Ali Murad Chnadio- Negative effects of watching TV
ٽي وي ڏسڻ جا نفسياتي ۽
جسماني صحت تي پوندڙ اثر
علي مراد چانڊيو، ايم
اي پريوس، رول نمبر 12
آمريڪي يونيورسٽي جي
يونيورسٽي آف ميچوئسٽ جي نفسيات شعبي جو پروفيسر ڊاڪٽر ڊينئل اينڊريسن (2002)
ڄاڻائي ٿو ته ٽيليويزن ۾ مار ڌاڙ جي ڪري ڏسندڙ جي رويي ۾ منفي اثر پوندا آهن، گهڻا
محقق هاڻي ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته اهو اثر ايترو ئي آهي جيترو سگريٽ پيئڻ ڪري
ڦڦڙن جو ڪينسر. 1950ع کان ٽيليويزن دنيا ۾ هڪ مشهور اوزار طور استعمال ٿيندو پيو
اچي، ٽيليويزن جا ڪيترائي مثبت ۽ منفي پاسا آهن، جيڪڏهن مثبت پاسن ڏانهن ڏسجي ته
ان ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ، تفريح حاصل ڪرڻ ۽ دنيا سان ڳنڍجڻ جو بهترين ذريعو آهي، جنهن
سان انساني ذهن جي نشوونما ۾ وڏو اثر پوي ٿو، پر ان هوندي ٽيليويزن جا ڪي نفسياتي
۽ جسماني منفي اثر پڻ آهن، يونيورسٽي آف ميچوئسٽ جي هڪ تحقيق موجب ٽي وي جا انساني
نفسيات تي هيٺيان اثر ڄاڻايا ويا آهن.
(1) عادي ٿي وڃڻ: هر ٽيڪنالاجي جو انساني نفسيات
تي گهرو اثر هوندو آهي ۽ شروع شروع ۾ انسان کي لڳندو آهي ته سندس زندگي ان
ٽيڪنالاجي بنا اڻپوري هوندي ۽ جيستائين هو ان جو استعمال نٿو ڪري تيستائين کيس
سڪون نٿو ملي.
(2) ڳالهه ڳالهه تي ڪاوڙ اچڻ: ٽي وي اسڪرين تي
مختلف خبرون ۽ مار ڌاڙ وارا پروگرام ڏسڻ سان ٻيو نفسياتي اثر اهو ٿئي ٿو ته ماڻهن
کي هڪدم ننڍي ننڍي ڳالهه تي ڪاوڙ اچڻ شروع ٿئي ٿي ۽ هو جيئن ٽي وي اسڪرين تي ڪو
لقاءَ ڏسي ٿو ته چاهي ٿو ته اصل زندگي ۾ به هو ائين ئي ڪري.
(3) ڊپريشن جو شڪار ٿيڻ: مختلف قسم جي چوري،
رتوڇاڻ يا سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافي ڏسي ٽي وي جو ڏسندڙ ڊپريشن جو شڪار ٿي ٿو وڃي ۽ ان
دوران هو جسماني توڙي نفسياتي مونجهارن ۾ وٺجي ٿو وڃي.
(4) ٽي وي تي ڀاڙڻ: ائين ته ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا
ڪيترائي وسيلا آهن پر ٽي وي ڏسندڙ جي نفسيات تي هڪ وڏو اثر اهو پوي ٿو ته هو ٻين وسيلن
تي آڌارڻ بدران رڳو ٽي وي جي اسڪرين تي ئي ڀاڙي ٿو ۽ جيڪو به ان کي ڏيکاريو ٿو
وڃي، ان کي سچ سمجهي ويهي ٿو.
