Showing posts with label Bilal Mustafa. Show all posts
Showing posts with label Bilal Mustafa. Show all posts

Wednesday, 2 December 2020

Travelogue Bilal Mustafa Travelogue Rani Kot

 To be checked 

Pix showing ur presence there required 

No proper paragraphing 

Travelogue Rani Kot by Bilal Mustafa

Practical work Under supervision of Sir Sohail Sangi

”رني ڪوٽ ڏانهن پنڌ“ (ٽريلاگ)

 

بلال مُصطفيٰ ٻگهيو، ايم اي پريوس، رول نمبر سورنهن (16)

 

مُونکي رني ڪوٽ گهمڻ جو دلي شوق هيو توڙي جو ننڍي هوندي کان ڪتابن ۾ رني ڪوٽ ڏٺو هيو ان کان علاوه اهو به پڙھيو هيو ته چين جي عظيم ديوار کانپوءِ رني ڪوٽ  کي سنڌ جي عظيم ديوار طور ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي آھي. جتي پھچڻ شرط ئي سچ ته سڄي ڏينهن جي مسافريءَ جو ٿڪ ئي لهي ويو ڇاڪاڻ ته رني ڪوٽ کي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڏسڻ جي ڳالھ ئي ٽين هئي. جتي گذاريل پرڪيف لمحن جون روح رهاڻيون ڄڻ ته سموري زندگيءَ جو سهارو ٿي پيون آهن. جن جي سهاري باقي زندگي به ڄڻ ته بي مقصد نه لڳي رهي آهي. هونئن به مون کي پنهنجي زندگيءَ سان بي انتها پيار آهي ۽ آئون هر ايندڙ لمحي کي رب پاڪ طرفان موڪليل هڪ سهڻو تحفو سمجهان ٿو ۽ چاهيان ٿو ته مالڪ سائين جي هن حسين تحفي کي انسانيت جي خدمت ڪندي، غريبن مسڪينن جي مدد ڪندي، پنهنجن توڙي اوپرن سان نينهن نڀائيندي، وڏن جي عزت ڪندي، ننڍڙن سان شفقت سان هلندي ۽ والدين جي هر سڏ ۾ سڏ ڏئي گذاريان. جيڪو هن جهان ۾ رهندڙ هر ماڻھو جو اولين ڪم هجڻ گهرجي.

 


سيپٽمبر جو مهينو هو جنهن ڪري ايڏي سردي ڪا نه هئي ۽ سج صُبح ساڻ نروار ٿيندي حيدرآباد شهر کي پنهجي روشني سان روشن ڪري رهيو هيو، آئون به معمول مطابق سينگارجي تيار ٿيس ته موبائيل جي گهنٽي وڄڻ لڳي جيئن ئي هيلو ڪيم ته ڪنن تي منهنجي گهاٽي يار آفتاب جو آواز پيو جيڪو چئي رهيو هيو ته جلدي علي پيليس وٽ پهچ اسين تنهنجو انتظار ڪري رهيا آهيون، فون بند ڪندي تڙ تڪڙ ۾ گهڙي ئي ڪا نه گذري جو آئون سهڪندو سهڪندو اچي سندس ٻڌايل جڳھ تي پهتس ۽ ڪار ۾ ويٺس. قاسم آباد جا رستا منجهند ۽ رات جي وقت ته تمام گهڻا مصروف ملندا آهن پر صبح سوير روڊن ۽ رستن تي سانت لڳي پئي هئي.  گاڏي تيز هلندي ڪافي اڳتي نڪري چڪي هئي. تيز هلڻ وقت ڪٿي ڪٿي ڪيترن ئي ماڻھن تي نظر پئجي رهي هئي جن مان چند ريڙھين تي سبزيون کپائي رهيا هئا، ڪي فروٽ وڪڻي رهيا هئا، ڪي موٽرن ۾ چڙهي پنهنجي خاندان سان آچر جي ڏينهن کي خوشگوار بڻائڻ لاءِ مختلف تفريحي جڳهن ڏانهن ويندي نظر آيا، ڪٿي وري روزاني ڏهاڙي تي ڪمائڻ وارا مزدور جو ميڙ نظرن اڳيان پئي گذريو جيڪي روزي نه ملڻ ڪارڻ پريشان پئي لڳا. ايتري ۾ اسان جي موٽر گلستانِ سجاد، هونڊا پيليس، ڪراچي موري کان گذرندي اچي سنڌو درياھ جي وهندڙ سير مٿان ٺهيل خوبصورت پل جيڪا سموري ملڪ اندر المنظر نالي سان سڃاتي وڃي ٿي ان تي اچي پهتي جتي سنڌو اندر کاٻي طرف کان ڪجھ مهاڻا ٻيڙين وسيلي سندن گذرسفر لاءِ مڇيون ماري رهيا هئا. ملاحن ٻيڙيون پاڻ پئي هلايون. اسين کين ڏسندي ڏسندي وڌي رهيا هئاسين. صبح ساجهر جو وقت هو ۽ المنظر جا روح کي راحت بخشيندڙ منظر سچ ته اسان جي سفر کي ويتر پرسڪون ڪري رهيا هئا سي سڀ اڄ به دل ۾ سانڊيل آهن. سنڌو ڪناري لڳ بچاءَ بند تي لڳل خوبصورت وڻن تي ويٺل پکي سهڻا سهڻا ٻول ٻولي رهيا هئا.

