪيو ته، ڇوڪرن جي دماغ به هلڻ شروع ڪيو، ڏسنڌي ڏسنڌي ڇوڪرا پاڻ مرادو ڳائڻ شروع ٿي ويا. ڪن ڇوڪرن پوائينٽ بس ۾ وڄندڙ  ڪلامن تي جهومر هڻڻ شروع ڪئي.اهڙي ريت جهومندا، ڳائيندا رهيا ۽ جهومر واري گروپ جا فوٽو به ڪڍڻ شروع ڪيا.اٽڪل چئن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ کپري پهتاسين. کپري جو شهر به عام شهرن وانگر ئي هيو. اسان کي ٻڌايو ويو ته کپرو اڇڙي ٿر جي ويجهو وارو شهر آهي. کپري ۾ تمام گهڻي ٽرانسپورٽ هئي. پراڻيون جيپون پيٽرو پمپن تي گهڻيون بيٺل نظر آيون . ٻڌايو ويو ته اڇڙي ٿر جي ريگستان ۾ ويندڙ انهن جيپن تي سفر ڪندا آهن. اڇڙي ٿر ۾ عام ٽرانسپورٽ ڪون هلي. پر ڪجهه  لانگ چيچس جيپون پنهنجي روٽ تي هلن ۾ جنهن ۾ راڻڪ ڏهر، راٻلائو، راڻاهو،سعدائو، جعفرائو، مئو وغيره ڏانهن وڃن. باقي ڪنهن کي ايمر جنسي واري ضرورت ۾ اهڙيون جيپون ڪرائي تي ڪڻيون پونديون آهن. کپرو کان ڪجهه پرڀرو ڳوـٺ ۾ اسان جي فيلڊ هئي. اهو ڳوٺ گهڻن ڪچن گهرن تي مشتمل ڪيو ۽ ڪجهه ٿورا پڪا گهر به هئا. ڳوٺ کي ڪنڊن جو لوڙها ڏنل هئا. ڪجهه گهرن کي ڀتن وارو ڪوٽ به هو. ڳوٺ جي گهٽن مان ٿيندا هڪ هنڌ تي پهتاسين. اهو هنڌ ڳوٺ جي اسڪول هيو. ٻن ڪمرن ۾ واري اوطاق هئي.اتي تعليم بابت سيمينار سڏايل هو،سيمينار ۾ تعليم بابت ڳالهايو ويو هو. ڳالهائيندڙن ۾ اسان جي شاگرن واري ٽيم مان صدام حسين جروار، عالم ڀرڳڙي،علي جاگيراڻي، زبير سمون۽ اياز ڳالهايو. جن تعليم جي اهميت ۽ خصوصي طور تي نياڻين جي تعليمي تي زور ڏنو. جڏنهن ته ڪجهه ڳوٺاڻن پڻ ڳالهايو، جن تعليم جي اهميت تي ڳالهايو۽ ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ اسڪول نه آهي. علائقي جي بااثر  ماڻهن کي اسڪول لاءِ تمام گهڻو چيو آهي ، پر اڃان تائين ڳوٺ ۾ اسڪول منظور نه ٿيو آهي. انکان سواءِ ڳوٺاڻن پيئڻ جي پاڻي جي مسئلي تي گهڻو ڳالهايو ۽ ٻڌايو ته سندن خواتين تمام گهڻو پري آهي. سيمنار ۾ سوال جواب به ٿيا ۽ تمام دلچسپي سان هڪ ٻئي جون ڳالهيون ٻڌيون ويون.  جنهن ۾ اسان جي ٽيم پڻ حصو ورتو هو. سيمنار ۾ ميڊيا جي اهميت تي پڻ ڳالهايو ويو. جنهن ۾ چيو ويو ته پرنٽ ۽ الٽرانيڪ ميڊيا جي زريعي ڳوٺ جي مسئلن تي ڪوريج ڪرائڻ تي زور ڏنو ويو. سيمنار ۾ ڪجهه مقامي ميڊيا سان لاڳاپيل پڻ موجود هئا. جن سيمنار جا فٽيج ورتا ۽ تقريرون ڪندڙن ،پروفيسر  عباس علي شاهه ۽ ڳوٺاڻن کان مسئلن بابت ڪمينٽ به ورتا. اسان ڇوڪرين جي ٽيم کي ڳوٺ ۾ ڪجهه گهرن جو وزٽ پڻ ڪرايو ويو هو.