(5) ٽي وي چئنلز پاران من پسند مواد ڏيکارڻ: نفسياتي
طور ماڻهن کي جڪڙڻ لاءِ ڪيترائي ٽي وي چئنلز پنهنجي مرضي جو منفي مواد ڏيکاريندا
آهن ۽ چوندا آهن ته اها ئي ماڻهن جي گهرج آهي، جنهن کي ڏسي ماڻهو ڪيترن ئي نفسياتي
مونجهارن جي ور چڙهي وڃي ٿو، ان جو بهترين مثال پاڪستاني ڊرامن وارا چئنلز آهن، جن
۾ مواد ڏسندڙ جي مرضي مطابق نه هوندو آهي پر چيو اهو ويندو آهي ته ماڻهو اهو مواد
ڏسڻ چاهين ٿا. (pne.people.si.umich.edu)
ايش لي
ويلش (2015) لاڳيتي ٽي وي ڏسڻ جا جسماني صحت تي 6 اهم منفي اثر بيان ڪيا آهن. هو
ڄاڻائي ٿي ته گهڻي دير ٽي وي ڏسڻ سان ماڻهو ٿلهو ٿي وڃي ٿو، ان حوالي سان هن سال
2003ع ۾ 50 هزار عورتن تي تحقيق ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ کيس معلوم ٿيو ته هر روز 2
ڪلاڪ مسلسل ٽي وي ڏسڻ سان 23 سيڪڙو عورتن ۾ ٿلهي ٿيڻ جا چانس وڌي وڃن ٿا، اهڙي ريت
ٻارن ۾ به لاڳيتو ٽي وي ڏسڻ سان ٿلهي ٿيڻ جي شرح وڌي وڃي ٿي. ان کانپوءِ هوءَ هارورڊ
يونيورسٽي جي پبلڪ هيلٿ اسڪول جي هڪ تحقيقي رپورٽ جو حوالو ڏيندي ڄاڻائي ٿي ته
گهڻي دير ٽي وي ڏسڻ سان شگر ٿيڻ جو به خطرو وڌي وڃي ٿو، ان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي
ته تحقيق کانپوءِ اها ڄاڻ ملي ته هر روز 2 ڪلاڪ لاڳيتو ٽي وي ڏسڻ سان ماڻهن ۾ شگر
وڌڻ جو خطرو وڃي ٿو. اهڙي ريت هنآمريڪي هارٽ ايسوسيئيشن جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي
ڄاڻايو آهي ته لاڳيتو ٽي وي ڏسڻ جي ڪري وقت کان اڳ موت ٿيڻ جو خطرو به وڌي وڃي ٿو.
ان رپورٽ ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته اهي نوجوان جيڪي ڏينهن ۾ ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ ٽي
وي ڏسن ٿا، اهي 40 کان 45 سالن جي ڄمار ۾ مختلف بيمارين جي ور چڙهي مري وڃن ٿا. ساڳي
تحقيق ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ٽي وي مان نڪرندڙ گرم شعاعن جي ڪري انسان جي ٻار
پيدا ڪرڻ واري قوت متاثر ٿئي ٿي. هن آمريڪن ميڊيڪل سوسائٽي جي تحقيق جو حوالو
ڏيندي ٻڌايو تهاهي تيز شعائون انسان جي اکين تي اثرانداز ٿين ٿيون ۽ انسان جي نظر
متاثر ٿئي ٿي. ان اداري جي هڪ رپورٽ موجب 30 سيڪڙو ٽي وي ڏسندڙ جن جي عمر 15 کان
20 سالن جي وچ ۾ آهي، انهن کي نظر جي عينڪ لڳي ٿي وڃي. ايش لي ويلش 2013ع جي هڪ
رپورٽ جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو آهي ته لاڳيتو ٽي وي ڏسڻ سان ٻار غير سماجي رويي جو
شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ کيس اها پرواهه بلڪل نٿي رهي ته سندس ڀرپاسي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟
حوالا:
(1) ڊينئل اينڊريسن، ڊاڪٽر، 2002ع، سائڪالاجيڪل
امپيڪٽس آف ٽيليويزن، سائڪالاجيڪل جنرل، آمريڪا، يونيورسٽي آف ميچوئسٽ
(2) pne.people.si.umich.edu
(3) ايش لي ويلش، 2015ع، سڪس ويز ٽي وي واچنگ هرٽس
يوئر هيلٿ، ايوري ڊي هيلٿ، آمريڪا
(4) www.wikipedia/tv/health