 

المنظر کان گذرندي اسان جي موٽر تيز رفتار سان ڄامشوري شهر طرف وڌي رهي هئي. ڄامشورو جنهن کي علم جي شھر طور سڄي پاڪستان ۾ ھڪ اهم حيثيت حاصل آهي. جتي ٽي وڏا علمي درسگاھ آهن جن منجھ سنڌ جا هزارين شاگرد تعليم جهڙي عظيم زيور سان ملامال ٿي رهيا آهن ۽ سندن روشن مستقبل لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري محنتون ڪن پيا. ڄامشورو شهر مان ٿيندي گاڏي اچي انڊس هاءِ تي چڙھي. سفر دوران منهنجن ٻن ساٿين آفتاب ۽ محمد علي سان مختلف موضوعن تي ڪچھري به جاري ساري هئي گڏوگڏ سفر کي يادگار بڻائيندي کل ڀوڳ به ڪري رهيا هئاسين ته اوچتو اسان واري گاڏي جي ڊرائيور سگريٽ پيئڻ شروع ڪيو. اسان ٽئي ته هئاسين صوفي مڙس سو مڙئي ٿوري ڪاوڙ آئي پر هاڻي جيڪڏهن ڪيون پيا اظھار ته ٿئي پيو ڊرائيور ناراض سو اسان کي مجبورن برداشت ڪرڻو پيو هونئن به برادشت ڪرڻ ۽ خاموش رهڻ بهتر عمل هوندو آهي. اسان جي سماج ۾ شروع کان وٺ هڪ وڏو الميو رهيو آهي ته سگريٽ پيئندڙ ۽ يا وري ڪو ٻيو نشو ڪندڙ ڪنهن ٻئي جو خيال ئي ناهن ڪندا. جنهن مان پنهنجي معاشري منجھ رواداري ۽ سهپ تمام گهٽ نظر اچي پئي. اسان جي ملڪ اندر هر ٽين کان چوٿون ماڻھو ڪنهن نه ڪنهن نشي جو شڪار رهي ٿو جنهن سان ڪيترين ئي بيمارين ٿيڻ جو خدشو آهي. اسين عورتن ۽ ننڍڙن ٻارڙن جو به احترام نٿا ڪيون. جڏهن ته معاشرو ۽ اخلاقيات انهن ڳالهين جي خاص هدايت ڪن ٿا. دنيا جي ترقي ڪندڙ ملڪن تي نظر گهمائجي ٿي ته اتي مونکي ائين ٿيندي بلڪل به نٿو ملي. مون مختلف ڪتابن ۾ پڙھيو آهي ته انگليند، يورپ ۽ جپان ۾ هر ننڍي توڙي وڏي، ٻارڙن ۽ عورتن کي وڏي عزت، پيار، پنهنجائپ ۽ احترام سان ڏٺو وڃي ٿو.