جنهن دوران مون محسوس ڪيو ته نه صرف هن ڳوٺ جون نياڻيون ، پر ڇوڪرا به تعليم کان محروم هئا. ڪيترائي ڇوڪرا مال  کي گاهه ڏيڻ ، گاه ڪرڻ ۽ ڪجهه اهڙن ٻين ڪمن ۾ مصروف ڏٺا ويا. مون ننڍڙن ننڍڙن ٻارن کان اسڪول ۾ نه پڙهڻ جو سبب به پڇيون، ته موٽ ۾ سڀني  گڏيل آواز ۾ چيو، اسان جي ڳوٺ ۾ اسڪول نه آهي. اسڪول ڳوٺ کان گهڻو پري آهي، روزانو اسان وٽ اسڪول جي اچ وڃ جو ڀاڙو ڪونهي. اتي جي ٻارن جن ۾ خصوصي طور ڇوڪرين ۾ پڙهڻ جو وڏو شوق هيو. ڇوڪريون اسان سان بنان ڪنهن حجاب جي ملي رهيون هيون ۽ پڙهڻ بابت پنهنجي شوق کان آگاه ڪري رهيون هيون. ڇوڪرين اهو به ٻڌايو ته   کين سندن ڪٽنب پاران ڳوٺ کان ٻاهر تعليم لاءِ وڃڻ جي اجازت نه ٿي ڏني وڃي ۽ ڳوٺ ۾ اسڪول نه آهي. سيمينار ۾ ٻڌايو ويو ته اتي پيئڻ جو پاڻي صاف مهيا نه آهي. ان ڪري اتي جي ٻارڙن ۽ عورتن ۾ پيٽ جون بيماريون آهن. جن ۾ جن ۾ هيپاٽائيٽس ۽ ٽائيفاڊ جي بيماري هئڻ جو پڻ سيمنار ۾ ٻڌايو ويو.ڳوٺ جا گهر ڪکاوان ۽ ڪچين ڀتين وارا هئا.پر اهي گهر ڪچي مٽي جي ڏنل راڳي سبب صاف ۽ سٿرا هئا. گهرن ۾ صفائي جو به ڳوٺاڻو سٺو انتظام نظر آيو.انهيءَ ڳوٺ ۾ اسان جو ڪلاس فيلو چمن ميگهواڙ به رهندڙ هو. جنهن اسان جي ڇوڪرين واري ٽيم کي پنهنجي گهر ۾ چانهه جي دعوت ڏني. جتي اسان چانهه پيتي ۽ ان جي فيمليءَ جي روايتي وڳا پاتل عورتن سان فوٽو به ڪڍايا. ساڳي ريت انهيءَ ڳوٺ ۾ اسان جو ٻيو ڪلاس فيلو سارنگ سومرو به رهندڙ هيو. ان جي گهر اسان جي ٽيم جي منجهند جي ماني جو بندوبست ٿيل هيو. اتي روايتي کاڌي سان گڏو گڏ مرغي ، چانورن سان گڏوگڏ لسي ماني به کاڌاسين.سارنگ سومري جي گهر ۾ هڪ ٽريڪٽر بيٺل هيو. اسان جي ٽيم جي ڪجهه ساٿين بيٺل ٽريڪٽر تي ويهي فوٽو به ڪڍايا. اسان کي سر پروفيسر انهيءَ فيلڊ کان پوءِ سنڌ جي ڳوٺن جي مسئلن تي تفصيلي آگاهي ڏني۽ چيو ته جڏنهن شهرن مان ڳوٺن ۾ وڃجي ٿو ته ائين پنهنجي سنڌ جي ڳوٺن جي ماڻهن جي مسئلن کان آگاهي هاصل ٿئي ٿي. ائين اسان کي سانگهڙ ضلعي جي کپرو تعلقي جي هڪ ڳوٺ جي ماڻهن جي تعليمي، هيلٿ، پيئڻ جي پاڻي ۽ ٻين سماجي مسئلن کان آگاهي حاصل ٿي. اسان کي واپسي ۾ حيدرآباد پهچڻ تائين رات ٿي وئي. 
 فيلڊ ورڪ دوران مون کي سنڌ جي هڪ ڳوٺ بابت وڏي ڄاڻ حاصل ٿي سگهي هئي.

Practical work Under supervision of Sir Sohail Sangi