It should have been written as if u are presenting this issue at some forum
”باڊھ ۾ آمدرفت جي اڻ هوند“
بلال مُصطفيٰ ٻگهيو، ايم اي پريوس، رول نمبر سورنهن
اڳوڻي دؤر جي ڳالھ ڪيون ته ماڻھن کي هڪٻئي ڏانهن اچڻ وڃڻ ۾ مهينن جا مهينا لڳي ويندا هئا، ڪٿي ته وري ڪنهن ويجهي عزيز وٽ مهمان ٿيڻ لاءِ سفر ايترو ته ڏور هوندو هيو جو سال گذرڻ جي به ڪا ئي خبر نه پوندي هئي ۽ هر شخص پيو وقت کي ٽپائيندو هيو پر اڄ جي هن جديد ٽيڪنالاجي واري دؤر ۾ جيڪا وقتائتي پذيرائي آمدرفت کي ملي آهي تنهن منجهان يقينن فائدو ته سڀني کي ٿيو ئي آ پر ان سان گڏوگڏ ماڻھن جي قيمتي وقت جي به بچت پڻ ٿي آهي.
دنيا جي ترقي يافته ملڪن تي نظر گهمائجي ته اسان کي کوڙ ساريون اهڙيون شيون ملنديون جن کي اسان جي ملڪ اندر استعمال ٿيندي اڃان ڪي ورهيه لڳندا. افسوس سان هتي اهو لکڻو پوي ٿو ته اسين ان معاشري جو حصو آهيون جتي عام شهرين کي ڪيترين ئي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو خاص ڪري سنڌ جا اهي پٺتي پيل علائقا جتان جي انتظاميه جو شهرن يا وري ننڍن ننڍن ڳوٺن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪو به بهتر عمل دخل ڏسندي ڏاڍو گهٽ اچي ٿو.
Do not generalise, be specific.
اهڙن ئي چند شھرن مان سٺ هزار کان به وڌيڪ آبادي رکندڙ باڊھ شھر جنهن جي تاريخي پسمنظر ۾ حيثيت رھي آهي جتان ڪيترن ئي تاريخ جي امر ڪردارن جو گذر پڻ ٿيو. باڊھ شهر جي رهاڪن کي شروع کان وٺي کوڙ سارا مسئلا پيش ايندا رهيا آهن پر انهن مان سڀ کان اهم مسئلو آمدرفت جي اڻ هوند جو نظر اچي ٿو.
هتي سڀ کان پهرين ان ڳالھ تي غور ڪرڻ لازمي آھي ته باڊھ شهر منجھ هر ٻئين مهيني ڀاڙن ۾ ٿيندڙ هٿرادو واڌ هڻي غريب ماڻھن جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ڪري کين اچڻ وڃڻ ۾ گهڻيون ئي ڏکيائيون پيش اچن ٿيون. ٻئي طرف ڏسون ٿا ته باڊھ جي ٽرانسپورٽ تي ٻن وڏين ڌرين جو رعب تاب نظر اچي ٿو جنهن ۾ ھڪڙا انڙ ۽ ٻيا زھري ملن ٿا، باڊھ کان لاڙڪاڻي ڏانهن ايندڙ ويندڙ ڏيهن کان به وڌ ويگنون ۽ بسون انهن ڌرين جون هلن ٿيون جڏهن ته باڊھ کان راڌڻ لاءِ صرف زهرين جون ئي ويگنون استعمال ٿين ٿيون ۽ وري باڊھ کان نصيرآباد روٽ تي چانڊين جون ويگنون هلائيون وڃن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ناڪارا ۽ خراب گاڏين کي ڏسون ٿا ته ويتر کوڙ نوان مسئلا ملن ٿا جهڙوڪ: سرڪار پاران پابندي مڙھڻ باوجود به ويگنن ۽ بسن جا مالڪ سلينڊر جو استعمال ڪن ٿا، پراڻيون گاڏيون هلايون وڃن ٿيون جن ۾ ويھڻ جون بنيادي سهولتون به ميسر ناهن، گاڏين جي حالت اهڙي ته بدتر هجي ٿي جو ڪهڙي وقت به حادثو پيش اچي سگهي ٿو. ويگنن ۽ بسن منجھ جڳھ نه هجڻ باوجود به گاڏيون پوري طرح هيٺان مٿان ڀري ويگنن جي پٺين جنگلن تي ماڻھو کنيا وڃن ٿا.