 

گاڏي پنهنجي تيز رفتار ۾ ڪيترا ئي ننڍا وڏا ڳوٺ پٺتي ڇڏندي پنهنجي منزل طرف ڊڪي رهي هئي. جنهن دوران سهڻين جڳهن ۽ ڪٿي ڪٿي موجود خوبصورت وڻن جو نظارو به پئي ٿيو ۽ ذهن ۾ کوڙ سوچون پڻ جنم وٺي رهيون هيون. اڄ کان ٻه سئو سال پهرين جڏهن اهڙيون شهڪار موٽرون نه هونديون هيون ته هر جاندار ۽ بي جان شيءَ کي هڪ کان ٻي جڳھ تائين رسائڻ ۾ يقينن ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳي ويندا هئا ۽ ڪيتريون ئي مشڪلاتون درپيش اينديون هونديون. سچ ته هن جديد دؤر ۾ سائنس گهڻي ترقي ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته دير ئي نٿي ٿئي جو وڏي کان وڏو سفر به چنڌ ڪلاڪن ۾ طئي ڪري وڃي منزل کي رسجي ٿو. اوچتو اسان واري يار آفتاب دانهن ڪئي ته يار ڪو هوٽل ڏسو ته چانھ جو مزو وٺجي. مين روڊ ڀرسان موجود ڪنهن هوٽل تي گڏجي چانھ پيئڻ ۽ اڌ ڪلاڪ جو وقفو ڪرڻ بعد وري سفر جاري رکيوسين. تنهن وقت انڊس هاءِ صرف ون وي هوندو هيو جنهن ڪارڻ ڪيترا ئي حادثا روز جو معمول هوندا هئا. تنهنڪري ان روڊ تي نالو ئي خوني روڊ پئجي چڪو هيو ۽ ڊرائيورن کي انتهائيءَ احتياط سان گاڏيون هلائڻيون پونديون هيون. اسان به پنهنجي ڊرائيور کي آساني سان گاڏي هلائڻ جو مسلسل چئي رهياسين. ائين ڪندي گاڏي اچي سن شهر کي رسي جتان کان رني ڪوٽ اڃان ارڙھن ميل پري هيو. کاٻي طرف اندر روڊ وٺي وري گاڏي هلڻ شروع ڪيو. روڊ صحي تعمير ٿيل نه هيو تنهن جي ڪري خيال ڪرڻو پئي پيو. سنسان رستا جتي پري پري تائين ڪا به انساني جيوت نظر نه پئي آئي. صرف ڪٿي ڪٿي ڪو جانور پئي مليو ته ڪٿي وري گهاٽي جهنگ کي پري کان پئي ڏٺوسين. ائين ڏسندي ئي ڏسندي نيٺ اچي رني ڪوٽ تي پهتاسين ۽ ننڍپڻ کان هن تاريخي قلعي کي ڏسڻ جو جيڪو ارمان هيو سو گهڻي ڀاڳي پورو ٿيندي پئي مليو.

 

 

سنڌ تاريخ کان اڳ توڙي تاريخ کان پوءِ جي دؤرن جي قديم ھستين ۽ جوڙيل تاريخي قلعن ۾ نهايت شاهوڪار رهي آهي. ان قديم ورثي ۾ رني ڪوٽ واري قلعي جو پڻ شمار ٿئي ٿو. قديم سنڌو تاريخ، تمدن، تهذيب ۽ شاندار ماضي جو شاهد رني ڪوٽ وارو قلعو موجوده ضلعي ڄامشوري جي شهر سن کان پنجٽيھ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي کير ٿر جي جابلو سلسلي جي ٽڪرين تي پنهنجي منفرد، حيرت انگيز، پرسحر ۽ پنهنجي طلسماتي طرز تعمير جي صورت ۾ اڄ به پنهنجي صفِ هستي تي موجود آهي. قديم سنڌ جي تاريخي ورثي جي علامت ۽ سنڌ جي اهڃاڻ رني ڪوٽ قلعي جي تعمير تي نظر وجهجي ٿي ته قديم سنڌين جي فنِ تعمير ۾ مهرات ۽ ڪاريگري تي فخر ٿئي ٿو. ڇو ته رني ڪوٽ دنيا جي ڪنهن به عجوبي کان گهٽ ناهي. ٻٽيھن ڪلوميٽرن تي ورن وڪڙن تي تاريخي گمنامي جي ورچڙهيل ديوار سنڌ احساسن کان ويندي قديمي سنڌ جو سير ڪرائي ٿي. اسان دوست گهمندا گهمندا جڏهن جبل جي ٽڪري ساڻ موجود ورن وڪڙن واور نظارو دلفريب، دل لڀائيندڙ ۽ حيرت انگيز لڳي رهيو هيو گڏوگڏ اسان جي پنهنجي ڇھ هزار سال اڳ وارن قديم سنڌين جي ياد تازي پڻ ڪرائي رهيو هيو. ڪيترا نه عظيم هوندا اهي هٿ جن هن جي رٿا ڪئي هوندي جن هن کي تعمير ڪيو هوندو. هن ديوار کي ڪل چار درواز آهن جن مان اوڀر واري دروازي کي سن گيٽ چيو وڃي ٿو جنهن جي ٻنهي ڪنارن وٽ مورچا جوڙيل آهن ۽ جتان اسين داخل ٿيندي اڳت وڌي رهيا هئاسين. قلعي جي کاٻي پاسي گنبز جهڙو ڪمرو جڙيل هيو جنهن مان ثابت پئي ٿيو ته اهو اسلحي لاءِ استعمال ٿيندو هوندو. قلعي جي آخر تائين جڏهن پهتاسين ته عجيب ڪيفيتون هيون ۽ فطرت جا رنگ ئي نرالا هئا. جن منجهان لطف اندوز ٿيندي دلي تسڪين ملي رهي هئي. جنهن کانپوءِ آرام سان نانگ وانگر ور وڪڙ کائنيدڙ ديوار سنڌ تان هيٺ اچي رهيا هئاسين جتان هيٺ لهڻ ڪنهن خطري کان گهٽ ناهي هوندو. سياحن کي تمام گهڻو احتياط ڪرڻ لازمي هوندو آهي. جيئن ئي هيٺ پهتاسين ته دوستن جي گڏيل رٿابندي مطابق اسان کي ميري ڪوٽ ڏانهن به وڃڻو هيو. جيڪو پڻ پنهنجي جوڀن ۾ هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو. تاريخ جي ورقن مان ملي ٿو ته رني ڪوٽ مير ڪرم علي ٽالپر ۽ سندس ڀاءُ مير مراد علي 1812ع جي لڳ ڀڳ ٺهرايو هيو جنهن تي ان وقت جا 12,00,000 خرچ ٿيا هئا. قلعي جي ديوار ۾ موجود ڳڙڪيون ۽ شگاف جنگ دوران بچاءُ خاطر ڪتب آندا ويا آهن.

 