اهڙي نموني ڪلينڊرن جو جيڪو پيسينجرن سان ڏاڍ وارو رويو آهي تنهن ماڻھن منجھ هڪ اهڙو ماحول جوڙيو آهي جنهن سان ماڻھن مان ھاڻي سهپ ۽ پنهنجائپ وارو عمل تمام گهٽ ملي ٿو، مسافرن کان اڪثر سوڙھ ۽ ڀاڙي ۾ واڌ جي شڪايت تي کين گاڏين مان ڌڪا ڏئي لاٿو وڃي ٿو، نه صرف اهو پر ڪڏهن ڪڏهن ته وري ڪلينڊر مسافرن سان وڙھڻ لاءِ به تيار ٿي وڃن ٿا ۽ کين منهن ماري روز جو معمول بڻيل رهي ٿي، ايمرجنسي ۾ جيڪڏهن ڪو عام شهري پنهنجي ڀاڙي تي ڪار يا رڪشا ڪرائي وڃڻ گهري ٿو ته ان روٽ تي هلندڙ ويگنن جا منشي وڙھڻ لاءِ آتا هجن ٿا ۽ کين ان ڳالھ تان روڪي مجبور ڪن ٿا ته توهان کي هر حالت ۾ اسان جي گاڏين تي وڃڻو پوندو ٻي صورت ۾ اسين وڃڻ جي اجازت بلڪل به نه ڏينداسين جيڪو يقينن ناقابل برداشت ڏسجي ٿو، وقت جي به ڪا خاصي پابندي نظر نٿي اچي وڻين ته 10 بجي صبح واري گاڏي 12 بجي منجهند هلائن وڻين ته سوير جنهن سان مسافرن کي پنهنجين منزلن تي پهچڻ ۾ دير ٿئي ٿي ۽ وري ڪنهن روٽ سان خدا نه ڪري ڪا گاڏي خراب ٿئي مسافرن کي تيستائين انتظار ۾ رهڻو پوي ٿو جيستائين ساڳئي گاڏي ٺهي نٿي ڀلي پوءِ ڪنهن ماڻهو سان ڪيترو به لاچار ڇو نه هجي کين ڪو به متبادل ناهي ۽ ڪلينڊرن سميت ڊرائيور پاران به عورت مسافرن کي مسلسل مختلف طريقن سان حراس پڻ ڪيو وڃي ٿو.
اهڙي طرح هي ڳالھ به تمام اهم آهي ته ڊرائيورن پاران ٿيندڙ پيشوراڻي لاپرواهي ڪيتري قدر نقصانڪار ٿي سگهي ٿي تنهن جو ڪاٿو ئي ناهي، ويگنن توڙي بسن جا ڊرائيور گاڏيون هلائڻ دوران اسٽرنگ تي صرف هٿ رکي موبائيلن تي گيم کيڏندا رهن ٿا ساڻن ان ڳالھ جو ڪو به ڊپ ناهي ته کين ڪيترين ئي انساني زندگين جي ذميواري مٿن هجي ٿي، کوڙ ڊرائيور گاڏي هلائڻ کان پهرين منشيات جو استعمال ڪن ٿا جيڪا ڊرائيونگ دوران خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي جڏهن ته هڪٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي چڪر ۾ تيز رفتار ۾ گاڏيون هلائن ٿا جنهن سان ڪيترا ئي حادثا هر روز جو معمول بڻيل آھن.
مٿي ٻڌايل سمورين ڳالهين ساڻ هتي ان ڳالھ کي به چٽي طرح پڙھندڙن جو ڌيان شڪائڻ لازمي آھي ته جيڪڏهن انتظاميه جي نااهلي طرف ڏسون ٿا ته شهرين کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪي به بهتر اپاءُ نٿا ورتا وڃن، ٻيو ته ٺهيو پر عوام کي ڪو چڱو مسافرخانو به ميسر ناهي جو چند گهڙيون ويهي گاڏي جو انتظار ڪري سگهن، پرائيويٽ ٽرانسپورٽ مافيا کان جاگيردار ۽ وڏيرا پيسا وٺي کين مڪمل ڇوٽ ڏئي ڇڏين ٿا ته جيئن وڻين تيئن ڪن.
ضلعي انتظاميه کي گهرجي ته جلد کان جلد مسئلا حل ڪري شهرين کي گهڻي وقت کان آمدرفت جي اڻ هوند ڪارڻ درپيش ايندڙ مشڪلاتون کان بچايو وڃي.
No comments:
Post a Comment