اسين ديوار سنڌ کان هيٺ لهي سن واري دروازي وٽ پھچي چڪا هئاسين. وقت به ڪيڏو نه بادشاھ آهي نه ڪڏهن ڪنهن جي ٻڌي ۽ نه ئي وري ڪڍي ڪنهن جي ڪاڻ بس پنهنجي رفتار سان هلندو رهي ٿو. جيئن ئي منهنجو ڌيان گهڙي طرف ويو ته گهڙي جي ٽڪ ٽڪ ٻڌائي رهي هئي ته منجهند جا ٽي ٿي چڪا آھن. پٿريلي زمين ۽ جابلو علائقو هئڻ ڪارڻ اسان کي هلڪي هلڪي گرمي محسوس ٿي رهي هئي. گاڏي ۾ ويٺاسين ته گاڏي ميري ڪوٽ طرف هلڻ شروع ڪيو. ميري ڪوٽ ويندڙ رستو تمام خراب ۽ انتھائيءَ سوھڙو ھجڻ ڪري ايندڙ جهاڪا اسان کي بک جو احساس ڏياري رهيا هئا. ائين لڳي رهيو هيو جيئن پيٽ ۾ ڪوئا پيا ڀڄن. اسين صبح سان ناشتو ته سٺو  ڪري آيا هئاسين ۽ ٻئي کاڌي جو بندوست به حيدرآباد کان ئي ٿيل هيو. پر جابلو پنڌ ڪرڻ لاءِ به سائين سگھ کپي. ميري ڪوٽ ڏانهن ايندي رستي ۾ هڪڙي پل ملي جنهن کي ڏسي ائين لڳي رهيو جو ان طرقياتي ڪم سالن کان رولڙي جو شڪار هجي جيڪا اڃان تائين جڙي راس ناهي ٿي جنهن ڪري سياحن کي ميري ڪوٽ طرف ايندي تمام گهڻي ڏکيائي کي منهن ڌيڻو پوي ٿو. نيٺ اسين به اچي ميري ڪوٽ وٽ پهتاسين. جتي هڪ طرف پري پري کان آيل سياحن جون لاريون، موٽرون ۽ ڪارون بيٺل نظر آيون. ٻئي طرف جيئن ئي پنهنجي گاڏي مان لهي اڳتي وڌياسين ته ڪيترن ئي ماڻھن جي رش پڻ نظر آئي. جيڪي سنڌ جي مختلف شهرن مان سنڌ جو هي تاريخي قلعو گهمڻ لاءِ پنهنجي خاندان سميت موجود هئا. ميري ڪوٽ جي وڏي دروازي کان گذرندي ان تي ٿيل مور ۽ گلن جي چٽسالي وارو ڪم ڏسي سنڌ جي آڳاٽي دؤر جي فنِ تعمير ۽ سونهن ويتر خوشگوار ڪرڻ لڳي. اڳتي هلندي جڏهن ان وڏي حال وٽ پهتاسين جنهن بابت لکيو وڃي ٿو ته ان وقت اهو حال ميرن ۽ ٽالپرن جي بيٺڪ هوندي هئي. حال جي کاٻي پاسي ٺهيل پاڻي جي وڏي کوھ تي نظر پئي جنهن مان اندازو ٿي ويو ته ان دؤر ۾ ان کوھ کي پيئڻ جي پاڻي لاءِ ئي استعمال ڪيو ويندو هوندو. جڏهن ويجهو وڃي ڏٺوسين ته کوھ پوري طرح سڪل هيو ۽ تري ۾ کوڙ گند ڪچرو پيل هئس.

 

ميري ڪوٽ قلعي اندر پهچندي ئي بک اسان جا اهڙا ته پاسا ورايا جو سڀ کان پهريون ڪم ماني کائڻ جو ڪيو. جنهن کانپوءِ قلعي کي گهميوسين. رستا اهڙي ته نادر نموني ٺهيل هيا جو گهمندي گهمندي اسين لطف اندوز ٿي رهيا هئاسين ۽ هلندي هلندي قلعي جي آخري ڇيڙي تائين وڃي رسياسين. جتان جي منظرن جي ته ڳالھ ئي وري ٻي هئي جڏهن هيٺ زمين تي نظر پئي وئي ته سرسبز ٻنيون ۽ ٻارا جيڪي قلعي جي کاٻي پاسي موجود هئا ڏسي دل باغ بهار پئي ٿي. ٻاهرين شهرن کان آيل سياح به مزو وٺي رهيا هئا. ائين پورو قلعو گهمندي گهمندي خبر ئي ڪا نه پئي تي سج اولھ طرف لڪندي پئي ويو. توڙي جو اسان کي ستين جي پڙ تي به وڃڻو هيو جيڪو ميري ڪوٽ کان تقريبن پندرنهن منٽن جي مفاصلي تي هيو. اونداھ ٿي چڪي هئي تنهن ڪري سانجهي محل اسان حيدرآباد ڏانهن ورڻ جي ڪئي. ٿڪل هجڻ ڪري گاڏي ۾ سڀني دوستن کي ننڍ اچي ورايو ۽ خبر ئي نه پئي جو رني ڪوٽ ياترا جي پڄاڻي ڪري رات جو دير سان اچي حيدرآباد پهتاسين.